Sunday, January 2, 2011

G M Syed

غلام مرتضا سيد ... جنهنکي اسين پيار مان سائين جي ايم سيد چوندا آهيون ... سنڌ جو ڪهڙو اهڙو سڄاڻ ذهن آهي جو کيس نه سڃاڻي ... سائين جي ايم سيد سنڌ جو هڪ اهڙو سورهيه پٽ هو جنهن پاڻ ملهائي ... سنڌ سان حقيقي عشق جو ثبوت ڏئي وڃي خالق حقيقي سان مليو ۽ اڄ به سندس آخري آرامگاه، ڪروڙين ماڻهن جي سلام جي جڳهه آهي ..

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
تن جو عبدالطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو اڱڻ انجي.


سنڌ ڌرتي هونءُ به سٺن، صالح ۽ ڪامل انسانن جي پيدائش جي ڌرتي آهي جن مان سائين جي ايم به هڪ آهي، جي ايم سيد، سنڌ ڌرتيءَ جي اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جو هڪ اهڙو اڻوسرندڙ داستان آهي جنهنکي سنڌ نسل در نسل ياد ڪندي ۽ سندس ڏسيل لطيفي راهه جي طرف رهنمائي حاصل ڪندي رهندي ...


سائين جي ايم جي پوري حياتي سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي، ڄمار ساري سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ گذاري پاڻ امر ڪري ويو ... سندس عشق سنڌ، سندس مذهب لطيف هو، هن مانواري انسان جو حسب نسب انتهائي مانائتو آهي سندس والد جو نالو سائين محمد شاه هو ... سندس ڏانڏنگ گهراڻو سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ ۽ اڳواڻ سائين حيدر شاه سنائي آهي ... هن گهراڻي جو آخري ڇيڙو وڃي اسانجي رسول اڪرم محمد صلي الله عليه وسلم سان ملي ٿو ...


جي ايم سائين ، سنڌ جي دادو ضلع جي سن شهر ۾ 17 جنوري 1904 ۾ پئدا ٿيو ... ۽ 1995ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي خالق حقيقي جي بارگاه ۾ حاضر ٿيو ... پاڻ جڏهن اڃان 16 مهينن جا مس هئا ته سندن والد بزرگروار لاڏاڻو ڪري ويو ...


جي ايم سائينءَ پنهنجي تعليم ڪنهن اسڪول مان ته ڪونه ورتي ۽ پنهنجي محنت پاڻ ذريعي پڙهندو رهيو. ان هوندي به سندس علمي حيثيت ۽ ٻولين جي ڄاڻ جهڙوڪ سنڌي، عربي، انگريزي ۽ فارسي تي مهارت ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندي هئي ... تاريخ، فلسفي، علم سياست ۽ مذاهب عالم تي عالمانه ڄاڻ رکندو هو ...


چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ جڏهن اڄ جا نوجوان رستي تي هلڻ سکي رهيا هوندا آهن ان عمر ۾ سنڌ جي سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس 1919ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ...










1929ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو صدر مقرر ٿيو... 1930ع ، سنڌ هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ ۾ اڳي کان اڳرو رهيو ۽ هاري ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ... 1937ع ۾ پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ... 1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو ... 1940ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ... 1941ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ... 1943ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ... 1944ع ۾ قرداد پاڪستان جي حمايت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرداد مڃرائڻ م ڪامياب ٿيو ... هي اها اڪيلي قراداد هئي جا پاڪستان جي حمايت ۾ پاس ڪئي وئي هئي ۽ هن قرداد پاڪستان جي عملي وجود ۾ ريڙه جي هڏيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو ...





1946ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ” پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ... 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا فرائض سرانجا م ڏنا ... 1955ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ... 1966ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين ... 1969ع ۾ ” سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين ...
سائين محترم جي ايم ” سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد پڻ وڌو هو ... جا اڳتي هلي ” نيشنل عوامي پارٽي“ يا ” نيشنل پيپلز پارٽي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳي هئي ...

سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي سياست کي فڪر لطيف ”صوفي ازم“ مارڪس ازم ۽ گانڌي جي نظرين سان ملائي عدم تشدد جي ذريعي سنڌ جي آزاديءَ ۽حقن جي ڳالهه ڪئي ...

سائين جي ايم 65 کان به وڌ ڪتابن جو ليکڪ آهي ... سندس ڪتاب سنڌ ۽ عالم جي ڪل مذاهب، سياست ۽ نظرين جو نچوڙ آهن .. ادبي موضوع هجن يا سياسي، مذهبي هجن يا ثقافتي، انساني هجن يا مالياتي سڀني موضوعن تي ڪتاب لکيا اٿس جي سنڌ جي ادبي ۽ ٻولي جي خزانن ۾ قيمتي هيرن جي حيثيت رکنٿا ...

جي ايم سائين دنيا جي سڀني روحاني نظرين ۽ مذاهب جو نه فقط احترام ڪندو هو پر پيار پڻ ڪندو هو... جي ايم سائين جي شخصيت جو احاطو ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي ... هو هڪ اعلا ڪردار جو مالڪ، سچو ۽ وفادار انسان هو، سندس علمي حيثيت سنڌ جي سمورن ماڻهن تي حاوي آهي ... بردبار ۽ سچ تي سر ڏيڻ وارو انسان هو ... سنڌ ۽ سنڌين لاءِ کيس عشق هو ... جنهنجي پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ ڏک برداشت ڪرڻ پيا هئا ...

مهمانوازي ۽ ٻين کي مان ڏيڻ واري جذبي سان سرشار، کلڻ ۽ کلائڻ، ٻين کي خوش ڏسي پيو پاڻ گد گد ٿيندو، سندس شخصيت هڪ اهڙي اداري جيئان هئي، جنهنجو مثال ملڻ مشڪل آهي ... سڀني مناسب نظرين ۽ مخالفن کي مان ڏيڻ ته سندس شخصيت جو ن خاص خوبيون هيون ..

صديءَ جا ڪيترائي ڏهاڪا هو سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي افق تي هڪ چمڪندڙ تاري جيئان چمڪندو رهيو جنهنجي چوڌاري سنڌ جو سڄو وايو منڊل ڦرندو رهيو ... جي ايم جو عشق سنڌ، جي ايم جو پائڻ سنڌ، جي ايم جو مرڻ سنڌ ... سنڌ جي محبت سندس رڳن ۾ ماءُ جي کير جيئان ڦري رهي هئي ... سنڌ جا ڏک سندس جا ڏک ، سنڌ جا سک سندس جا سک هئا ...


جيتوڻيڪ جي ايم سائينءَ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ۽ 1940ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان تاريخي قرارداد پاڪستان مڃرائي ورتي پر تنهن هوندي به سائين محترم پاڪستان جي تاريخ جو پهريون سياسي قيدي پڻ ٿيو ... ڇاڪاڻ جو حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي سنڌين جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪايو ...

سنڌ سان مسلسل ويساه گهاتين کي ڏسندي، پاڪستان جي سياست کان تنگ اچي، ٻي ڪا واه نه ڏسندي محترم سائين جي ايم سيد، سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪئي ... 1973ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وجهي سنڌ جي آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ ” سنڌوديش“جو نظريو ڏنو ... پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان تي ڪا سمجهوتي بازي نه ڪرڻ ڪري کيس لڳ ڀڳ ٽيهه سال قيد و بند جون اذيتون ڏنيون ويون ۽ محترم سائين اهي اذيتون سنڌ جي عشق جي عيوض سهندو ۽ دشمن جي اکين ۾ اکيون ملائي للڪاريندو رهيو ...


19 جنوري 1992ع ۾ سائين جي ايم سيد کي گهر ۾ نظربند ڪري، سندس گهر کي ننڍي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن ۾ هو ڪنهن حاضري يا عدالتي پيشيءَ کان بغير ئي پنهنجي عشق جي سزا ڀوڳيندو رهيو ... سائين محترم کي بين الاقوامي انساني حقوق جي اداري ” ضمير جو قيدي “ قرار ڏنو ...
پاڪستان حڪومت تي پنهنجا ويٺا هجن يا ڌاريا، جي ايم کي سزائون ڏيندا رهيا ۽ هو کلندي انهن سزائن کي پنهنجي ڳيچيءَ جو هار ڪري پائيندو رهيو ... جي ايم جو نظريو اڄ به ايترو ئي ڪارائتو ۽ سنڌ دوست آهي جيترو سندس زندگيءَ ۾ هو ... فرق صرف اهو آهي ته اها جبل جهڙي شخصيت هاڻ اسانجي وچ ۾ ناهي جو اسان کي آسرو ۽ سهارو هجي ...

ڌڻيءَ در دعا آهي ته سنڌ تي ٻاجهه ڪندي، ڪو اهڙو انسان پئدا ڪري جو مارئيءَ کي پنهنجي ماڳ پهچائي ... آمين