Wednesday, January 6, 2010

پريس رليز 05 جنوري 2010

جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع شڪارپور جي اليڪشن حيدر سنڌي اليڪشن ڪاميٽي چيئرمين جي زير نگراني ۾ ٿي گذري جنهن ۾ اڪثريت سان صدارت تي عبدالسميع بلالي، نائب صدر حاجي نثار جکرو، جنرل سيڪريٽري عبدالستار بروهي، ماليات سيڪريٽري امداد ويسر، پريس سيڪريٽري علي سجاد چغدو ڪامياب قرار ڏنا ويا، ان دوران ضلع صدر عبدالسميع بلالي چيو ته جسقم سنڌي قوم جي نمائندا جماعت ٿي اڀري آهي، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي بقا لاءِ جاني ۽ مالي قرباني کان ڪين ڪيٻائينداسين.

جسقم چيئرمين بشير خان قريشي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو سچو سپاهي آهي جنهن جا هٿ مضبوط ڪري سنڌي قوم کي خوشحالي ۽ ان جي حقن جي وارثي ڏيارينداسين.

0 comments:

Post a Comment