Thursday, December 9, 2010

جي ايم سيد، ذلفي ڀٽو ۽ پاڪستان

جي ايم سيد، ذلفي ڀٽو ۽ پاڪستان

عبدالجبار ڀٽي


1920ع ۾ جي ايم سيد جڏهن پهريون ڀيرو سن ريلوي اسٽيشن تي جناح جي دوري دوران سندس آجيان لاءِ بيٺو هيو ته هن جي اڳيان سياست جا مفهوم عبادت ۽ رياضت وارا هئا. هن اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ جيجل جي خدمت صرف انهيءَ ئي طريقي سان ڪري سگهجي ٿي. اهي شروعاتي ڏينهن هئا جڏهن جي. ايم. سيد سياست ۾ پير پائڻ شروع ڪيا هئا. تنهن ڏينهن کان وٺي سيد سياست کي عبادت ۽ رياضت سمجهي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ وقف ٿي ويو.

هن جي خيالن، خوابن ۾ خوشحالي جو محور صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو رهيا. هن ڪانگريس کي به صرف انهي لاءِ الوداع ڪيو ته ان سنڌ جي مفادن جي خلاف سنڌي هندن کي استعمال ڪيو. ان کان پوءِ هيءُ جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ته هن کان وڏي چڪ اها ٿي ته هن ان پارٽي جيڪا ٺوڳين ۽ مفاد پرست ٽولن جي هٿان يرغمال هئي، کي سنڌ جي خوشحالي لاءِ مضبوط ڪارڊ سمجهيو. جڏهن سيد صبغت الله شاهه ۽ الهه بخش سومري کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏيڻ ويو ته انهن به هن کي چٽي نموني سان چيو ته شاهه توکي مسلم ليگ جي تڏهن خبر پوندي، جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ يوپي جي دماغ ۽ پنجاب جي سپاهي هٿان سنڌ کي يرغمال ۽ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجندو ڏسندين. انهن جا اهي لفظ نسورا سچ ثابت ٿيا ۽ جي. ايم. سيد کي نيٺ انهيءَ سڄي تجربي ۽ ٺهيل سوچ مجبور ڪيو ته هو پاڪستان کان عليحدگي جو نعرو بلند ڪري. هي اهو سيد آهي جنهن پاڪستان کي ٺاهڻ لاءِ پنهنجا سک، چين ۽ ننڊون ڦٽائي سنڌ جي قومي اسيمبلي مان پاڪستان لاءِ قرارداد پاس ڪرائي. هي اهو ئي پوڙهو سيد آهي جيڪو نه صرف باني پاڪستان آهي پر سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتي، پهچندڙ اهنج تي مقابلي ۾ بيٺل رهيو ۽ دشمن ڌر سان منهن مقابل ٿيندو رهيو. اقتدار جي هوس جا بکيا، جن جو دين ڌرم اقتدار ۽ پئسا هئا، انهن سيد جي زندگي جي آخري گهڙين تائين هن کي قيد ڪيو.


ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جي سياست جي شروعات ڊيڊي کان ٿئي ٿي ۽ ٻن ڏهاڪن اندر جيل، ڪال ڪوٺڙي کان ٿيندي ڦاهي جي ڦندي تي ختم ٿئي ٿي. جي. ايم. سيد وانگر هن جا به ڪيئي گناهه هئا پر پهريون گناهه هن جو هي هيو ته هن جي سرير ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ هئي جيڪا ئي ان طبقي ۽ گروهه لاءِ، جنهن سنڌ جي بربادي ۾ پنهنجي بقا ڳولهي لڌي هئي، واسينگ نانگ جيان ڏنگيندي رهي. جڏهن ذلفي ڀٽي 1967ع ۾ پنهنجي پارٽي جو اعلان لاهور ۾ ڪيو هو ته اها ڳالهه انهن لاءِ چئلينج بڻجي آڪاش ۾ سدائين کنوڻ جيان چمڪندي رهي ۽ انهي گروهه جن پاڪستان ۾ پنجابين ۽ مهاجرن کان سواءِ ڪنهن کي به ڏسڻ نه پئي چاهيو وجهه ڳوليندا رهيا. پهريان هن کي بنگالين جي خلاف استعمال ڪري، ملڪ جي جمهوري سگهه کي ٽوڙي پوءِ انهن سنڌي قوم کي سبق ڏيڻ چاهيو پئي، ڇاڪاڻ جو بنگالين کان پوءِ سنڌ ئي اها واحد ڌرتي هئي جتان علم، عقل، ذهانت ۽ خود داري ڦٽي نڪرڻي هئي. ڇاڪاڻ جو هي ئي اها قوم هئي جيڪا، پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي ڌڻي ۽ ان کي وڌائيندڙ هئي. هي ئي اها قوم ۽ مٽي هئي جيڪا عالم انسان جي لاءِ پيار ۽ امن جو پيغام ڏيندڙ ثابت ٿئي ها ڇاڪاڻ جو ان جي شرير ۾ پنج هزار سالن جو روح، امن ۽ پيار ڦهلائيندڙ صوفي بزرگن جا روح هئا. جيڪي قومون ۽ ماڻهو ٻين جي ڌن، دولت، ذهانت کي غلام بڻائي انهن کي دٻائي پنهنجا پيٽ پاليندا هجن، اهي ان سنڌي ماڻهو کي جيڪو ارڏو، بيباڪ، سينو ساهيندڙ ۽ حڪم نه مڃيندڙ هجي ان پنهنجي آڏو دنيا سان مخاطب ٿيندي، دنيا جو هيرو ٿي اڀري يا دنيا اندر سنڌ جو نالو ڪڍرائي، ڪيئن برداشت ڪندا. اهي ماڻهو اهو سڀ ڪجهه ڪيئن سهي سگهندا ته سنڌ جيڪا انهن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي ٿي ان جو ماڻهو دنيا ۾ پنهنجي پٺيان سنڌي سڃاڻپ کڻي دنيا سان عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ۽ دنيا کي اهو محسوس ڪرائي ته سنڌ ڌرتي ئي آهي جنهن جا ماڻهو ذهانت جي انهي درجي تي پهچن ٿا جيڪي نه صرف پنهنجي ڌرتي پر عالمي سطح تي به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن جيڪا ڳالهه ئي انهي طبقي لاءِ ناگزير لڳي ٿي پئي، نه ته ذلفي ڀٽي سڄي سنڌ کي پٺي ڏئي پاڪستان کي مضبوط ترين ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو هو. هي ئي اهو ماڻهو هو جنهن سنڌ اسيمبلي جي پاس ٿيل سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي واري بل تي پنهنجا صدارتي اختيار ڪتب آڻيندي رد ڪيو هو. هي ئي اهو ماڻهو هو جيڪو ون يونٽ دوران به سنڌ جي خلاف انهن ماڻهن سان گڏ بيٺو هو.


چون ٿا ته ذلفي ڀٽو ان ڪاميٽي ۾ شامل هيو جڏهن سنڌ جو پاڻي انڊيا کي وڪرو ڪيو پئي ويو، هن سنڌ جي مفادن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ کي ترجيح ڏني. جڏهن سنڌ طاس معاهدو ڪيو پئي ويو ته هن ٻڻڪ به ٻاهر ڪونه ڪڍي هئي پر سنڌ جي بربادي جو تماشو پنهنجي اکين سان ڏسندو رهيو. لکين بنگالين جو ڪوس ڪري جڏهن هن کي تخت ڏنو ويو ته هي سڀ ڪجهه، 24 سالن جون قومن سان ٿيندڙ زيادتيون، ڦرلٽ ۽ يرغمال ڪرڻ جا سڀ ڏانءَ ۽ گس وساري ويٺو ۽ انهن جي ذهنن ۾ پچندڙ پلاءُ به هن جي بلا جهڙي ذهانت ۽ عقل کان واجهيل رهي. ذلفي ڀٽو پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ايترو ته محو ٿي ويو جو هن اڳيان قومون، قومن جا حق، معاشرتي معيار جنهن ۾ ملڪ جا سڀ رهواسي برابري جي بنياد تي سڀني سهولتن ۽ حقن کي حاصل ڪري سگهن، وسري ويا.


هن پنهنجي نوڪري کي پڪو ڪرڻ لاءِ غريب هارين ۽ مزدورن جي ٽئڪس جو پيسو نيوڪليئر بم ٺاهڻ ۾ خرچ ڪرڻ شروع ڪيو. شروع ۾ ته اها ڳالهه فوج، وڏي سرڪار ۽ مفاد پرست ٽولي کي وڻندي رهي، پر جڏهن انهن ڏٺو ته اهو ڀٽو جيڪو سنڌي به آهي، عقل ۽ ذهانت به قهر جي اٿس، ڪيئن ٿو دنيا ۾ مقبول ۽ خود پاڪستان جي عوام اندر مقبول ٿي سگهي. هن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويو ته هو هڪ اهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي جنهن جي تاريخ انهن جي منهن تي چماٽ مثل آهي. توڻي جو هن ڪيترائي اهڙا ڪم ڪيا جيڪي پنجابي اڳواڻ ۽ فوجي قيادت صدين جي سفر ۾ به نه ڪري سگهن. جيئن هن پنهنجي ڊپلوميسي، هنر جي ذريعي انڊيا کان 93 هزار فوجي ڇڏائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جا قبضي هيٺ آيل ڪيترائي علائقا پڻ ڇڏايا.


هن جو اهو ڪم به انهن جي نظر ۾ جرم هيو جو سڄي دنيا جي بااثر مسلمان اڳواڻن کي اسلام آباد ۽ لاهور ڪٺو ڪري مسلم دنيا جو هيرو بڻجي ويو. هن جي ان عمل پاڪستان کي مسلم دنيا جي اڳواڻي وارو ڪم سونپي ڇڏيو، جنهن سان نه صرف پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ٿيو هو، پر دنيا جي نقشي تي هڪ الڳ حيثيت ٺهي هئي. هي اهو ئي سنڌي اڳواڻ هيو جنهن يو اين ۾ دنيا جي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي بائيڪاٽ ڪيو هو، توڙي جو ان عمل هن لاءِ ڪيترائي رايا جوڙيا ويا هئا ۽ هن لاءِ دنيا اندر منفي تاثر پڻ ٺهيو هو، پر اها بيباڪي صرف ۽ صرف هڪ سنڌي اڳواڻ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. هن جي غلطين ۾ اها به غلطي شامل ٿئي ٿي ته هن چين سان دوستي کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ، روس لاءِ سافٽ ڪارنر رکيو پئي. هن اهو چيو پئي ته افغان جنگ ۾ روسين سان وڙهڻ پاڪستان لاءِ هرگز فائدي مند ڪونهي، بلڪه گهوٽالي جو سبب بڻبو. انهن سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترائي عمل هئا جن هن کي ڦاهي جي ڦندي لاءِ ڪواليفائيڊ ڪيو. ڇاڪاڻ جو اهي ڳالهيون نه صرف هتان جي گروهه ۽ مفاد پرست ٽولي کي وڻيون پر جيڪي انهن جا عالمي سطح تي ساٿاري ٿيندا هئا، انهن لاءِ اڻ وڻندڙ هيون.


هڪڙي پاسي ذلفي ڀٽي جي شهرت ۾ مقامي ۽ عالمي سطح تي اضافو ٿيندو ويو ته ٻئي طرف انهن جي بي چيني ۾ شدت ايندي وئي. ڇاڪاڻ جو انهن جا مفاد ڪمزور ۽ ڏٻري پاڪستان ۾ هئا، جنهن ۾ عوام سهولتن کان محروم، غير سياسي ۽ پنهنجن بنيادي حقن لاءِ ئي مس ساهه کڻندو هجين. ڇاڪاڻ جو اهي حالتون سياستدان کي خوار، ذليل ۽ بدنام ڪن ٿيون ته اهي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه به نٿا ڪن ۽ صرف ۽ صرف پنهنجا ڀڀ ڀرين ٿا. نتيجي ۾ فوجي آمريت کي جمهوريت کي پنهنجي لانگ بوٽ هيٺيان آڻي قابو ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو ۽ ماڻهو به تبديلي کي مثبت سمجهي ماٺ ۾ ويهي رهن ٿا.


پريشان ڪندڙ ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ماڻهو پاڪستان کي ٺاهڻ جي، مضبوط ڪرڻ جي، ملڪ کي خوشحالي جي گس تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهي کي نظر بندي ۾ رکي ماريو ويو آهي، انهي کي جيل ۾ اذيتون ڏئي ڦاهي تي لٽڪايو ويو آهي ۽ انهي کي لکين ماڻهن جي وچ ۾ ليز گن سان اڏايو ويو آهي. هڪڙي طرف سنڌ جنهن پاڪستان کي ٺاهيو، قرباني ڏني ۽ مضبوط ڪيو ته ٻئي طرف پنجاب ۽ مهاجر ٽولي جنهن ملڪ کي ٽوڙيو، ڦريو ۽ لٽيو آهي انهن جي غاصب سوچ، يرغمالي واري روش ۽ ڦرلٽ وارو لاڙو 64 سالن کان پوءِ به ختم نه ٿو ٿئي نه ئي سڌرڻ ۾ اڳڀرائي ڪري ٿو ته پوءِ به اڃا 5 ڪروڙ سنڌي صبغت الله شاهه راشدي، شهيد الهه بخش سومري ۽ جي. ايم. سيد جي واٽ کي سمجهڻ کان ڪن لاٽار ڇو ٿا ڪن. ڇا اسان اڃا انهن خوشفهمين ۾ مبتلا ٿي جمهوريت جي کٽ راڳ ۾ پنهنجون صلاحيتون، توانائيون ۽ وسيلن کي ڪتب آڻيندا رهندا سين، ڇا اسان لاءِ ذلفي ڀٽو، جي. ايم. سيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو واضح ۽ چٽا مثال ڪونه آهن ته انهن پاڪستان کي نه صرف ٺاهڻ، پر ان جي ترقي، واڌ ويجهه ۽ دنيا اندر ان جو مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي، پر موٽ ۾ ملڪ جي ان ٽولي ڀٽي سان اهڙو حشر ڪيو جو هو 4/3 اپريل واري رات ڦاهي جي ڦندي تائين ته هلڻ جهڙو نه رهيو هو ايترو ڪمزور ۽ هيڻو ٿي چڪو هو. جڏهن 24 مارچ 1979ع تي سپريم ڪورٽ آخري رحم جي اپيل به رد ڪئي هئي ته راولپنڊي واري سڄي جيل عملي جا رويا ساڻس ايترا ته تبديل ٿي ويا هئا جو ڀٽو صاحب پنهنجي بي وسي جي عالم ۾ ايترو ٻڏي ويو جو هو ڪنهن کي ميار به نه پيو ڏئي سگهي. پنهنجو پاڻ کي ايترو ته هيڻو محسوس ڪيائين جو آخري لمحن ۾ وصيت نامو به لکي نه سگهيو ڇاڪاڻ جو هن جا خيال ۽ سوچون ايترو ته وکرجي ويون هيون جو هو انهن کي سهيڙي نه پئي سگهيو. ساڳئي طرح اهو ظالم ۽ لٽيرن جو ٽولو جي. ايم. سيد کي بيماري جي بستري تي ڏسي انتظار ڪندو رهيو ته ڪڏهن ٿو دنيا ڇڏي پر هن کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت نه ڏنائون. ڇا اها انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي زمري ۾ نٿي اچي. پر انساني حق ته آهن ئي انهن لاءِ. انهن لٽيرن کي ته صرف کپن مفاد ۽ عياشيون .مطلب ته ان ڳٺ جوڙ ڪندڙ ٽولي سنڌي ماڻهن کي سدائين ڀت سان هنيو آهي. سدائين ارهه زورائي ڪئي آهي، سدائين يرغمال ۽ زبردستي ڪئي آهي.


سدائين سنڌ مان نڪتل تيل، گئس، ٻيا اڪيچار معدنيات کڻائي وري انهن لاءِ سنڌي ماڻهن کي سڪايو آهي. هڪڙي پاسي وسيلن تي قبضا، سياست ۽ معاشي طرح ڪمزور ڪري ٻئي پاسي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ رهزن پاليا ويا آهن. جنهن سبب هڪڙو سنڌي به نه صرف پنهنجن شهرن ۾ پرڳوٺن ۾ سڪون نه ڪري سگهي، بس جتي رهي ڊپ ۽ خوف ۾ رهي. سنڌي ماڻهن کي ايترو ته نفسياتي خوف بڇيو ويو آهي جو هي هٿيار ڏسندي ئي بچاءَ جا گس ڳولڻ شروع ڪري، ڀلي اهو هٿيار فوج جي سپاهي وٽ هجي، ٻهراڙي جي پاليل ڌاڙيل وٽ هجي يا شهرن ۾ بڇيل دهشت گرد وٽ هجي. اهي وقتي ڏاڍايون، جبر، اصلوڪن ماڻهن کي ۽ پنهنجن کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪندڙ سازشي قوتن کي تاريخ نروار ضرور ڪندي. سنڌي قوم جنهن جي ثرير ۾ سچل، مخدوم بلاول، هوشو، هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي، دودو ۽ صوفي شاهه عنايت مندون مٽائي ايندا رهن ٿا. انهن کي ختم نٿو ڪري سگهجي. جنهن قوم کي شاهه لطيف ۽ جي. ايم. سيد جا سبق ياد ڪرايل هجن اها قوم شڪست ڪٿان ٿي کائي سگهي. هي ته اها قوم آهي جنهن دنيا جي جنگجو چنگيز خان سان به مهاڏو اٽڪايو ۽ هلاڪو کي پنهنجي ڌرتي تي ٽڪڻ نه ڏنو. اسان کي پورو ويساهه آهي ته جيستائين هي مٽي پنهنجي ڪک مان هوشو، هيمون ۽ روپلا ڄڻيندي رهندي تيستائين سنڌ دنيا جي نقشي تي دائم ۽ قائم رهندي. اي ڀٽا توکان شايد اقتدار جي نشي ۾ اهو سڀ وسري ويو هو ته تنهنجي جسم ۾ به سنڌ جي مٽي مليل آهي، تڏهن ئي ته تو ڀل ۾ ئي سهي، جيل ۾ پنجابين ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته توهان ڀلي پاڪستان ۾ رهو اسان سنڌو ديش ٺاهينداسين. جيڪڏهن تون پنهنجي انهي قول تي قائم رهين ها ۽ پنهنجي اولاد کي به اهو ئي درس ڏين ها ته شايد ڀٽن جو مقام ۽ سنڌ جي حيثيت اڄ ٻي هجي ها، جنهن ۾ نه جي. ايم. سيد کي ايڏيون تڪليفون ملن ها ۽ نه مرتضى گولين جو کاڄ بڻجي ها ۽ نه شهيد راڻي ڪنهن گمنام ڏيهه ڏانهن اڏري وڃي ها، شل اهو سڀ ڪجهه تون سمجهي سگهين ها.



روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان