Friday, April 22, 2011

سائين جي ايم سيد

نثار ابڙو
اي سنڌ جا سڄڻ، سائين جي ايم سدائين، هي مهينو اسانکان، اوهانجي جدائيءَ جو مهينو آهي ... اوهانجو وجود اسان لاءِ ڇوٽڪاري جي اميد هئي ۽ اوهانجو فڪر اسان لاءِ مشعل راهه...

اي جي ايم سائين، تون اسانکان جسماني جدائي ڪري وئين، ڄڻ ته سنڌ کي ڇورو ڇنو ڪري وئين، تنهنجي وڃڻ کانپوءِ اهڙو ڪو سورهيه نه بچيو آهي جيڪو سنڌ دشمنن جي اکين ۾ اکيون ملائي سگهي ۽ سنڌين کي وقتائتو سڏ ڪري سگهي

اي محترم سائين اوهانجي وڃڻ کانپوءِ پڪ سان سنڌ جا دشمن تمام گهڻو خوش ٿيا هوندا جو هاڻ سنڌ تي مالڪيءَ جا خواب کين ساڀيان نظر پيا اچن

اي محترم سائين! اڄ تنهنجو فڪر ته اسانجي هٿن ۾ آهي، پر سنڌي اگهور ننڊ ۾ آهن، سنڌ جا ٻچڙا ڪسجن پيا، سنڌ جو ناڻو چورن جي ٽجوڙين ۾ وڃي رهيو آهي، سنڌ بک ۽ بدحاليءَ طرف ائين ڊوڙي رهي آهي جيئن ڪو اڃاريو هرڻ رڃ ۾ پاڻيءَ طرف ڊوڙندو هجي ...

اي جي ايم سائين، اڄ سنڌ جا شهر اسانجي لاءِ اوپرا آهن، سنڌ جو مال اسانجي ئي خلاف استعمال ٿيئ پيو، اڄ سنڌ جي ٻوليءَ مان لوريون ختم ڪيون ويون آهن، اڄ سنڌ جي ثقافت تي لنگين پائڻ وارا ۽ پان کائڻ وارا ٽٽوليون ٿا ڪن ...

اي جي ايم سائين اڄ مونکي پنهنجي نياڻيءَ جا واتان هي لفظ ٻڌي ڳوڙها ڳڙي پيا، جڏهن هوءَ ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول ۾ امتحاني پرچا ڏيڻ وئي ته کيس سنڌ دشمنن جي استادن ۽ ٻارن ٽٽوليون ڪري کيس اهو چيو ته؛ ڪيا سنڌي انگلش به جانتي هو؟ آپ ڪراچي ۾ ڪيون رهتي هو، سنڌ ۾ ڪيون نهين جاتي؟، يه سچل ڳوڻهه ڪيسا عجيب نام هي؟ سنڌيون ڪي مرد به جاهل تو عورتين بهي؟ وغيره وغيره ...

اي سنڌ جا سائين، اڄ اسين تو بن ويڳاڻا آهيون ۽ تو بن پاڻ کي يتيم سمجهون ٿا ... تون سنڌ جو سورهيه پيءُ به هئين ته ڏکن تي مرحم رکڻ واري ماءُ به ...

اي سنڌ جا سائين اڄ تون ڏاڍو ياد آئين. ڏاڍو ياد آئين ... ڏاڍو ياد آئين ۔۔۔ ساريندي توکي ڳوڙها پيم ڳڙي

اي خالق ڪائنات تو در دعا آهي ته سنڌ کي جي ايم جهڙا ڏاها، سورهيه ۽ سچ جا ساٿي انسان عطا ڪر، جن جي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون ... آمين

سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري،
حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔

0 comments:

Post a Comment