Tuesday, June 29, 2010

ديشي نوجوان




عهديدار





مرڪزي عهديدار





شهيد جي قبر تي







بشير خان جهنڊو چاڙهيندي


ديشي نوجوان





Saturday, June 26, 2010

سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ۽ آڪاش ملاح ڪيس

سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ۽ آڪاش ملاح ڪيس
ستارزنگيجو

سنڌ جو نوجوان سياسي ڪارڪن قومي اڳواڻ آڪاش ملاح کي 2 نومبر 2009 تي ڳجھن ادان کڻي گم ڪيوويو جنهن جو هيل تائين به ڪو ڏس پتو نه آهي. سندس مائٽ ۽ دوست ۽ سياسي ڪارڪن سندس زندگي بچائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۾آهن. احتجاجي مظاهرن هڙتالن کي وٺي هاءِ ڪورٽ جي انڪوائري ڪميشنن ،سپريم ڪورٽ، انٽرنيشنل ميڊيا ۾ آڪاش جي ڪيس کي سٺي ريت کنيو آهي تازو بي بي سي سائوٿ ايشيا پڻ وڏي پيماني تي رپورٽ ڪيو آهي. ورلڊسنڌي ڪانگريس آڪاش جي ڪيس کي ايمنيسٽي انٽرنيشنل ، اقوامِ متحده جي انساني حقن واري ڪائونسل آڏو پڻ رکيو آهي. تازو سپريم ڪورٽ هن جي ڪيس کي ڀرپور انداز ۾ کنيو آهي. جنهن ۾ روايتي طرح اميد جا ڪرڻا نظر اچن پيا ته جيڪڏهن آڪاش حال حيات آهي ته کيس ظاهر ڪيو وڃي. پر نه ڄاڻ ته آڪاش هيترن مهينن کان گمشدگي واري حالت ۾ ڪئين هوندو. آڪاش کي انکان پهرين به ڳجھن ادارن کڻي گم ڪيو هو. آڪاش ان کان اڳ 18 مهينا ڳجهن ادارن جي تحويل ۾ هو18 مئي 2006ع تي اغوا ڪري گم ڪيو ويو هو. هن جي پهرين گمشدگي ۽ آزادي کانپوءِ جڏهن هن سان ڪراچي ۾ ورلڊ ٽارچر ڊي تي ملاقات ٿي هئي ته هن ٻڌايو هو ته هن تشدد ايترو اثر ڪيو آهي جو هو دوستن کي صحيح طريقي سان سڃاڻي به نه ٿو سگھي. پر هاڻي جيڪڏهن آڪاش موٽي آيو ته سندس حالت ڪهڙي هوندي ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. آڪاش تي سڀ کان وڏو الزام اهورهيو آهي ته هو مسقتل سرگرم رهندو آهي. هي تمام گهڻو ايڪٽو ۽ انيرجيٽڪ بهادر سياسي ڪارڪن هو. هن ۾ اسٽيمنا ۽ تک تمام گھڻي هئي سنڌ جو نوجوان طبقو کيس تمام گھڻو چاهيندو هو ان لاءِ ته لاڳيتو ٻه ڀيراکيس جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي ۾ وائيس چيئرمين جي عهدي تي سوڀ ملي. سندس آزادي جو نه رڳو هن جا دوست ۽ سياسي ڪارڪن پر هاڻ سموري سنڌ هن جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿي. هن خيرت جي ڳڻتي سنڌ جي هر باشعور فرد کي آهي. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ هن سميت ٻين گم ٿيل سياسي ورڪرن جي گمشدگي تي اسان جي سنڌ اسيمبلي مڪمل طريقي سان خاموش ۽ لاتعلق آهي. ڇو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو کڻڻ سان سنڌ ۽ پاڪستان جمهوريت ۽ بنيادي انساني حقن تي تمام گھڻا سوال اٿن ٿا. گذريل مهيني جي 22 مئي تي نيشنل ڪرائسز مينجمينٽ سيل جي انچارج فريد خان صحافين کي ٻڌايو هو ته سنڌ مان 19 کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن ۽ بلوچستان مان 112 تعداد ٻڌايو پيو وڃي . جڏهن به بلوچن موجب اهو تعداد هزارن ۾ آهي. ڪرائيسز ميمجمينٽ سيل موجب اهو ڪونه چيو ته گم ٿيل ماڻهو ڪي رياستي ادارن جي تحويل ۾ آهن.جڏهن ته انهي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءِ جي حڪم تي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ هڪ ڪميشن جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي مائٽن کي انهي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. انهي ڪميشن کي 25 آڪسٽ 2010 تائين گم ٿيل ماڻهن بابت پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻي آهي. اهو ڪميشن پنهنجا اجلاس ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪندو. سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ڪوسٽ گارڊ ۽ ڳجها ادار مختلف ڪارڻن جي ڪري کڻي گم ڪن ٿا. اندازو اهو آهي آهي ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کان وڌيڪ سنڌي سامونڊي ماهيگيرن کي گم ڪيو ويندو. تازو ئي ٺٺي ضلعي جي جاتي تعلقي جي وچ شهر مان محمد حسن ٻورهيو نالي ماهيگير کي 21 مئي 2010 تي ذبردستي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. مقامي صحافي ۽ سندس مائيٽ انساني حقن جي تنطيمن سان ڀرپور طريقي سان رابطي ۾آهن. مقامي صحافين موجب محمد ٻورهيو کي ان لاءِ اغوا ڪيو ويو ته آهي هن تي دٻاءَ هو ته هو ڳجهن ادارن لاءِ ڪم ڪري. ٺٺي، بدين ۽ڪراچي جي لکين ماهيگرين کي مختلف طريقين سان دٻاءِ ۽ تشدد ۽ گم ڪري هيسايو وڃي ٿو يا کين دشمن ملڪ جي ايجنٽ هجڻ جي شڪ ۾ اغوا ڪيو وڃي ٿو. اهي ماڻهو جڏهن جبري ٽارچر سيلن جا عذاب سهي موٽي ماڳن ڏانهن اچن ٿا هڪ ته تشدد ڪارڻ اهي جسماني طور جڏا ٿي پون ٿا ۽ ذهني طور معزور ۽ چريا پڻ ٿي پون ٿا. پوءِ رياست جو ڪوبه ادارو انهن جو واءُ سواءَ ڪونه ٿو لهي. متاصر ٿيلن انهن فردن پويان ڪيترائي ڪٽنب فاڪاڪشي جو شڪار ٿي وڃن ۽ انهن لاءِ زندگي مستقل عذاب بڻجي وڃي ٿي. دنيا ۾ ڳجھا ادار ڪٿي به رياستي قانونن کان مٿاهان نه ٿا ٿين پر هن ملڪ قانون ۽ انسان حقن جي لتاڙ عام شي آهي. اڪثر رياستي ادارن جي اها نفسيات ٿئي ٿي ته اهي ڪنهن به فردکي گم ڪري حب الوطني جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. عام طور تي ڏٺو اهو ويو آهي ته سرڪار مذهبي دهشت گردن کي جلد ڪورٽن حوالي ڪري پنهنجي جند آجي ڪرائين ٿا. پر عام طور قومي سياسي ورڪرن آڪاش ملاح نور محمد خاصخيلي جهڙن ورڪرن کي ملڪ دشمن سمجهي مسلسل روايتي ڏاڍ جو نشانو بڻائيندي رهي ٿي. آڪاش ملاح ان کان اڳ به هڪڙي عذاب مان گذري آيو آهي. کيس 18 مهينن کان پوءِ ظاهر ڪيو ويو. بي بي سي سائوٿ ايشيا نيوز موجب رياستي ادارا جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي ملڪ دشمن سمجهي جبري اغوا ڪن ۽ پوءِ سندن مائيٽ پنهنجي ڪوششن ذريعي هاءِ ڪورٽن تائين پهچن ٿا. پر اڪثر ڪري جبري گم ٿيل ماڻهن خ
لاف ڪابه چارج (ڏوهه) نه ٿو هجي.

Wednesday, June 23, 2010

سائين جي ايم سيد جي قبر تي واعدا ڪندڙن جا واعدا وفا نه ٿيا

Tuesday, June 22, 2010

Basheer Khan On Qayoom Mangi Warsi


O Des Aane Wale Bata

او دیس سے آنے والے بتا کس حال میں ہیں یارانِ وطن؟
آوارۂ غربت کو بھی سنا کس رنگ میں ہیں کنعانِ وطن
وہ باغِ وطن، فردوسِ وطن، وہ سرو ِوطن، ریحانِ وطن
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی وطن میں ویسے ہی سرمست نظارے ہوتے ہیں
کیا اب بھی سہانی راتوں کو وہ چاند ستارے ہوتے ہیں
ہم کھیل جو کھیلا کرتے تھے، کیا اب بھی وہ سارے ہوتے ہیں
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا ہم کو وہاں کے باغوں کی مستاتہ فضائیں بھول گئیں؟
برکھا کی بہاریں بھول گئیں، ساون کی گھٹائیں بھول گئیں؟
دریا کے کنارے بھول گئے، جنگل کی ہوائیں بھول گئیں

کیا گاؤں میں اب بھی ویسی ہی، مستی بھری راتیں آتی ہیں؟
دیہات کی کمسن ماہ وشیں، تالاب کی جانب جاتیں ہیں
اور چاند کی سادہ روشنی میں رنگیں ترانے گاتی ہیں

کیا گاؤں پہ اب بھی ساون میں برکھا کی بہاریں آتی ہیں؟
معصوم گھروں سے بُھوربَہِی چکّی کی صدائیں آتی ہیں؟
اور یاد میں اپنے میکے کی بچھڑی ہوئی سکھیا گاتی ہیں؟

کیا اب بھی پرانے کھنڈروں پر تاریخ کی عبرت طاری ہے؟
انپُرن کے اجڑے مندر پر مایوسی و حسرت طاری ہے؟
سنسان گھروں پر چھاؤنی کی ویرانی و رِقّت طاری ہے؟

او دیس سے آنے والے بتا!۔
شاداب شگفتہ پھولوں سے معمور ہیں گلزرا اب، کہ نہیں؟
بازار میں مالن لاتی ہے، پھولوں کے گندھے ہار اب، کہ نہیں؟
اور شوق سے ٹوٹے پڑتے ہیں، نوعمر خریدار، اب، کہ نہیں؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی وہاں ویسی ہی جواں اور مدھ بھری راتیں ہوتی ہیں؟
کیا رات بھر اب بھی گیتوں کی اور پیار کی باتیں ہوتی ہیں؟
وہ حسن کے جادو چلتے ہیں وہ عشق کی گھاتیں ہوتی ہیں؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی وہاں کے پنگھٹ پر پِنہاریاں پانی بھرتی ہیں؟
آنگڑائی کا نقشہ بن بن کر، سب ماتھے پہ گاگر دھرتی ہیں؟
اور اپنے گھر کو جاتے ہوئے، ہنستی ہوئی چوہلیں کرتیں ہیں؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی پہاڑی گھاٹیوں میں، گھنگھور گھٹائیں گونجتی ہیں؟
ساحل کے گھنیرے پیڑوں میں، برکھا کی صدائیں گونجتی ہیں؟
جھینگر کے ترانے جاگتے ہیں، موروں کی صدائیں گونجتی ہیں؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی وہاں میلوں میں وہی برسات کا جوبن ہوتا ہے؟
پھیلے ہوئے بڑ کی شاخوں میں، جھولوں کا نشیمن ہوتا ہے؟
امڈے ہوئے بادل ہوتے ہیں، چھایا ہوا ساون ہوتا ہے؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی وہان برسات کے دن، باغوں میں بہاریں آتی ہیں؟
معصوم و حسیں دوشیزائیں، برکھا کے ترانے گاتی ہیں؟
اور تیتریوں کی طرح سے رنگيں جھولوں پر لہراتی ہيں؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا پہلے سی ہے معصوم ابھی، وہ مدرسے کی شاداب فضا؟
کچھ بھولے ہوئے دن گزرے ہیں جس میں وہ مثالِ خواب فضا؟
وہ کھیل، وہ ہمسن، وہ میداں، وہ خواب گہِ مَہتاب فضا؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی کسی کے سینے میں باقی ہے ہماری چاہ بتا؟
کیا یاد ہمیں بھی کرتا ہے اب یاروں میں کوئی، آہ! بتا؟
او دیس سے آنے والے بتا، للّہ بتا للّہ بتا
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی فجر دم چرواہے، ریوڑ کو چرانے جاتے ہیں؟
اور شام کو دھندلے سایوں کے ہمراہ گھر کو آتے ہیں؟
اور اپنی رسیلی بانسریوں میں عشق کے نغمے گاتے ہیں؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

آخر میں یہ حسرت ہے کہ بتا، وہ غارتِ ایماں کیسی ہے؟
بچپن میں جو آفت ڈھاتی تھی وہ آفتِ دوراں کیسی ہے؟
ہم دونوں تھے جس کے پروانے وہ شمعِِ شبستاں کیسی ہے؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

مرجاناں تھا جس کا نام بتا، وہ غنچۂ دہن کس حال میں ہے؟
جس پر تھے فدا طفلانِ وطن، وہ جانِ وطن کس حال میں ہے؟
وہ سروِ چمن، وہ رشکِ وطن، وہ سیم بدن کس حال میں ہے؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

اب نامِ خدا ہوگی وہ جواں، میکے میں ہے یا سُسرال گئی؟
دوشیزہ ہے یا آفت میں اسےکمبخت جوانی ڈال گئی؟
گھر پر ہی رہی یا گھر سے گئی، خوشحال رہی، خوشحال گئی؟
او دیس سے آنے والے بتا!۔

کیا اب بھی ہمارے گاؤں میں، گھنگرو ہیں ہوا کے پاؤں میں؟
کیا آگ لگی ہے چھاؤں میں، موسم کا اشارہ کیسا ہے؟
اے دیس سے آنے والے بتا، وہ دیس ہمارا کیسا ہے؟

)اختر شیرانی – احمد فراز(

Friday, June 11, 2010

Sain G Syed

درياهه جي هن پار ـــــ سن ۾

ــــــــــ الطاف شيخ


جي ايم سيد جي بيڊ روم ۾ وڏن اکرن ۾ لکيل شعر:

رت ديــــــش تنهنجـــي راه ۾
جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي

سائين جي ايم سيد سان ملڻ لاءِ هالا کان نڪتس. ڪار ذريعي حيدرآباد ڄامشورو کان ڦري سن وڃڻ بدران مون هالا ڀاڻوٽ کان ئي ٻيڙيءَ رستي درياهه ٽپي هن پار وڃڻ چاهيو ٿي جئين ٻيلو پڻ ڏسي سگهجي.

مون سان گڏ ڀاڻوٺ جو سيد جيئندل شاهه پڻ هو تنهن صلاح ڏني ته هالا وٽان درياه ٽپي وري ٻي پاسي سن پهچڻ لاءِ ڪا سوراي ڳولڻ بدران محراب پور وٽان ڇو نه درياهه ٽپجي جئين سڌو سن لهجي.

جيئندل شاهه پنهنجي جيپ کنئي جيڪا 1952ع جو فورڊ ماڊل هئي. اها جيپ ڪنهن زماني ۾ انگريز آرميءَ جي ملڪيت هئي. 37 سال پراڻي جيپ ڪجهه پيٽرول، ڪجهه will power ۽ ڪجهه ٻڌل تعويذن جي زور تي اڃان تائين ڪيئن پئي هلي؟ ان جي هلائڻ واري ۽ رب کي وڏي سڌ في الحال پنج ڇهه ماڻهو منهنجا ۽ شاهه صاحب جا کڻي مينهن واه ڪندي ٿي هلي. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ الاهي ڇا هوندي. ڄائي ڄم جي وقت جا لکيل گيئر نمبر ۽ instructions ته هڙ ڊهي ويا هئس. بس فقط اها چوڻي چٽيءَ طرح پڙهڻ ۾ آئي پئي جيڪا شايد بعد ۾ ڪنهن انگريز فوجي عملدار يا جيئندل شاه لکرائي مٿس هنئي آهي:

Men only have two faults
Everything they say
And everything they do

____________________________________

سڄي واٽ جيئندل شاهه خبرون ڪندو هليو. پوليس جون، ڌاڙيلن جون، هارين زميندارن جون، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ولايت جون__خاص ڪري عراق، ايران، شام مصر جون__جيڪي ملڪ هن ور ور ڏيئي گهيا آهن.

سڪرند تائين نئشنل هاءِ وي کان آياسين ان بعد کاٻي پاسي محراب پور ڏي رخ رکيوسين. اهو علائقو ڏاڍو صاف سٿرو ۽ سرسبز لڳو ٿي. ”سائين جي ايم سيد کي ٻه پٽ آهن. وڏي پٽ امير حيدر جي سن ۾ زمينداري آهي ۽ ننڍو پٽ امداد محمد شاهه هن پاسي (نواب شاهه ضلعي ۾) زمينداري ڪري ٿو“ ، جيئندل شاهه ٻڌائيندو هليو. ”ٻيلي تائين امداد شاهه جون زمينون ڀليون، ماڻهو پورهيت ۽ خوش گذارين ٿا. شبير احمد شاه، بشير احمد شاهه MNA جو ڀاءُ ٿئي. اصل کان وڏو ماڻهو آهن. شبير شاهه جي ڏاڏي حاجي پير شاهه وٽ چون ٿا ته ايڏي دولت هوندي هئي جو سڪن مٿان رڍن جا ڌڻ ڇڏيا ويندا هئا جئين کرن سان انهي تي چڙهيل ڪٽ لاهين.

محراب پور جي ڀرپاسي ۾ ٻه چار ٻيا ڳوٺ به آيا. هڪ ته شايد مجيد ڪيريو نالي ڳوٺ هو. سنڌ جي ڳوٺن جي حساب کان هن ڳوٺ جون سٺيون ۽ پڪيون جايون هيون. لڳو ٿي ته هتي جا ماڻهو واقعي سکيا ستابا آهن. جيئندل شاهه ٻڌايو ته ان ڳوٺ ۾ ميمڻ رهن ٿا جيڪي سالن کان سعودي عرب ۾ پورهيو ۽ نوڪري ڪن ٿا.

سياري جي ڪري درياهه لٿل هو. هتي اهو ٻڌائڻ بيجا نه ٿيندو ته سنڌونديءَ جو پيٽ ٻارهوئي هڪ جيترو ناهي. سياري ۾ جڏهن جبلن تي ڪريل برف پگهري نٿي ته پاڻي گهٽجيو وڃي. ڪجهه بئراجن ۽ ڊئمن ڪري پاڻيءَ جي روڪ ٿام ٿئي ٿي. ان ڪري سياري ۾ سنڌو نديءَ جو پيٽ ميل اڌ به ڪو مس رهي ٿو. ۽ ان پيٽ ۾ به ڪٿي ڪٿي مٿاهين زمين آهي ته اتي ننڍا ننڍا ٻيٽ ٺهيو پون. ڄام شوري جي پل کانپوءِ ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻي بنهه نٿو بچي جو عربي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري. درياهه سڪو ٺوٺ ٿيو پيو هوندو آهي. درياهه جي پيٽ مان ڌوڙ پيئي اوڏامندي آهي.

اونهاري ۾ برف وٽڙي ٿي. مينهن پون ٿا ۽ دريا فل ٿيو وڃي. پاڻيءَ کي رکڻ بدران جنهن تنهن ڊئم جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ پوءِ دريا ٻوڙ ٻوڙان لاهيو ڏئي. مهراڻ جي ٻوڙ ٻوڙان ۽ اٿل پاٿل ڪري ان جو پيٽ پنجن کان ستن ميلن تائين ٿيو وڃي ۽ مٽيءَ جي بند تائين وڃيو پهچي.

سياري ۾ پاڻي جي لهڻ ڪري ان زمين تي پوک ڪئي وڃي ٿي. ان کي ڪچي جي زمين سڏجي ٿو. ۽ مٽي جي بند کان وٺي درياهه تائين ڪٿي ڪٿي گهاٽا ٻيلا پڻ آهن. ڪي جي علائقي ۾، جيڪو سکر لاڙڪاڻي دادو حيدرآباد، خيرپور ۽ ٺٽي نواب شاهه ضلعي ۾ اچي وڃي ٿو، اٽڪل لک کن ماڻهو رهن ٿا. جن جي پوک، مال چارڻ ۽ ٻيلن مان ڪاٺ، ماکي، کونئر، لاک جهڙين شين تي گذر سفر ٿئي ٿو. گهاٽو ٻيلو ڪافي عرصي کان ڏوهارين لاءِ پناه گاه رهندو اچي. پر هن کان اڳ انهن جو ڏوه مال جي چوريءَ تائين محدود رهيو ٿي. پر پوءِ هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته 1982ع کان جڏهن سکر جيل مان پرو چانڊيو موت جي سزا کان پاڻ بچائي ڀڳو ته هن دوادو ضلعي جي ڀر واري ٻيلي ۾ ٻه سوء کن ماڻهن جي ٽولي سميت پنهنجو اڏو اچي ٺاهيو. ان بعد 1983ع ۾ ايم ار ڊي جي تحريڪ جي ناڪاميابيءَ بعد، جنهن جو شڪار فقط سنڌي ٿيا. بي روزگاري ۽ ظلمن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪيترن کي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن به اچي ٻيلي ۾ پناه ورتي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترن ئي ناليرن ڌاڙيلن جا نالا اخبارن ۽ ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. هاڻ هن ٻيلي ۾ سون بدران هزارين ماڻهو روپوش آهن.فقط علي گوهر چانڊيو جي ٽولي جو انگ پنج سو کان مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. ان کان علاوه ٻين وڏن ٽولن ۾ علي گوهر ڏيپراڻي، وزير خشڪ، جمعو خشڪ، قادو، اڪبر کوسو، ڪارو ماڇي، الهه ڏنو ماڇي، بقادار شاهه ۽ حضور بخش رند جا نالا مشهور آهن.

درياهه جي ڀر واري گهاٽي ٻيلي مان گذري جيپ اچي اسان کي درياه جي ڪناري تي ڇڏيو. ٻيڙي تيار بيٺي هئي پر اها ننڍي قد بت جي هئي. اسان جيپ کي به درياهه جي هن پار ٽپائڻ چاهيو ٿي. پوءِ ان ٻيڙي وارا ملاح ٻي ڀر ويا جتي اها ٻيڙي ڇڏي ٻي وڏي ٻيڙي ۽ مٿس جيپ چاڙهڻ لاءِ ڪاٺ جا ڊگها تختا کڻي آيا. دريا جو ميل کن ٽپي هن پار وڃڻ، جتان ٻيڙي کڻي اچڻ ۽ پوءِ جيپ چاڙهي ٻي ڀر پهچڻ ۾ ايترو وقت لڳو جيترو ڪراچيءَ کان هوائي جهاز رستي جدي تائين پهچڻ ۾ لڳندو آهي.

ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي وچ ۾ ان کان ٻيڻو ٽيڻو درياه آهي. پينانگ ۽ بٽرورٿ جي وچ ۾ ان کان پنجوڻو پاڻيءَ جو پنڌ آهي پر فيريون ۽ لانچ_ٻيڙيون ڏهه_پنڌرهن منٽن ۾ ڪراس ڪريو وڃن. پر دنيا جي هن جهوني ۽ تواريخي درياه مٿان، هن هنڌ تي، ڪوبه اهڙو سرڪاري بندوبست عوام لاءِ ٿيل ناهي. درياه جي ڪناري جا ويچارا غريب ڪلاڪن کان ٻيڙيءَ جي آسري ۾ ڪناري تي ويٺل هئا. سندن چهرا ايترو هيسيل جو جيل ۾ رهندڙ قيدين جا به نه هجن، پوليس جي هر وقت جي مار موچڙي، ڌاڙيلن جي خوف خطري ۽ بي روزگاري ۽ بيماري جي راڪاس کين هيڻو بڻائي ڇڏيو آهي. اسانجي ملڪ جي وڏن شهرن جي وڏين عمارتن ۾ رهندڙ ٿر جي ڏڪاريلن ۽ درياهه جي ڪپر تي رهندڙ هنن ماڻهن جي غربت جو سوچي نٿا سگهن.

ٻيڙي اچڻ جي انتظار ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ پيرسن پنهنجي جوان نينگر کي ٻانهن کان وٺيو پئي آيو. ههڙيءَ سيءَ ۾ سندس مٿو اگهاڙو ۽ پير اگهاڙا هئا. بدن ٿي فقط هڪ ڦاٽل قميص۽ ڦاٽل سئيٽر هو. ويجهو اچڻ تي خبر پيئي ته نينگر اکين کان بي نور آهي.

”چاچا هي ڄائي ڄم کان ائين آهي يا پوءِ ٿيو؟“ مون پيرسن مرد کان سندس پٽ بابت پڇيو.

”پوءِ ٿيو. اکيون اٿي پيس. اسين غريب ماڻهو ڪٿان ڊاڪٽر کي ڳوليون ۽ ڪٿان ان جي فين لاءِ پئسو آڻيون. هِن هُن جا ڏس پتا ۽ ڦڪيون ستيون اکين ۾ وجهندا رهاسين. اکيون ڇٽڻ بدران ڪڙهي پيس ۽ آهستي نور به چٽ ٿي ويس. ڪو چوي ٿو ته جنڙيءَ جو اثر اٿس. ڪو چوي ٿو ته مٿس ڪنهن ڪامڻ ڪيا آهن. پهچ آهر ڪوبه فقير بزرگ يا درگاهه مقبرو نه ڇڏيو اٿئون پر ڇوڪرو اکين ڏسڻ لاءِ آيو هو تنهن چيو ته اکين جون نسون سڙي ويون آهن، نور واپس موٽي نٿو سگهي.“

هڪ ٻه همراهه ڪاٺين جي ڀري سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا. جيئندل شاهه ٻڌايو ته هي ماڻهو سن جا آهن. هن پاسي ٻيلي ۾ ڪاٺين ۽ ڇوڏن لاءِ ايندا آهن. جيڪي ميڙو چونڊو ڪن اهو واپس سن ۾ وڪڻن.

”هن ڪاٺين جي لڏ مان ڀائو گهڻوڪمائين__؟“ مون هڪ کان پڇيو.

”بس پنج رپيا کن مليو وڃن.“

”پوءِ ان مان ٻه رپيا ته ٻيڙيءَ جو ڀاڙو ٿيو.“

”ها. پر ٻيڙي وارو اسان کان ڀاڙو ڪونه وٺي. هفتي سوا ۾ هڪ اڌ ڪاٺين جي لڏ پاڻ رکي ڇڏيندو آهي.“

”ٽيهه رپيا به ڪٿي ٿا ٿين. پوليس ۽ ٻيلي کاتي وارن جي به پٺيان کٽِ ڦٽ لڳي رهندي آهي. جيڪي ملي ان مان ڪجهه هنن کي به ڏيون. تنهن هوندي به ڪنهن ڏينهن ڪاٺيون چونڊڻ لاءِ ڇڏين ته ڪنهن ڏينهن موچڙا هڻي ٻيلي مان ڀڄايو ڪڍن.“

سڄي ٻيڙيءَ ۾ جي اڇي اجري پوشاڪ وارو هو ته هڪ ڌاريون پٺاڻ هو جنهن کي ٻيڙيءَ ۾ باقي ويٺلن مان ڪنهن به سڃاتو نٿي. کيس ناسي رنگ جي سٿڻ قميص هئي. ٻانهن ۾ ڪا اوچي واچ ۽ ساڄي هٿ جي ٻن آڱرين ۾ ٿلهيون سونيون منڊيون. مون هن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کي اڙدو ته ڇا پشتو به نٿي آئي ۽ نه هن پسند ٿي ڪيو ته ڪو هن سان ڳالهائي يا هن ڪو دلچسپي وٺي. مون سان گڏ ٻين آيل همراهن ٻڌايو ته هو افغاني ٿو لڳي. ٻيڙيءَ واري کان پڇيم ته هي ڪير آهي ۽ ڪٿي ٿو ڪم ڪري.

”سائين خبر ناهي. اهي افغاني ايندا رهن ٿا ۽ هتي ٻيلي ۾ ئي لهيو پون. الله کي خبر ته ڪهڙو ڌنڌو ڌاڙي اٿن. اسان غريب ماڻهو کانئن ڇا پڇون ته ڇو پيا اچو وڃو. ٿي سگهي ٿو سرڪاري نوڪري وارا هجن يا فوجي هجن.“

مون کي ٻيڙي واري جي معصوميت ۽ سادگيءَ تي تعجب لڳو ته ڪو اجنبي اچيو وڃي ته هنن کي اها به خبر نٿي پوي ته هو ڪير آهي. پٺاڻ، افغاني، ملڪي يا غير ملڪي، آمريڪي، روسي، سڄڻ ويري__ڪا ڄاڻ نه. ۽ نه ان ڄاڻ جي ولوڙ. هنن لاءِ هر هڪ ماڻهو ائين آهي جيئن اسان لاءِ انگريزن جي دور ۾ هر گورو ماڻهو انگريز بهادر برابر هو. پوءِ چاهي کڻي اهو رومنيا بلغاريا جهڙي ڪنگال ملڪ جو هجي يا آسٽريليا ڪئناڊا جهڙي بيٺڪي راڄ جو. اسان جي لاءِ هر اڇي کل وارو انگريز صاحب هو. جنهن اڳيان جهڪي ٿي پياسين. ساڳي طرح ٻيلي ۽ درياه جي ڪناري تي رهندڙ هنن غريب ماڻهن جي لاءِ هر اڇي اجري پوشاڪ وارو سرڪاري عملدار آهي يا فوجي. اٽي لٽي ۽ اجهي جهڙين بنيادي ضرورتن هي پڙن ۾ حال بي حال هي اسانجا ڳوٺاڻا، پنهنجين ئي پريشانين ۾ ايڏو مشغول رکيا ويا آهن جو سندن سڄي زندگي چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر پنهنجي اردگد ئي گذريو وڃي.

دريا جي ٻي پار، يعني دادو ضلعي واري پاڻ ۽ جيپ کي ٻيڙيءَ تان لاٿوسين. جنهن ۾ چڙهي سن شهر روانا ٿياسين___جيڪو ان پتڻ کان ڪو ميل کن به مس هو.

سن اچڻ کان اڳ سن شهر جو نقشو منهنجي دماغ ۾ ڪجهه ٻيو ئي هو. سن شهر جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جهڙي طاقتور هستي رهي ٿي___جنهن هستي جو سياست، سماج، ادب ۽ فالوشپ ۾ قدبت، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي تمام وڏو آهي. سن شهر جيڪو دريا جي ڪناري تي آهي ۽ ايامن کان هن جي هڪ بندرگاهه واري حيثيت رهي آهي. انهن ڳالهين ڪري مونکي هي شهر آمريڪا جي دريائي شهرن: نيو اور لينس ۽ هيوسٽن جهڙو کڻي گهڻو ٽيڪنيڪل ۽ ترقي يافته نٿي محسوس ٿيو پر ته به پنجاب جي ساڳي پوزيشن وارن شهرن جهڙو لڳو ٿي. ۽ پڪ هيم ته درياهه ته درياهه جي ڪناري هجن ڪري ۽ سائين جي ايم سيد جي اهم رتبي ۽ سمجهه ڪري هن شهر ۾ ڪيترائي ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هونديون جن ۾ شهر جو هڪ هڪ ماڻهون سُکي زندگي گذارڻ لاءِ پئسو ڪمائڻ ۾ مشغول هوندو. پر افسوس جو پري کان ئي سن شهر جي به sky-line اهرڙي نظر آئي جهڙي سنڌ جي ٻين غرين ڳوٺن جي آهي. ڪنهن به ڪارخاني فئڪٽري جي چمني ۽ ان مان نڪرندڙ دونهون نظر نه آيو. ڪارخاني جي ڪنهن انجن يا مشين جي پرزن جو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. ڪنهن به ڪچي مال جي يا فئڪٽريءَ ۾ تيار ٿي نڪرندڙ سامان جي ڀريل ٽرڪ لاري يا ڊڳي گاڏي نظر نه آئي. سنڌ جي ٻين پٺتي پيل ۽ غريب شهرن وانگر هي شهر سن پڻ هو جنهن جا واندا ماڻهو هوٽلن جي منجن ٿي ۽ دڪان جي اڳيان ڌڪين تي ويٺا هئا ۽ ٻار ڪرفتيءَ سان اٿلندڙ نالين جي ڪپر تي بلورن راند کيڏي رهيا هئا.

پر ان هوندي نه هن شهر سن جا ماڻهو پاڻ کي سنڌ جي ٻين شهرين کان وڌيڪ خوش نصيب سمجهن ٿا. موجوده حالتن جي ڀيٽ ڪري هنن شڪر ڪيو ٿي، بقول هڪ ميمڻ دڪاندار جي: ” سائين سنڌ ۾ فقط سن ئي آهي جتي سڪون آهي. چوري چڪاريءَ کان آجا آهيون، ڪا ڌاڙيلن يا اغوا جي واردات نٿي ٿئي. رات جو ننڍو وڏو سمهيو ننڊ ڪري ٿو. ڪو هندو مسلمان جو فساد نٿو ٿئي. ڪو شيهي سنيءَ جي ويڙهه نٿي ٿئي. ڪو پوليس وارو صوبيدار غريب کي نٿو ستائي. ۽ اهو سڀ ڪجهه جي ايم سيد جي ڪري آهي.“

سائين وٽ هڪ ته بنا اطلاع جي اچي چڪو نڪتو هوس ۽ ٻيو جڏهن پهچڻ سان خبر پيئي ته ملڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو اڳهين ويٺا آهن ۽ ڪيترا ٻيا پڻ اچڻا آهن ته مون ٿوري دير وهڻ جو سوچي اٿڻ جو ارادو ڪيو. پر سائينءَ جا قرب چئجن جو مونکي ائين جهٽ ۽ مانيءَ بنا وڃڻ نه ڏنائون ۽ سڄو ڏينهن سندن قريب رهڻ جو موقعو مليو جيڪا زندگي جي هڪ بي بها دولت سمجهان ٿو.

سائينءَ سان ملڻ لاءِ سڄو ڏينهن سياسي ماڻهو. شاگرد ۽ ٻيا اهم ماڻهو ايندا رهيا. هر دفعي مون اٿڻ چاهيو ٿي جيئن ايندڙ مهمان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي پر سائين مون کي پاڻ ئي وٽ رهڻ ڏنو ۽ هر هڪ مهمان سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيندو رهيو. سندن هن عمر ۾ مختلف آيل مهمانن سان منهن ڏيڻ، سندن ڳالهيون ۽ مسئلا ٻڌي انهن جا ڪارائتا جواب ڏيڻ، آيل مهمانن کي انهن جي شان وٽان ماني کارائڻ ۽ کين خوش ڪري روانو ڪرڻ___سندن هن سٺي وهنوار کي آئون داد ڏيڻ بنا رهي نٿو سگهان. هيستائين مون ان قسم جي مهمان نوازيءَ جو ٻڌي هو. هي پهريون ڀيرو اکين سان ڏٺم

منجهند ڌاري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان سڄي بس ڊاڪٽري پڙهندڙ شاگردن جي اچي پهتي. اهي پڻ بنا اطلاع جي آيا هئا. ان وقت سائين پنهنجي انگريزي ڪتاب religion and reality بابت ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. شاگردن جي اڳواڻن کي اڌ ڪلاڪ کن ترسڻ لاءِ چيو ويو پرن انهن مان هڪ شاگرد ممتاز کوسو وري انهي ئي پيرين موٽي آيو.

”سائين شاگرد چون ٿا ته بس توهان فقط چنڊ منٽن لاءِ ديدار ڪرايو جيئن اسان اڳتي هليا وڃون. ٺٽي پڪنڪ لاءِ پيا وڃون.“

”بابا هي الطاف پري کان آيو آهي. هن سان ٿوري دير ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيو پوءِ توهان کي گهريان ٿو. پر هن ڪمري ۾ هيترا شاگرد ته اچي نه سگهندا.“
”سائين اسين ٽولا ٽولا ٺاهي اينداسين.“ ممتاز چيو.

”چڱو بس مان لهي ٿوري فرحت وٺو. تيسين ماني به تيار ٿي ويندي.“

سائين گهنٽي وڄائي. گهر ۾ اندر سندن وڏي ڌيءَ فون کنيو ۽ کيس ٽيهه ڄڻن جي مانيءَ لاءِ اطلاع ڪيو. سائين ٻڌايو ته سندن وڏي ڌيءَ ان سلسلي ۾ کانئن هدايتون وٺي پوءِ واسطيدارن نوڪرن چاڪرن ۽ رڌ پچاءَ وارين ماين تائين پهچائي ۽ خرچ پکو هلائي.

سائين ان بعد ڇڏيل ڳالهه جو وري ذڪر شروع ڪيو ته چانڊڪا ڪاليج جو امام دين کوسو، بدردين سومرو ۽ ممتاز کوسو وري ڪمري ۾ آيا ۽ هٿ ٻڌي سائين کي عرض ڪيائون: ”سائين سڀ ڇوڪرا اهوئي ٿا چون ته مانيءَ جي تڪليف نه ڪئي وڃي. ان جو بندوبست حيدرآباد ۾ ٿيل آهي ۽ اسانکي جيئن ته ٺٽي شام تائين پهچڻو آهي ان ڪري اسان لاءِ هن وقت سائينءَ جو ديدار ڪافي ٿيندو.“

سائين اچي چڙيو ته مانيءَ بنا ائين ڪيئن ويندائو. ۽ حيدرآباد جي هوٽلن ۾ ڪهڙي ماني وڃي کائيندائو. سچ ته اهو آهي ته سائينءَ جي ڪاوڙ ڏسي آئون به پريشان ٿي ويس. پر نيٺ ڇوڪرن سائين کي ان تي راضي ڪيو ته هو مانيءَبدران ڀلا چانهه پي ويندا.

سائين واري گهر فون ڪيو. چانهه هيترن ماڻهن جي جي هينئر جو هينئر ۽ بسڪٽ به موڪلجو. ۽ پوءِ شاگردن کي ڪمري ۾ ٽولن ۾ گهرائڻ بدران پاڻ پر واري وڏي ڪمري ۾ هنن ڏي هلڻ لڳو. ڌڪي جي ڪري سائينءَ کي هلڻ کي هلڻ ۾ اڃان تڪليف ٿي جيئندل شاهه ۽ مون سائينءَ جي اٿڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوءِ لٺ جي آڌار تي آهستي آهستي ٿي پاڻ ٻئي ڪمري تائين آيا. ڇوڪرا سائينءَ کان ڪيترائي سوال ۽ نصيحتون وٺڻ لڳا. ايتري ۾ چانهه به اچي ويئي ۽ ان سان گڏ بسڪٽن جا ويهارو کن پئڪيٽ پڻ. ڇوڪرا ماني لاءِ تڪلف کان ڪم وٺي رهيا هئا. سيءَ ۽ سفر ڪري کين بک ڏاڍي هئي. جيڪي ٻاهر نڪتا هئا سي آيل سڀ پئڪيٽ چٽ ڪري ويا ۽ اڌ کان وڌيڪ جيڪي اندر سائينءَ سان ڳالهائي رهيا هئا انهن لاءِ وري ٻي کاري پڙن جي کڄي آئي. رڌ پچاءَ کان سو بچاءُ ٿي ويو باقي خرچ جو حساب لڳائجي ته ٻيڻو ٿئي.

سائينءَ جي هڪ نوڪر کان پڇيم ته هي مهمانن جو سلسلو اڄ آهي يا روز جي ڳالهه آهي.

”هفتي ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن هجي جنهن ۾ ٺاپر هجي نه ته سائينءَ وٽ روز مهمان اچن ٿا.“ هن وراڻيو.

سائينءَ جا ڪجهه ڦوٽو پنهنجي ڪئميرا سان ڪڍيم ۽ۡ ڪجهه سائينءَ پنهنجي collection مان منهنجي چوڻ تي آٽو گراف سان گڏ ڏنا. هڪ ٻه سائينءَ جا فريم ٿيل فوٽو تمام سٺا نڪتل هئا. جن لاءِ پاڻ ٻڌايائون ته ويجهڙائيءَ ۾ پير پاڳارو صاحب آيو هو. ان اهي فوٽو ڪڍي موڪليا آهن.

ساڄي پاسي واري ورانڊي ۾ ڪجهه اهم سنڌي سياسي شخصيتن جا ڦوٽو ٽنگيل هئا. محمد ايوب کهڙو. الهه بخش سومرو، هارون عبدالله، عبدالمجيد سنڌي، ذوالفقار علي ڀٽو، سر هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽو، پير پاڳارو (موجوده جو والد صاحب) وغيره ڪجهه ٻيا به هئا جيڪي هن وقت ياد نه پيا اچن.


Friday, June 4, 2010

G

Sain G M SYED

سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهون سائين جي ايم سيد





عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون }


سائين جي ايم سيد



هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙ ۾
اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي آڻ نه مـــڃي مــــــور
سوچي ڏسي ڏور ، آڏو آرڻ ڏينهڙا (اياز)






سنڌ جي سائين سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد
تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي،
، سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا.


سائين جو مختصر احوال



سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت 801 هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو،
(1) جرار پوٽا (2) موسه پوٽا (3) باقيل پوٽا (4) ميان پوٽا.


پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ 9 صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو.
۽ ان کي ست پٽ ٿيا،
(1) سيد معروف شاه (2) موج شاه (3) سيد ڌڻي شاه (4)سيد حاجي شاه (5)سيد داد شاه (6)سيد جهنڊو شاه (7) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )




جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (1) سيد جرارشاه (2) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن.


سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر 1905ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو.
سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي

سائين جي پيدائش ــــ 17 جنوري 1904ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي،

تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ 1909ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب 5 جنوري 1918ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءالله.

سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو.

شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان 20اپريل 1910ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي.

مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون.

عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن،

ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين ، مگر تقريبن 12،13 سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي.

سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا


(1) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي.


(2) جنب گذاريم جن سين ــــ
هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔


(3) سنڌ جا سورما ـــــ
هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا،


(4)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي.


(5) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.


(6) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن.

(7) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.


(8) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو.
(09) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ 1936ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.

(10)نئين سنڌ لاء جدوجهد
ــ.........................................


(11)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ ..............................

(12) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................

(13) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ .......................................
(14) جديد سياست جا نورتن ــــــ ......................................

(14) چونڊ سياسي مضمون ـــــ .........................................

(15) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................ ................

(16) تحريرون ـــــ
.................................................. ...................

(17) ساهڙ جا سينگار ــ
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن.

(18) خط۽ مضمون ـــ
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم ، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب
جن جا خط سهيڙيل آهن

(19) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي.

(20) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ
هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي.

(21) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي.


(22) شاه جون ڪافيون ـــ .................................................. ...

(23)چونڊ ادبي مضمون ـــ.................................................. ..........

سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون


چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس 1919ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ...

1929ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔
1930ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو
1937ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ...
1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔
1940ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔
1941ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ...
1943ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ...
1944ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔

1946ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ” پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو
1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔
1955ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ...
1966ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين
1969ع ۾ ” سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين

سائين محترم جي ايم ” سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد
1906ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ ( جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو ) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔
1921ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔
1924ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن 300 ماڻهون شريڪ ٿيا۔
1924ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو
1919ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔

سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان سائين جي ڪتابن جون ڪجهه لنڪون ، سائين جون ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز پيش ڪريان ٿو، اميد ته پسند اينديون.
نوٽ توهان هيٺ ڏنل لنڪ ڪلڪ ڪري ڪتاب ۽ مضمون پڙهي سگهو ٿا۔


سائين جي ۽ سائين تي لکيل ڪجهه ڪتابن جون لنڪون


سائين جي زندگي، سياست ۽ شخصيت ( باء نياز سنائي )
http://www.sindhiana.com/sindhi_book.../naz_sanai.htm

سائين جا آخري پنج مهينا ( باء سهيل ميمڻ )
http://www.sindhiana.com/sindhi_book...hail_memon.htm

جي ايم سيد سان ڪچهريون (باء ڊاڪٽر اديب انقلابي

http://www.sindhiana.com/sindhi_book...eb_inqlabi.htm
سنڌ جا سورمه ( باء جي ايم سيد)
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/heroes/heroes.htm
سنڌي ڪلچر
http://www.sindhiana.com/sindhi_book...hi_culture.htm
سنڌ جي آزادي ( باء جي ايم سيد)
http://www.sindhiana.com/sindhi_book...dh_freedom.htm
The Case of Sindh(انگريزي باء جي ايم سيد )
http://www.sindhudesh.com/gmsyed/case/saeen-book1.htm


سائين جا انٽرويو

http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/aa.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/bb.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/cc.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/dd.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/ee.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/ff.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/gg.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/hh.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/hh.htm
http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/ii.htm
جنب گذاريم جن سين ڪتاب لاء لنڪ
http://www.sindhiadabiboard.org/Cata...onalities.HTML


سائين جي فوٽو گيلري

http://www.sindhiana.com/sindhi_book...m_syed_pic.htm



سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهون هڪ رپورٽ

Thursday, June 3, 2010

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!


مون جهانگيئڙن سان لنو لڳائي،


تو جهوپن کي آ باهه لڳائي،


تون ويري آن تون ظالم آن،


تنهنجي منهنجي پريت نه ڪائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون ڌرتي کي آ ماءُ مڃيو،


تو ڌرتي جي ٻچڙن کي ڪکيو،


تنهنجو منهنجو ڇا جو سڱ،


تو بنجي ڀاءُ آ مونکي ٺڳيو.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون جا امن جي جوت جلائي،


پنهنجي نگري خوب وسائي،


تون خون خرابي جي اُن تي،


ڄاڻي واڻي راند رچائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون ڌرتي سان پريت لڳائي،


تنهنجي دل دولت للچائي،


مون ۾ تو ۾ فرق اهوئي،


مون ۾ سچائي تو ۾ ٻيائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!.



دودو بنجي مان ڪاهيندس،


تنهنجا محلا سڀ ڊاهيندس،


ظالم تو کان وير سڀ واري،


تو کي ماري دم ساهيندس،



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ

جوت جلندي رهي، لاٽ ٻرندي رهي

جوت جلندي رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نعرا هڻندا هلو، تات پلندي رهي.


ڌرتي جي غدارن تي، لعنت وسندي رهي،

پليت سارن سان، جنگ هلندي رهي.


سدا سنڌؤ جو ڳاٽ هر دم اونچو رهي،

پريت پنهوارن سان، سدا وڌندي رهي.


عشق جو سلسلو هي جاري رهي،

روح منجهه باک اها ڦٽندي رهي.


”نرمل“ قرض جيجل جو سر ڏئي لاهبو،

کوهارا آڳ من اندر اها تپندي رهي.