Tuesday, April 26, 2011

جي ايم سيد ۽ پاڪستان جي حقيقت

محمد ابراهيم جويو

”..... دل جي تڙپ ۽ بيقراريءَ مون کي ننڍپڻ ۾ ئي مجبور ڪيو ته آئون سرزمينِ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجون صلاحيتون ۽ توانائيون صَرف ڪريان ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ منهنجي سياسي جدوجهد خواه ڪهڙي ئي پليٽ فارم تان ٿي هجي، ان جو مرڪزي نقطو سنڌ ۽ سنڌ جو آجپو ئي رهي....“ (جي ايم سيد) حوالو: ”سنڌ ڳالهائي ٿي“

جنم، ننڍپڻ، سياسي ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ جدوجهد:

سائين جي. ايم. سيد جو خاندان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٽياري سيدن جي سنائيءَ شاخ سان واسطو رکي ٿو. پاڻ سيد صاحب شاهه حيدر رحمته الله عليه جي اولاد ۽ نسبت هئڻ سبب ان گاديءَ جا چوڏهون نمبر سجاده نشين ٿيا، پاڻ سيد محمد شاهه سنائيءَ جي گهر ۾، 17 جنوري 1904ع تي ڇنڇر جي ڏينهن پيدا ٿيا ۽ سندن نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويو ۽ بعد ۾ جي. ايم. سيد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. سال 1915ع ۾ پاڻ سنڌي پرائمري تعليم پرائي، انهي کانپوءِ انگريزي ۽ فارسي تعليم شروع ڪيائون.پاڻ تعليم خانگي طور حاصل ڪيائون ۽ سمورو وقت گهر جي حويليءَ اندر کيس محفوظ انتظام هيٺ رهڻو پيو، ان جو سبب ڪٽنبي تڪرار ۽ سندن والد صاحب جي شهادت هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هجڻ سبب سنڌي سماج جو ويجهڙائي کان جائزو ورتائون ۽ مدي خارج رسمن خلاف 14 ورهين جي ننڍي عمر ۾ سن شهر ۾ ”انجمنِ مسلمين سن“ قائم ڪري، تحريڪ هلائي، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيائون. ته جيئن غريب طبقي ۾ اهڙين سماجي رسمن جي موقعي تي پنهنجن وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ ڪمي اچي ۽ ان طبقي مٿان معاشي بار گهٽجي سگهي. سائين جي. ايم. سيد ويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪن اندر سنڌي مسلمانن ۾ سماجي تبديليءَ وسيلي غربت گهٽائڻ جي اُپائن، سماجي ۽ معاشي انقلاب ڏانهن اڳتي قدم وڌايو. پاڻ جاگيرداري-سرمائيداري سرشتي ۽ انگريزن جي بيٺڪي راڄ کي سنڌي عوام جي بدحاليءَ جو سبب ڄاڻائيندي چون ٿا، ”جيتري قدر مون غور ڪيو آهي ته مون کي انهن ٽنهي مسئلن جا جيڪي ڪارڻ آهن جنهن ۾ : ”غريبيءَ لاءِ ڌارين جي غلامي، فيوڊل نظام ۽ سرمائيداري سرشتو مکيه سبب نظر آيا.“ اڄ به ننڍي کنڊ، مُلڪَ سنڌ ۽ ٽينءَ دنيا جي عوام جي بدحاليءَ جا سبب اهي ساڳيا آهن.

پهرين مهاڀاريءَ لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۽ قومن کي آزادي نصيب ٿي، پر هندستان کي آزادي نه ملي! جنهن جي نتيجي ۾ هندستان جي عوام ۾ تاءُ پکڙجي ويو ۽ عوام جي ڪاوڙ کي انگريزن خلاف وڌيڪ هٿي تڏهن ملي، جڏهن گانڌيءَ جي ڪوششن سان هندو- مسلمان اتحاد قائم ٿيو- جن گڏجي انگريزن جي خلاف نفرت جو اظهار ڪيو. هِن ڏِس ۾ امرتسر جي جليانوالا باغ ۾ 13 اپريل 1919ع تي ڀرپور احتجاجي جلسو ٿيو، جنهن ۾ انگريز فوجين جي انڌاڌنڌ فائرنگ سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. انهيءَ واقعي کان پوءِ هندستان ۾ انگريزن جي خلاف نفرت جو سيلاب اُٿلي پيو. سنڌ ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ جي.ايم. سيد انهن واقعن کان بيحد متاثر ٿيا. انهن ڏينهن ۾ پير تراب علي شاهه ۽ ريشمي رومال تحريڪ جي اڳواڻ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي ڪوشش سان 9 فيبروري 1919ع تي سنڌ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو. جي. ايم سيد هن ڪانفرنس ۾ وڃي سڀني اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، ۽ ان کان پوءِ ”خلافت تحريڪ“ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙيءَ طرح 17 مارچ 1920ع تي سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏائي، پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائون. پاڻ 26 اپريل 1920ع ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ميز تي چڙهي جلسي ۾ پهرين تقرير ڪيائون، ڇو ته ننڍي عمر هئڻ سبب سندن قد ننڍو هو. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ننڍڙي عمر جي سياسي زندگيءَ ۾ برک سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪيون. کيس مهاتما گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست کين گهڻو متاثر ڪيو. انهيءَ ڪري 27 اپريل 1921ع تي سن اسٽيشن تي وڃي گانڌيءَ سان ملاقات ڪري، ساڻس سياسي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ گانڌيءَ پاران کين کاڌيءَ جي ڪپڙن پائڻ جي هدايت ملي. جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائون. سيد صاحب کي اهو پڪو ويساهه هو ته سماج ۾ سڌارن ۽ ترقيءَ وسيلي انقلاب اچي سگهي ٿو، ۽ اهڙي تبديليءَ جي عملي شروعات پنهنجي برادريءَ کان ڪيائون. تنهن ڪري پاڻ مارچ 1924ع ۾ سنڌ ۾ سيدن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ سَنَ ۾ پهرين ”انجمن سادات مٽياري“ قائم ڪيائون، جنهن سنڌ جي سيدن ۾ تعليمي، معاشي ۽ سماجي جاڳرتا جو ڪردار نڀايو. سيد صاحب جيئن ته هڪ روشن خيال آبادگار به هو، تنهن ڪري سال 1925ع ۾ سيٺ محمد جعفر خواجه سان گڏجي آبادگارن جي ايسوسيئيشن ٺاهيائون: جنهن سنڌ ۾ زرعي سڌارن ۽ اُپت جي نون طريقن وسيلي زراعت سان لاڳاپيل طبقن ۾ معاشي تبديلي آندي. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيا. ۽ سڀ کان اڳ ۾ تعليمي سڌارا پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن کان ابتدا ڪندي، انگريزيءَ جا اي. وي ڪلاس شروع ڪرايائون، جتان آئون ٽي درجا انگريزي پڙهي اڳتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ نڪتس. 1926ع ۾ نياڻين جي تعليم پرائڻ لاءِ نياڻين لاءِ اسڪول ۽ ان سان گڏ هارين، نارين ۽ پورهيتن لاءِ رات جا اسڪول قائم ڪيائون، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن ۾ تعليمي شعور وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. پاڻ پوءِ 1928ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي صدر طور ”ڳوٺ سڌار تحريڪ“ جو بنياد وڌائون. اُن کان اڳ سال 1926ع کان وٺي سيد حيدر سنائيءَ جي درگاهه تي سالياني عرس جي موقعي تي ”محال مانجهندن جي تعليمي ترقي ۽ معاشرتي اصلاح“ لاءِ ڪانفرنس سڏايائون. 1928ع ۾ سنڌ ۾ بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي ته شروعات ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ پاڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي برطانوي سامراج اڳيان انگن اکرن سان ثابت ڪيائون ته سنڌ جو بمبئيءَ سان ڳانڍاپو غير قانوني ۽ غير اخلاقي فيصلو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي اڄ به ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو دستور قائم آهي، حقيقت ۾ ان سلسلي جي شروعات ۽ رواج به پاڻ ميران محمد شاهه سان گڏجي سال 1930ع ۾ وڌائون.

نئين سنڌ جي مفڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دور رس نظر سان اهو محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ جي هارين ۾ شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين کين جائز حق نه ملي سگهندا ۽ سنڌ جي زراعت ۾ بهتر تبديليءَ کان سواءِ معاشرتي تبديلي ناممڪن هئي، ان ڏس ۾ پاڻ سال 1930ع ۾ جمشيد مهتا سان گڏجي ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ سڏايائون. هي هاري تحريڪ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۾ ڀرپور سرگرم رهي. پاڻ هاري ڪاميٽيءَ ۾ سال 1954ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندا آيا. ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد رکڻ حقيقت ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو نتيجو هو، جيڪو سندن ڪيترن ڪارنامن مان هڪ بي مثال ڪارنامو آهي.

1928ع کان عظيم الشان تعليمي اداري سنڌ مدرسي جي جنرل باڊيءَ ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي، مدرسي جي تعليمي معيار ۽ ان جي سڌاري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيائون. سال 1929ع ۾ ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ، عورتن جي هنرن جي ترقي ۽ تيار ڪيل شين جي وڪري لاءِ هڪ جٿو تيار ڪيائون، جنهن کي ”رورل وومين ويلفيئر ايسوسيئيشن“ نالو ڏنائون. 1932ع ۾ سنڌي ساهت ادب ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽين جو ميمبر ٿي، گهڻي سرگرميءَ سان حصو وٺندا رهيا. ان زماني ۾ سائين جي. ايم. سيد جا ڳوٺاڻن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ سندن مضمون، حيدرآباد جي مشهور اخبار ”پرڪاش“ ۾ شايع ٿيا.

ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي پليٽ فارمن تان سنڌ لاءِ جدوجهد:

سائين جي. ايم. سيد انگريز سامراج کان سخت نفرت ڪندي، ننڍي کنڊ جي روشن خيال ۽ وطن دوست اڳواڻن سان ويجهو ٿيندا ويا. ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ ”ڀارت سڀا“ جي پليٽ فارم تان انگريزن خلاف سخت قسم جون تقريرون ڪري، پنهنجو پاڻ مڃرايو. ان ڳالهه ڪراچيءَ جي ڪمشنر مسٽر گبسن کي چيڙائي وڌو، جنهن لوڪل بورڊ جي گرانٽ بمبئي سرڪار کان بند ڪرائي ڇڏي. پاڻ ان ڳالهه جي ڪا پرواهه نه ڪندي، ڳوٺ سڌار هلچل جي جلسن جو پروگرام جاري رکيائون. سيد صاحب سال 1928ع ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿي چڪا هئا. پاڻ ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جا سبب بيان ڪندي ٻڌائين ٿا: ”آئون پنهنجي خانداني روايتن ۽ پسمنظر جي غير متعصب هئڻ سبب ڪانگريس ۾ شامل ٿي چڪو هئس ۽ مسلم ليگ، جيڪا هڪ نيم مذهبي پارٽي هئي، ان کان ايترو متاثر نه ٿيو هئس... هتي آئون پنهنجي قوم، ان جي دانشورن ۽ نئين مجاهد نسل جي سامهون هي اعتراف ڪرڻ ٿو چاهيان ته اُن وقت سياسي شعور جي گهٽتائي، تجربي جي کوٽ ۽ آل انڊيا مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڳچيءَ تائين ڦاٿل هئڻ ڪري، اسان پنهنجي ديس جي مڪمل آزاديءَ جي گهُر ڪرڻ بدران ان جي هڪ خود مختيار صوبي بڻائڻ جي گهر ڪئي ۽ تحريڪ هلائي، حالانڪه جنهن صورت ۾ انگريزن اسان جي آزاد ملڪ تي حملو ڪري ان کي غلام بڻايو هو، اُن صورت ۾ اسان کي پنهنجي ديس جي مڪمل آزاديءَ جي تحريڪ هلائڻ کپندي هئي.“ (حوالو: ”سنڌ ڳالهائي ٿي“)

سيد صاحب 1933ع ۾ سنڌ جي بنياد تي هڪ سياسي جماعت ”سنڌ پيپلز پارٽي“، ۽ اُن کانپوءِ پنهنجي همخيال دوستن سان گڏجي 1936ع ۾ هڪ غير فرقيوار سياسي جماعت ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ جي نالي سان ٺاهي، جنهن جو اڳواڻ سر حاجي عبدالله هارون کي چونڊيو ويو. هن يونائيٽيڊ پارٽيءَ، آزاد سنڌ جي پهرينءَ اسيمبليءَ جي اليڪشن 1937ع ۾ تمام وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي مجموعي طور 60 سيٽن مان 22 سيٽون حاصل ڪيون. پر اُنهيءَ جا اڳواڻ سر عبدالله هارون ۽ ڊپٽي ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ٻئي هارائي ويٺا. اُن وقت سنڌ جي گورنر سر لانسلاٽ گراهم پارليامينٽ جي دستور جي ڀڃڪڙي ڪندي، سر غلام حسين کي جنهن جي ”سنڌ مسلم پارٽيءَ“ فقط 4 سيٽون حاصل ڪيون هيون، حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. سر غلام حسين صاحب، ”سنڌ هندو سڀا“ جنهن جو بعد ۾ اسيمبليءَ ۾ نالو بدلائي ”هندو انڊپينڊنٽ پارٽي“ رکيو ويو ۽ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي ڪجهه ميمبرن ۽ آزاد اميدوارن کي وزارتن ۽ اسپيڪرشپ جي لالچ ڏئي، پنهنجي طرف ڪري حڪومت ٺاهي، جنهن جي نتيجي ۾ سيد ۽ اتحادي پارٽيءَ جا ميمبر الله بخش سومري صاحب جي قيادت ۾ وڃي ڪانگريس سان گڏ مخالف بئنچن تي ويٺا. سر غلام حسين سنڌ جي آپيشاهه سياسي ڪردار جي حيثيت اختيار ڪئي.

27 مارچ 1937ع تي سندس اڳواڻيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو افتتاحي اجلاس، احتجاج واريءَ ڪيفيت ۾ منعقد ٿيو ۽ پورن 2 مهينن کان پوءِ 18 مارچ 1938ع تي اسيمبليءَ ۾ شڪست کاڌائين ۽ کيس اهو عهدو ڇڏڻو پيو. سيد سنڌ جي هن نهايت دکدائڪ سياسي باب کي هن طرح بيان ڪيو آهي: ”سنڌ اسيمبلي سنڌي ماڻهن مان غربت، جهالت ۽ بدامنيءَ کي ختم ڪرڻ وارن مکيه مقصدن ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران ڪرسين حاصل ڪرڻ جي هٻڇ جو آکاڙو بڻجي وئي ۽ سنڌ جي ماڻهن جن غير فرقيوارانه سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي، انهن جي سنڌ اسيمبليءَ وطن دوست عينڪ لاهي هندو مسلمانن جون ڌار ڌار عينڪون پائي ورتيون هيون ۽ فرقيواريت جي باهه جيڪا اسيمبليءَ ۾ ٻري هئي، سا ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي سمورن سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ ۾ ڀنڀٽ بڻجڻ واري هئي.... ان طرح فطري طور امن، محبت ۽ رواداريءَ جا حامي سنڌي ماڻهو ۽ صوفين واري فلسفي کي مڃيندڙ سنڌ، فرقيوارانه ۽ مذهبي تفاوت واري ماحول جو شڪار ٿي ويئي.“

ترت ئي پوءِ سر غلام حسين کي سيد جي حمايت جي ضرورت محسوس ٿي، پر پاڻ کين جواب ڏنائون. ان کانپوءِ سيد ڪجهه سال ڪانگريس ۾ رهي اهو محسوس ڪيو ته الله بخش سومري صاحب جي حڪومت ۾ پڻ ڪانگريس يونائيٽڊ پارٽيءَ جي پروگرام جا ڪم ڪونه ٿي ٿيا: خاص طور تي ”ٽيننسي ايڪٽ“ ۽ ”قانون انتقال ايراضيءَ“ جهڙا وڏا ايڪٽ پاس نه ٿي سگهيا- جنهن لاءِ سيد سنڌ جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو: ”اسين اسيمبلين ۾ ڪن اعليٰ مقصدن ۽ آدرشن تحت ويا هئاسون. اسان جو مقصد وزارتون حاصل ڪرڻ نه هو، پر سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ جو پروگرام سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي منشور جو اهم حصو هو.“ سائين جي. ايم. سيد ڪانگريس جي تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر چوئٿرام کي اهڙا احتجاجي خط به لکيا. 22 آگسٽ 1938ع ۾ ڪانگريس جي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا ميمبر سردار پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد ڪراچيءَ آيا، جنهن موقعي تي سيد سنڌ ۾ ڪانگريس جي رَوِش کان کين واقف ڪيو، پر ان جو به ڪو کڙ تيل نه نڪتو! اهڙيءَ طرح سيد اهو محسوس ڪيو ته ڪانگريس مسلمانن جي اڪثريت وارن صوبن جي ڀيٽ ۾ هندن جي اڪثريتي صوبن جي عام ڀلي وارين رٿن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهي آهي. اهڙن روين جي ڪري سائين جي. ايم. سيد ڪانگريس ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ٿيا.

ان کان پوءِ آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي صدر محمد علي جناح کي حاجي عبدالله هارون دعوت ڏئي سنڌ ۾ گهرايو، جنهن ۾ سيد هڪ مبصر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو. جناح صاحب سائين جي.ايم. سيد جي شخصيت کان متاثر ٿي، کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جيڪا پاڻ قبول ڪيائون. سيد جي ڪوششن سان ساڳئي سال 9 آڪٽوبر تي سنڌ صوبائي ليگ جي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ سڏائي وئي، جنهن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي. ننڍي کنڊ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ مسلمانن جي اڪثريت وارو سنڌ پهريون صوبو هو، جنهن سڀ کان اڳ اڳواڻي ڪري مسلمانن جي الڳ وطن لاءِ گهُر ڪئي.

هندو-مسلم فساد (مسجد منزل گاهه وارو واقعو):

سنڌ جيڪا صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي هئي، ان ۾ مسلمان، هندو، سک، عيسائي ۽ پارسي پاڻ ۾ ڀائيچاري ۽ پيار سان گڏجي رهندا پئي آيا. جيڪڏهن هندو ۽ مسلمان ٻنهي ڌرين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿِي ٿي پئي ته سرپنچ ۽ مسلمانن جو نيڪ مرد يا وڏيرو پاڻ ۾ گڏجي، ٻنهي ڌرين جو ٺاهه ڪرائي ڇڏيندا هئا، پر جيئن ته انگريز سامراج لاءِ اهو اتحاد ننڍي کنڊ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو هو، تنهن ڪري هنن ان جي شروعات سنڌ ۽ سنڌي سماج ۾ مذهبي نفرتن جو زهر پکيڙي ان اتحاد کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ سيد چوي ٿو: ”منهنجي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي هڪ اهڙي واقعي جنم ورتو، جنهن سموريءَ سنڌ جي صدين کان قائم بقايا ڏسو صفحو نمبر11 ايڪتا ۽ وحدت واري ديوار ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ صوفين ۽ ساڌن جي سنڌ فرقيپرستيءَ جي باهه ۾ وڪوڙجي وئي، جنهن باهه اڳتي هلي سموري سنڌ جي محبت ۽ ٻڌيءَ واري چمن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي هي کنڊ ٽڪرا ٽڪرا ٿيو.“

مسجد منزل گاهه سنڌو نديءَ جي ڪناري تي سکر وٽ هندن جي تيرٿ ساڌ ٻيلي جي سامهون تاريخي پراڻي عمارت آهي. هن عمارت جي آڳر اندر ٻه ٻيون عمارتون آهن، جن مان هڪ 1004هه ۾ تيار ٿي، جڏهن ته ٻي عمارت 1007هه ۾ ٺهي راس ٿي. اهي ٻئي عمارتون مير محمود معصوم بکريءَ، اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ عام ڀلائيءَ ۽ تفريح لاءِ ٺهرايون هيون، ان ۾ هڪ حصو مسجد جي لاءِ ۽ ٻيو آرام لاءِ ٺهرايل هو. سکر جا مسلمان 1936ع کان حڪومت کان اهو مطالبو ڪندا ٿي آيا ته اها مسجد آهي ۽ مسلمانن کي ڏني وڃي ته ساڳئي وقت هندن ان کي مسافرخانو ٿي سمجهيو. ان ڳالهه مسلمانن کي ڪاوڙ ڏياري ۽ مسلمانن جي ان ڪاوڙ کي سياسي رنگ ڏئي، سنڌ جي صدين پراڻي هندو مسلم ميٺ محبت ۽ ڀائيچاري کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو. اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن کان گهُر ڪئي وئي ته حڪومت تي زور آڻي مسجد منزل گاهه کي واپس ڪرايو وڃي. ان ڏس ۾ ايوب کهڙي صاحب جي صدارت ۾ مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي ۽ مسلمانن کان اِها گهُر ڪئي وئي ته 18 آگسٽ 1939ع تي مسجد منزل گاهه جي ڏينهن طور سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو وڃي. فساد کي ٽارڻ لاءِ الله بخش سرڪار لڳ ڀڳ ساڍا ٽي هزار ماڻهو جيل موڪليا ۽ ”مسجد منزل گاهه“ تان هندن جو قبضو ڇڏائي، ان کي پوليس حوالي ڪيو. 19 نومبر 1939ع ۾ سيد کي ٻين اڳواڻن سميت حيدرآباد جيل ۾ بند ڪيو ويو. ان طرح سکر ۽ ان جي آسپاس سموري سنڌ ۾ هندو مسلم خون ريز فساد شروع ٿيا، جن ۾ 151 هندو ۽ 14 مسلمان قتل ٿيا. ڪئين هندو ۽ مسلمان زخمي ٿيا. لڳ ڀڳ ٻه سو گهر ساڙيا ويا ۽ 8 لکن کان مٿي ملڪيت جو نقصان ٿيو. ان وقت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کي هن واقعي جو گهڻو رنج پهتو، جيئن هن واقعي سان واسطو رکندڙ سندس هڪ خط جي لفظن مان معلوم ٿيندو:

”12 جنوري 1940ع: نورچشم جهڙي غلام مرتضيٰ لاءِ ته منهنجو روح گهڻيون ڇڪون ڏئي ٿو، پر آئون مٿس رنج به آهيان. ڇا لاءِ پاڻ کي اوجهڙ ۾ وڃي وڌائين. سنڌ ۾ باقي هيوسين اهو، تنهن به اونداهه جو رستو اختيار ڪيو ته اسان جو حال ڪهڙو ٿيندو..... سڀ مسلمانن جا ادارا مسلمانن هٿان برباد ٿيل آهن، باقي منزل گاهه لاءِ ٿيون شهادتون ٿين! منهنجي صلاح وٺڻ يا نه وٺڻ جو ارمان ڪونهي، پر ايترو ارمان ضرور اٿم ته هميشه واري سهڻيءَ سمجهه کان ڪم نه ورتائين.“ الراقم امداد قاضي.

جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ سائين جي. ايم. سيد ڄيٺ مل پرسرام سان گڏجي فسادن جي باري ۾ پنهنجو بيان ڏئي سنڌ جي عوام کان معافي وٺي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر ڪٽنبن سان ڏک ونڊيو، جن جو نقصان ٿيو هو. علامه صاحب سائين جي. ايم. سيد جو اهڙو بيان پڙهي تمام گهڻو خوش ٿيو، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته علامه صاحب هندو- مسلم اختلافن جو نه، پر اتحاد جو وڏو حامي هو.

سکر فسادن واري جانچ ڪورٽ ۾ جمشيد نسروانجيءَ پنهنجي بيان ۾ چيو ته، ”22 آڪٽوبر تي مسٽر شام داس جي جاءِ تي مسٽر سيد سان منزل گاهه واري معاملي بابت منهنجي گفتگو ٿي هئي. سيد مون کي چيو هو ”جمشيد توکي خبر آهي ته آئون نه ڪٽر آهيان نه تعصبي، پر هاڻوڪي حڪومت جيڪا سنڌ تي تباهي آندي آهي، ان جون پاڙون پٽڻ گهرجن.“ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جي. ايم. سيد جو اصل مقصد رڳو الله بخش جي حڪومت کي لوڏڻ هو. هن دکدائڪ واقعي جي پسمنظر ۾ جتي هڪ طبقي جي سياستدانن، مذهبي عالمن ۽ جذباتي ڪارڪنن وسيلي عام ماڻهن ۾ پنهنجي ڪٽرپڻي جو مظاهرو ڪيو ته ٻئي پاسي هندن جي انتهاپسند طبقي وارن هندو مها سڀا ۽ هندو پنچائت وارن ڪانگريس جي وياج خور سيٺين سنڌ جي زمين تي قبضو ڪري سنڌين کي قرضن ۾ نپوڙڻ ۽ فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. انهيءَ واقعي جي نتيجي طور 28 مارچ 1940ع تي الله بخش جي وزارت استعيفيٰ ڏني، جنهن ۾ مير بنده عليءَ کي وڏو وزيرڪيو ويو ۽ جي. ايم. سيد کي تعليم، محنت، صحت، ٻيلا ۽ ديهي ترقيءَ جا کاتا مليا. وزير ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ فرقيپرستيءَ جي باهه کي هر ممڪن طرح سان ختم ڪرڻ جي هر پاسي کان ڪوشش ٿي، جنهن ۾ سيد سڀ کان اڳرو ۽ اثرائتو حصو ورتو. وزارت واري مختصر مدت ۾ پاڻ سنڌي ٻوليءَ، علم ۽ ادب جي سڌاري لاءِ تاريخي فيصلا ڪرايائين، جن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو قيام، سنڌي ادبي بورڊ قائم ٿيڻ ۽ ريڊيو اسٽيشن ڪراچيءَ جو قائم ڪرڻ سندس تاريخي ڪارناما آهن.

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ قرارداد لاهور (پاڪستان):

سيد ڪانگريس ميمبرن جي مدد سان وزير ٿيو هو، تنهن ڪري هو سنڌ ۾ اُنهي پوزيشن ۾ نه هو، جو هو وڌيڪ عوام جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪري سگهي، جناح صاحب کي صورتحال کان واقف ڪري، کانئن اجازت ورتائون ته سنڌ ۾ آل پارٽيز گڏيل حڪومت ٺاهي وڃي. ان طرح پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي صدر ابوالڪلام آزاد کي سنڌ ۾ گهرائي هرهڪ پارٽيءَ منجهان ٻن ٻن وزيرن کي کڻڻ جو ٺاهه ڪيائون ۽ اهڙيءَ طرح 23 نومبر 1940ع تي وزارت تان استعيفيٰ ڏنائون. سيد صاحب جي مختصر مدت واري وزارت ڇڏڻ کان پوءِ 1940ع جي آخر ۾ جناح صاحب سنڌ ۾ جوڙجڪ لاءِ جي. ايم. سيد کي ڪميٽيءَ جو چيئرمين بڻايو. ان ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس 22 فيبروري 1941ع تي سن ۾ ٿيو. ان طرح مسلم ليگ جي هڪ سال ۾ ميمبرشپ جيڪا ڇهه هزارن مان وڌي ٽن لکن تائين پهتي ۽ پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلم ليگ جون 450 شاخون کولڻ ۾ ڪامياب ٿيا. تنهن ڪري سنڌ جا هندو خاص طرح ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽي، جي. ايم. سيد ۽ مسلم ليگ کان ناراض هئا. ياد رکڻ گهرجي ته سائين جي. ايم. سيد جو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد ئي هو ته ڪانگريس جي ڀيٽ ۾ مسلم ليگ ۾ رهي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سڌاري جا ڪم ڪجن. سنڌ جي هندو ميمبرن ۽ ڪانگريس اهو محسوس ڪيو ته جي. ايم. سيد وانگر، الله بخش سومرو پڻ مسلم ليگ ۾ نه هليو وڃي، ان ڪري سنڌ جي ڪانگريسين ۽ هندو انڊپينڊنٽ جي حمايت سان هو 7 مارچ 1941ع تي سنڌ جو ٻيهر وزيراعظم چونڊيو ويو

انهيءَ کان اڳ ۾ 23 مارچ 1940ع ۾ لاهور جي منٽو پارڪ ۽ هاڻوڪي اقبال پارڪ ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ هڪ تاريخي ميڙ سڏائي، يڪ راءِ ٿي، ٺهراءُ بحال ڪرايو، جنهن کي”قرارداد لاهور“ سڏيو وڃي ٿو. ان جو بنيادي اُصول مسلمانن جي گهڻائيءَ وارن صوبن لاءِ خود اختياريءَ جو حق وٺڻ هو. صوبن ج ي خو د اختياريءَ واري ڳالهه اڳتي هلي سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي 1943ع واري سيشن وسيلي پاڪستان جي ٺهراءُ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. سر عبدالله هارون جي چوڻ مطابق پاڪستان جو پايو وجهندڙ ۽ قرارداد لاهور واري ٺهراءُ جا باني به سنڌ ۽ سنڌي هئا. هي ٺهراءُ بنگال جي وزيراعظم اي. ڪي فضل الحق پيش ڪيو، جنهن جي تائيد چوڌري خليق الزمان ڪئي. هي ٺهراءُ بعد ۾ ”قرارداد پاڪستان“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان تاريخي اجلاس ۾ سنڌ طرفان جن مسلم ليگ جي نمائندن شرڪت ڪئي، انهن ۾ سائين جي. ايم. سيد، محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سر عبدالله هارون نمايان طور اسٽيج تي مٿي ويٺل هئا. لاهور جي پاڪستان واري ٺهراءُ کان پوءِ سائين جي. ايم. سيد مسلم ليگ کي عوام ۾ وڌيڪ مقبول بڻائڻ لاءِ هڪ ڪتابچو ”پاڪستان جي مطالبي“ بابت پڻ ڇپرايو. 27 اپريل 1942ع تي سر عبدالله هارون اوچتو وفات ڪئي، سندس وفات کانپوءِ جي. ايم. سيد کي مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو.

آڪٽوبر 1942ع تي الله بخش سومري سنڌ جي وزيراعظم پنهنجا اعزاز انگريز سرڪار کي احتجاج طور واپس ڪيا، نتيجي طور گورنر کيس عهدي تان برطرف ڪيو. ان بعد سائين جي. ايم. سيد جي تنظيمي ڪمن ۾ مصروف رهڻ سبب مسلم ليگ جي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي تمام ويجهي ۽ پياري سر غلام حسين وزارت ٺاهي. هاڻي اهو نازڪ وقت اچي چڪو هو، جڏهن انگريزن جناح کي دعوت ڏني ته هو مسلم اڪثريت واري ڪنهن صوبي منجهان پنهنجي اڪثريت ثابت ڪري. تڏهن جناح صاحب اهڙي صورتحال جي آگاهي سائين جي. ايم. سيد کي ڏني، جنهن پنهنجو سياسي ۽ تاريخي ڪردار نڀائيندي، 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءُ بحال ڪرايو. اجلاس ۾ ڪل 60 ميمبرن مان 27 ميمبر حاضر هئا، جن مان سنڌ جي 24 ميمبرن ”پاڪستان ٺهراءُ“ جي حمايت ڪئي.

جي. ايم. سيد ۽ جناح جي اختلافن جي شروعات:

اُن کان پوءِ 14 مئي 1943ع تي هڪ وڏو دکدائڪ واقعو ٿي گذريو، جنهن ۾ سنڌ جي قومپرست سياستدان الله بخش سومري کي پنهنجي شهر شڪارپور ۾ ٽانگي تي ويندي پستول جا فائر ڪري شهيد ڪيو ويو. الله بخش سومري صاحب پاڪستان بابت جي. ايم. سيد سان پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو هو، ”اهو پاڪستان جنهن لاءِ تون (جي. ايم. سيد) ڏينهن رات ڳڻتيءَ ۾ رهين ٿو، اڳتي هلي سڀ کان وڌ تنهنجي لاءِ مٿي جو سُور ثابت ٿيندو. ان مان سنڌ جي آزادي، هندستان اتحاد ۽ ايشيائي قومن جي امن ۽ ترقيءَ کي خطرو رسندو. ان بدعت جي قيام کان وري ان جي پيدا ڪيل خرابين کي دفع ڪرڻ لاءِ توکي ئي ايتري قدر جو جدوجهد ڪرڻي پوندي.....“ ان نظرياتي سياست طرف جڏهن سائين جي. ايم. سيد جو خصوصي ۽ سنجيده توجهه مُڙڻ ۽ پختو ٿيڻ شروع ٿيو ته اُن لاءِ سنڌ ۽ هند جي مسلمان ليڊرن مان گهڻن کي شهه ڏئي ويو. ان سلسلي ۾ هُن شهيد الله بخش ۽ جناح صاحب کي ملايو، پر ٺاهه نه ٿي سگهيو. شايد ائين کڻي چئجي ته اتان کان ئي جي. ايم. سيد ۽ جناح صاحب ۾ اختلافن جي شروعات ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ جو 16 آگسٽ 1942ع تي جناح صاحب جي گهر ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جناح صاحب ڪئٽ انڊيا Quit India ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي، جنهن ۾ ڪانگريس پاران انگريزن کي هندستان خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. سائين جي. ايم. سيد جو ان مرحلي تي مؤقف هو ته ڪانگريس هندستان کي انگريزن کان آجو ڪرڻ چاهي ٿي، نه ڪي مسلمانن کان. اهڙي ٺهراءُ جي مخالفت ڪرڻ سان عالمي سامراج خلاف جدوجهد کي ڌڪ رسندو ۽ ساڳئي وقت ڪانگريس سان ٺاهه جا سڀ رستا به بند ٿي ويندا. جنهن تي جناح صاحب ڪاوڙجي چيو، ”آئون ڪانگريس سان ڪو ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان.“ جي. ايم. سيد جي مؤقف جي راجا محمود آباد، اصفهاني ۽ نواب اسماعيل، حمايت ڪئي ۽ هنن جناح صاحب کي سمجهائڻ جي ڪوش ڪئي، پر کين به جناح صاحب ڇينڀيو، ان ڪري ان موقعي تي سائينءَ پنهنجو اختلافي نوٽ لکرايو. اهڙيءَ طرح سائين اختلافي راءِ جو ڀرپور اظهار ڪندي ان جو پورو حق استعمال ڪيو.

انهيءَ کانپوءِ پهرين جون 1943ع تي حُرن جي روحاني اڳواڻ پير صبغت الله شاهه ثانيءَ کي انگريزن خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ ساڳئي وقت گوريلا جنگي وسيلن سان مزاحمت ڪرڻ تي سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ پير صاحب پاڳاري تي تاج برطانيه سرڪار خلاف بغاوت جو مقدمو ۽ ٻين ڏوهن وارا ڪوڙا ڪيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هلايا ويا، جن ۾ پير صاحب کي موت جي سزا ٻُڌائي وئي. ان فيصلي خلاف سائين جي. ايم. سيد پنهنجن ٻين دوستن سان گڏجي چئلينج ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر جناح صاحب ايئن ڪرڻ کان کيس سختيءَ سان منع ڪئي. سائين جي. ايم. سيد پير صاحب پاڳاري سان گرفتار ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ پير صاحب، سائين جي. ايم. سيد تي اهو چٽي نموني واضح ڪيو ته هو مسلم ليگ کي سنڌي مسلمانن لاءِ خطرناڪ ئي نه، پر ضررناڪ سمجهي ٿو ۽ هو سنڌ مان انگريزن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ چاهي ٿو. مسلم ليگ جي باري ۾ اهڙي راءِ رکڻ ڪري جناح هرگز نه پئي چاهيو ته پير سائينءَ جي آزاديءَ جي لاءِ مسلم ليگ پاران ڪوششون وٺجن. هاڻي جي. ايم. سيد ۽ جناح صاحب وچ ۾ اختلاف تمام وڌي ويا.

سنڌ جي وزيراعظم غلام حسين سنڌ کي پنهنجي مرضيءَ سان پئي هلايو، جڏهن ته سيد، سنڌ جي علائقائي مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان اهو پئي چاهيو ته صوبو سندن يعني سنڌي قوم جي پاليسين موجب هلي. سر غلام حسين انگريزن جي خاص ماڻهو هجڻ ڪري، جي. ايم. سيد ۽ سندس ترقي پسند ساٿ کي لاڳيتو نظرانداز ڪندي، کين تنگ ڪندو آيو. اهڙيءَ طرح 25 جولاءِ 1944ع تي سنڌ اسيمبلي پارٽيءَ جو حڪومت مان ناراض هڪ وفد جناح سان وڃي مليو، جناح صاحب جي. ايم. سيد کي چيو ته هو سندن شڪايت ٻڌي کيس رپورٽ ڪري. سيد شڪايتون ٻُڌي جناح صاحب کي حقيقت کان آگاهه ڪيو، جنهن تي جناح صاحب جواب ڏيندي چيو: ”سيد صاحب جنگ جو زمانو آهي ۽ ساڳئي وقت سنڌ جو وزيراعظم (غلام حسين) انگريزن وٽ پسند پيل آهي ۽ مسلم ليگ جون وزارتون به انگريزن جي مدد سان هلي رهيون آهن، ان ڪري توهان کي وزيرن جا اهي ڪارناما برداشت ڪرڻا پوندا. وزارت توهان بجاءِ مون (جناح) وٽ جوابدار آهي، ان ڪري توهان کي صوبائي صدر جي حيثيت سان حڪومتي مامرن ۾ دست اندازي نه ڪرڻ کپي. آئون هر حالت ۾ وزارت کي قائم رکڻ چاهيان ٿو!“ اها ڳالهه ٻُڌي جي. ايم. سيد جواب ڏيندي چيو ته ”آئون اها حيثيت هرگز قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ نه صوبائي مسلم ليگ جي اڪثريت ۽ مسلم ليگ جو باغيرت گروهه اها ڳالهه قبول ڪندو.“ جناح صاحب اهو ٻُڌي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين، ”آئون اهڙي گفتگو ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهيان.“ ان کانپوءِ سائين جي. ايم. سيد جواب ڏيندي چيو، ”سنڌ مان مسلم ليگ جو وفد ۽ آئون اوهان وٽ سنڌ جو ڪيس ان اميد تي پيش ڪرڻ آيا هئاسون ته مسلم ليگ جي وڏي ۾ وڏي جج آڏو پنهنجو نقطئه نگاهه پيش ڪري، انصاف حاصل ڪنداسون، پر مون کي افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته مون سنڌ جو ڪيس هڪ منصف مزاج جج جي سامهون ڪونه پيش ڪيو آهي، بلڪه غلام حسين جي دفاعي وڪيل جي اڳيان پيش ڪيو آهي.“ ان تي جناح ڪاوڙ ڪندي چيو ته ”مسلم ليگ جي صدر آڏو اهڙي گستاخانه گفتگوءَ لاءِ مون کان معافي وٺ.“ جنهن جو سيد صاف انڪار ڪيو، تنهن بعد جناح صاحب ڪاوڙجي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو. اهڙيءَ طرح سائين جي. ايم. سيد صورتحال کان وفد کي واقف ڪيو، جيڪي ناراض ٿي پارٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا. سائين جي. ايم. سيد ان مرحلي تي آدرشي سياست ڪرڻ تان نه هچڪيو ۽ نه ئي نااُميد ٿيو.

سيد کي پنهنجي سچائي، نيڪ نيتي ۽ پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ ۾ اڃا به ڪجهه اُميدون هيون ۽ بعد ۾ شملا ۾ صلاح مصلحت لاءِ پير علي محمد راشدي، يوسف هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ ڪوشش ڪيائين ته ڪانگريس ۽ جناح صاحب وچ ۾ ڪو ٺاهه ٿي سگهي، پر جناح صاحب ڪنهن به صورت تي ٺاهه لاءِ تيار نه هو. اهڙيءَ طرح اتي موجود لياقت علي خان جناح صاحب کي آگاهه ڪيو ته ”جي. ايم. سيد ۽ راجا محمود آباد صاحب مون کي ڪانگريس سان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.“ مٿان وري غلام حسين به کيس اچي اهڙي ڪا دانهن ڏني. ان تي جناح صاحب جي. ايم. سيد کي چيو ته ”سيد تنهنجو رويو برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي، بهتر آهي ته پاڻ کي جدا ٿي وڃڻ گهرجي.“ ان لاءِ سيد صاحب وراڻيو، ”جيڪڏهن اها ئي ڳالهه آهي ته آئون به تيار آهيان.“ پر جيئن ته سائين صوفيانه طبع ٿي رکِي، ۽ ڳالهه کي درگذر ڪرڻ ۾ ويساهه هئن، ان گهڙيءَ لاءِ سائين جي. ايم. سيد لکي ٿو ته ”ساده دل ۽ ناتجربيڪار هجڻ سبب مسلم ليگ کان جدا ٿيڻ جو ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو، نه ته مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيڻ لاءِ پاڻ کي جوابدار ٺهرائڻ جو ارمان نه ٿئيم ها.“ سائين جي. ايم. سيد هڪ خوددار ۽ ايماندار دل رکندڙ هو، جنهن ڪانگريس کي سنڌ جي حق ۾ پيش ڪيل هارين جو بل ۽ قرض چڪتو ٿيڻ جهڙا بل پاس نه ڪرڻ سبب ڇڏيو هو ۽ اهڙن ئي ڪمن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي سنڌ جي ماڻهن جي ترقي ۽ ڀلائيءَ جي سپني کي ساڀيان ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر اهڙو سپنو مسلم ليگ ۾ اچڻ کانپوءِ ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳو هئس.

جڏهن جنوري 1946ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون ۽ ان ڪري سنڌ ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو پارلياماني بورڊ قائم ڪيو ويو ته اُن بورڊ ۾ جي. ايم. سيد، سر غلام حسين ۽ ٻين ستن ميمبرن کي کنيو ويو. جڏهن ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو، تڏهن مرڪزي هاءِ ڪمانڊ صوبائي مسلم ليگ جي پارلياماني بورڊ جي صلاح مشوري کان سواءِ سر غلام حسين جي صلاح سان پنهنجن ماڻهن ۾ ٽڪيٽون ورهايون ۽ ساڳئي وقت پارلياماني بورڊ جي ميمبرن پاران ڏنل ٽڪيٽون رد ڪيون. اهڙيءَ طرح مرڪزي مسلم ليگ جي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جو فيصلو نهايت غير مناسب ۽ سراسر ناانصافيءَ تي ٻڌل هو، جيڪا ڳالهه 14 آڪٽوبر 1945ع ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جي ٺهراءُ جي خلاف ورزي به هئي. ان بعد جناح صاحب سر غلام حسين جي بنگلي تي اچي مهمان ٿيو، جتي جي. ايم. سيد کيس مسلم ليگ ڪائونسل جي ٺهراءُ کان واقف ڪيو. تنهن تي جناح کيس ڪاوڙ ۾ اچي چيو، ”ڪائونسل جا ميمبر بي جوابدار ماڻهن جا ميڙ هئا، جن جو انهن ڳالهين سان ڪوبه واسطو ڪونه هو، ان ڪري هاڻي جدا ٿيڻ جي حد کي اچي پهتا آهيون.“ اهو ٻڌي سائين جي. ايم. سيد سوچڻ لڳو ته هي اهو ئي جناح آهي، جنهن کي هو مسلمانن جي مستقبل جو علمبردار سمجهندو هو، هاڻي اها گهڙي اچي پهتي هئي، جڏهن جي. ايم. سيد جي سامهون هڪ پاسي جناح ۽ مسلم ليگ ۽ ٻئي پاسي سنڌ ۽ ان جي عوام جو مستقبل هو. جنهن لاءِ پڻ لکي ٿو ته ”ٻئي طرف منهنجي سنڌ ديس سان محبت هئي، جنهن ۾ ڄائو نپيو هئس، جتي منهنجي ويهن پيڙهين جو قبرستان هو.....“ سائين جي. ايم. سيد اهو محسوس ڪندي ته هاڻي سنڌ جي اهم مفادن جي ڪابه ڳالهه ڪانه رهي آهي، پاڻ جناح صاحب جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ورندي ڏني ته ”آئون انهيءَ معاملي تي ٻن سالن کان غور ڪري رهيو آهيان، گذريل ملاقاتن کان وٺي جڏهن توهان جدا ٿيڻ جو اشارو ڏنو هو، مون انهيءَ مسئلي تي ويچاريو آهي ۽ آئون ان راءِ تي پهتو آهيان ته صوبائي ڪائونسل جي فيصلي جو انحراف نٿو ڪري سگهان. منهنجي پهرين جوابداري صوبي جي جماعت آهي ۽ ساڳئي وقت پارليامينٽ جي يڪ طرفي بورڊ جي جانبدار فيصلي کي مڃڻ مشڪل آهي.“ ان کان پوءِ جناح صاحب سائين جي. ايم. سيد کي آخري ڀيرو مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي چونڊيل نمائندن جي لسٽ ڏياري موڪلي، جنهن جي قبولڻ کان سيد صاحب انڪار ڪيو. ان لسٽ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ترقي پسند گروپ جي چئني ميمبرن جا اسيمبلي ٽڪيٽ مرڪزي مسلم ليگ رد ڪيا هئا ۽ رڳو سندس پنهنجي ٽڪيٽ قائم رکي هئي. پنهنجي مليل ٽڪيٽ تان هٿ کڻندي سائين جي. ايم. سيد آل انڊيا ورڪنگ ڪميٽي ۽ ڪميٽي آف ايڪشن تان استعيفيٰ ڏني ۽ اهڙو بيان 26 ڊسمبر 1945ع تي اخبارن کي جاري ڪيائين. ان وچ ۾ مسلم ليگ جي ڪيترن ئي ليڊرن ٺاهه جون ڪوششون ڪيون، پر اهي سڀ ناڪام ويون ۽ سڀني ڌرين اها ڳالهه مڃي ورتي ته سيد جو ترقي پسند گروپ حق تي هو ۽ مرڪز هنن سان زيادتي ڪئي آهي. جناح بضد هو ۽ سيد سان ڪوبه شرط يا گفتگو نٿي ڪرڻ گهريائين ۽ چاهيائين ٿي ته ”سيد کي مرڪزي ليگ جي ضابطي ۽ فيصلي جي انحرافي ڪرڻ تي مون کان معافي وٺڻ گهرجي. تنهن کانپوءِ سندس بحال ڪرڻ جي سوال تي غور ڪيو ويندو.“ اهڙو اظهار هن کهڙي صاحب جي تار ملڻ کانپوءِ ڪيو. سائين جي. ايم. سيد ان وقت پنهنجي مؤقف تي اٽل رهندي، اهو فيصلو ڪيو ته هو ايمان کان خالي رشوت خورن ۽ نااهل حڪومت جي جاءِ تي هڪ اهل حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش کي ڏوهه نٿو چئي سگهي: ”منهنجي مسلم ليگ مان مون کي بدناميءَ ۽ سختيءَ جي طريقن سان هٽائي نٿو سگهجي. منهنجو ضمير صاف آهي، آئون ڪڏهن به سنڌ ۽ ان جي عوام جي ڀلائيءَ ۽ ان جي خدمت کان نه گسندس.... مون کي زبردستيءَ ۽ دڙڪن سان حق جي رستي تان ڦيرائي نٿو سگهجي.“ ان کان پوءِ 24 آڪٽوبر 1945ع کان سيد صاحب ۽ سنڌ پروگريسو گروپ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته مسلم ليگ ايماندار، ترقي پسند، روشن خيال ۽ سچن ڪارڪنن ۽ هڏ ڏوکي اڳواڻن بجاءِ نوابن، جاگيردارن، سردارن، خانصاحبن، انگريزن جي نوازيل لقب بردارن، سرن ۽ خانبهادرن جي پارٽي هئي.

اهڙي صورتحال کان پوءِ مسلم ليگ مرڪز کان پير علي محمد راشديءَ پڻ بغاوت ڪئي ۽ بيان جاري ڪيو ته ”منهنجو پاڪستان جي ٺهراءُ سان فقط هڪ حادثاتي واسطو هو ۽ هاڻي جناح صاحب جي کِل جهڙي نظريي کي اسين ڇو قبول ڪريون. سنڌ ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جيڪو اسان کي گهرجي ٿو..... جناح جي پاڪستان جو نعرو سنڌ کي سندس موروثي فائدن ۽ وسيلن کان محروم ڪري ڇڏيندو.“ سائين جي. ايم. سيد طرفان بيهاريل مسلم ليگ جي مرڪزي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ پير علي محمد شاهه راشدي ۽ يوسف هارون ڪاميابي حاصل ڪئي. سائين جي. ايم. سيد اها ڳالهه هاڻي چڱيءَ طرح سمجهي چڪو هو ته پاڪستان غريب عوام لاءِ نه بلڪه جاگيردارن، وڏيرن، پيرن ۽ ميرن لاءِ آهي ۽ چيائين ته ”ننڍن صوبن تي وڏا صوبا پنهنجي ناپاڪ حڪومت هلائي رهيا آهن.“ يوسف هارون جنهن سائينءَ جي حمايت سان مرڪز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، مرڪز جي بچاءُ ۾ الزام لڳائيندي چيو ته ”جي. ايم. سيد هندو سرمائيدارن جو آواز بڻجي پيو آهي.“ ۽ لياقت علي خان به هن موقعي تي چيو ته ”سيد سازش هيٺ مسلم ليگ کي خنجر هنيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ڪميٽي آف ايڪشن سائين جي. ايم. سيد کي مسلم ليگ جي تنظيم تان قائدن ۽ قانونن جي خلاف ورزيءَ جو الزام هڻندي، 4 جنوري 1946ع تي اعلان ڪندي هٽائي ڇڏيو. جڏهن ته جي. ايم. سيد مسلم ليگ تان اڳ ۾ ئي استعيفيٰ ڏئي چڪو هو. هي جناح طرفان هڪ رسمي ڪارروائي هئي. هن اعلان کان پوءِ سنڌ جي مسلم ليگ جي واڳ عارضي طور محمد هاشم گذدر کي ڏني وئي.

هاڻي سنڌ ۾ جي. ايم. سيد لاءِ هڪ الڳ ۽ نئين سياسي صورتحال هئي. 21 جنوري 1946ع ۾ اليڪشن لاءِ مرڪز طرفان نامزد ڪيل سنڌ مسلم ليگ جي اميدوارن جي مقابلي ۾ سيد صاحب 16 اميدوار مسلمان قومپرست سڃاڻپ سان بيهاريا، جنهن جو اڳواڻ مولا بخش سومرو هو. مسلم ليگ وارن سيد گروپ جي خلاف مذهبي پروپيگنڊا شروع ڪئي ۽ غريب عوام کي مذهبي نعرن وسيلي ڀڙڪائي جذباتي ڪيو. ساڳئي وقت انگريزن جي حمايت مسلم ليگي ٽولي سان هئڻ سبب سيد جا ساٿي گهڻيون سيٽون نه کڻي سگهيا. هن کان پوءِ 27 اميدوارن جي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ 8 فيبروري 1946ع تي مسلم ليگ حڪومت ٺاهي ۽ انگريزن جي منظورِ نظر ساڳئي غلام حسين کي وزيراعظم بڻايو، جيڪو جي. ايم. سيد جو سياسي مخالف هو. سائين جي. ايم. سيد هن نااهل، ايمان کان خالي ۽ رشوت خور مسلم ليگ جي ٺهندڙ حڪومت کي ڏسندي ڪانگريس سان، جنهن جا 21 ميمبر اسيمبليءَ ۾ هئا ۽ ٻين ميمبرن کي اپيل ڪندي گڏيل پارٽي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ غلام حسين خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آندائين، جيڪا هڪ ووٽ تان ناڪام ٿي ۽ ٻئي ڏينهن تي مير بنده علي مسلم ليگ جي وزارت خلاف بيان ڏنو. اهڙيءَ طرح ووٽ برابر ٿيڻ بعد ڪَتر جي رٿ ذريعي غلام حسين کي شڪست آئي ۽ سنڌ جي گورنر سر موڊيءَ جي مداخلت سبب ان وقت جي وزارت کي ڊهڻ کان بچائيندي، مير بنده عليءَ کي وزير بڻايو ويو. اهو ياد رهي ته مسلم ليگ جي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مير بنده عليءَ کي مسلم ليگ، وزارت ڏني ۽ ٻئي پاسي اُصول پرست گروپ کي ناانصافين خلاف احتجاج ڪرڻ تي ليگ کان ٻاهر ڪڍيو ويو.

ڪئبنيٽ مشن اڳيان سيد طرفان صوبن جي خود ارادي ۽ مڪمل خود مختياريءَ جي گهُر:

24 مارچ 1946ع تي برطانوي سرڪار جي ڪئبينيٽ مشن دهليءَ ۾ پهتي، سندس مقصد ”هندستان کي آزادي ڪيئن ڏجي“ هو. جي. ايم. سيد کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ گڏيل پارٽيءَ جي مخالف اڳواڻ جي حيثيت سان 2 اپريل 1946ع تي دهليءَ ۾ گهرايو ويو هو. جي. ايم. سيد ان مشن اڳيان هندستان جي هرهڪ رياست لاءِ حق خود ارادي ۽ مڪمل خود مختياريءَ جي گهُر ڪئي. ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ان وقت جي اخبار ”سنڌ آبزرور“ موجب جي. ايم. سيد برطانيه جي ڪئبينيٽ مشن کي اهو آگاهه ڪيو ته ”هن هڪ ”سنڌي پاڪستان“ ٺاهڻ ٿي گهريو، پر مسلم ليگ جي جاگيردارن، وڏيرن ۽ پيرن جي سحر مان صاف صاف نڪري اچڻ کانپوءِ هن پنهنجي گهُر کي بدلايو آهي. هاڻي هو ۽ سندس گروپ پاڪستان بدران آزاد سنڌ چاهي ٿو.“ ان ڳالهه جو حوالو ڏيندي، جي. ايم. سيد 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪا قرارداد پيش ڪئي هئي، ان موجب پاڪستان آزاد قومي رياستن جي يونين طور قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ به آزاد اڪائيءَ طور شامل هجي.

هاڻي اِتي هڪ اهم سوال پڇي سگهجي ٿو ته صوبا بشمولِ سنڌ خود مختياري ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ ڪيئن ناڪام رهيا! حقيقت ۾ اُن وقت جي سنڌي قومپرست قيادت انگريز ۽ انهن جي مسلم ليگي ڇاڙتن جي ڄار ۾ پوريءَ ريت ڦاسي چڪي هئي. برطانوي سامراج ”اقتدار کي ورهايو ۽ راڄ ڪريو“ واريءَ چال کي سياست ۾ استعمال ڪيو. آڪسفورڊ جي پڙهيل ڪانگريس اڳواڻ جواهر لعل نهرو ۽ ٻئي پاسي جناح صاحب حالتن جو فائدو وٺندي، ٻنهي اڳواڻن لارڊ مائونٽ بيٽن کان اها رعايت ورتي ته صوبن ۽ ڏيهي رياستن کي 1940ع واري آڇيل خود اختياري ۽ آزاديءَ واري حق جي ڳالهه کان پاسيرو رکندي، مملڪت ۾ کين حڪمرانيءَ جو اعزاز عطا ٿئي. هندستان ۽ پاڪستان جي نالي ۾ آزاديءَ جي خيرات وٺندڙ ٻنهي ڌرين- ڪانگريس ۽ مسلم ليگ مشن اڳيان دعويٰ ڪئي ته حڪومتِ برطانيه جي سڄي ساک رهجي ايندي. ان کان پوءِ لارڊ مائونٽ بيٽن سڄو وقت صوبن ۽ ڏيهي رياستن کي فقط هندستان يا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. جيستائين سنڌ جي آزاديءَ جو سوال هو ته انگريزن اهو هرگز نٿي چاهيو ته بندرگاهه وارو شهر ڪراچي، جيڪو سوئيز ڪئنال کان آسٽريليا جي وچ ۾ رابطي لاءِ نهايت ضروري منزل تي هو، اهو جي. ايم. سيد جهڙي انگريز دشمن ۽ زورآور شخصيت جي هٿن ۾ وڃي. اهڙيءَ ريت جي. ايم. سيد، ڪئبينيٽ مشن اڳيان صوبن جي حقِ خود ارادي ۽ خود مختياري ڏيڻ جي گهُر ڪري، پاڻ کي سنڌ جو سچو سپوت ثابت ڪيو.

جي. ايم. سيد قومي مسئلن ۽ سنڌين جي مستقبل جي جياپي لاءِ پنهنجو ڀرپور قومي ۽ تاريخي ڪردار نڀائيندي جتن ڪيا. 1946ع واري اليڪشن ۾ جناح صاحب جِي الانا کي اليڪشن ڪميٽيءَ جو آنرري سيڪريٽري مقرر ڪيو ۽ کيس چيائين ته ”سنڌ پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم صوبو آهي، تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته مسلم ليگ ڪهڙي به طرح سان 35 سيٽون حاصل ڪري ته جيئن سنڌ اندر مسلم ليگي وزارت ٺهي سگهي.... مون کي مسلم ليگ جون سڀ سيٽون کپن، خاص طور تي سيد واري سيٽ ضرور کپي..... جي. ايم. سيد واري سيٽ تمام اهم آهي ۽ آئون قاضي محمد اڪبر کي ڪهڙيءَ به صورت ۾ ڪامياب ڏسڻ چاهيان ٿو.“ سيد ۽ اُن جي ساٿين ۽ مسلم ليگ جي مخالفت ڪندڙن کي غدار سمجهندي سموري سازش ۾ اسلام ۽ پاڪستان جي نعري جو استعمال ڪيو ويو ۽ سيد کي سرڪاري اعلان موجب هارايل اُميدوار ڄاڻايو ويو. 12 فيبروري 1947ع تي جي. ايم. سيد انهيءَ فيصلي خلاف اليڪشن ۾ پٽيشن داخل ڪئي. هي تاريخي ٽربيونل بي- پي دلال صدر، رحيم بخش شيخ ڪمشنر ۽ فيروز نانا تي مشتمل هو. انهيءَ ٽربيونل پنهنجو تاريخي فيصلو سنڌ جي گورنر کي، ٻن سالن کان پوءِ 2 فيبروري 1949ع تي ڏنو، جنهن ۾ قاضي محمد اڪبر، پير الاهي بخش ۽ مير محمد شاهه (چيئرمين ضلعي لوڪل گورنمينٽ) دادو کي چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام ثابت ٿيڻ تي نااهل قرار ڏنو ۽ قاضي محمد اڪبر صاحب کي سائين جي. ايم. سيد کي اٺ هزار روپيا ڏنڊ طور ڀري ڏيڻ لاءِ چيو ويو ۽ جي. ايم. سيد کي 1952ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بحال ڪيو ويو. مسلم ليگ اڳ ۾ ئي سنڌ اسيمبليءَ جون 35 سيٽون سيد جي سيٽ سميت حاصل ڪري چڪي هئي. ان کان پوءِ برطانيه سرڪار 1 جون 1947ع تي ورهاڱي جي رٿ ڏني. 20 جون 1947ع تي هڪ خاص اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو تاريخي اعلان ڪيو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان وجود ۾ آيو. اهو پاڪستان جنهن جا صوبا خود مختياري ۽ ڏٺل ۽ ڏيکاريل چٺ پويان لڳا ۽ اڃا تائين گريٽر پنجاب جي زيردست صوبن جي صورت ۾ ئي رهڻ تي پاڻ کي سڙندي ۽ مرندي پيا ڏسن ۽ وفاق جي ٽُڪرن تي محتاج رهڻ ۽ هيستائين هٿين پيرين، مونڙين پنڌ، وفاقي فوج جي گهاڻي ۾ پيڙبا پيا رهن.

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ:

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي شهر کي ملڪ جي گادي بڻائڻ جي آڇ سنڌ جي گورنر سر غلام حسين مرڪز کي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح 23 جولاءِ 1948ع تي جناح صاحب جي حڪم موجب ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو ۽ سائين جي. ايم. سيد کي اُن جي مخالفت ڪرڻ تي ٽن مهينن لاءِ سندس اباڻي ڳوٺ سن اندر نظر بند ڪيو ويو. عبدالواحد آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڇا ته شخص هو“ ۾ لکي ٿو: ”1953ع ۾ عبدالستار پيرزادو سنڌ اسيمبليءَ ۾ حزب اقتدار جو اڳواڻ ٿيو، يعني وزير اعليٰ ٿيو ۽ جي. ايم. سيد حزب اختلاف جو ليڊر چونڊيو ويو. اُن وقت سيد پنهنجي سياسي دور انديشيءَ ۽ عوامي طاقت جي آڌار تي سنڌ اسيمبليءَ کان هي ڪم ڪرايا، الف: ڪراچي کي وري سنڌ سان ملائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو، ب: سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌي جدا قوم هجڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو، ت: سنڌي زبان کي سنڌ جي اڪيلي زبان ۽ پاڪستان جي قومي زبان بڻائڻ جو بل منظور ڪرايو، ث: نئين گاج، نئين بارڻ، نئين سن ۽ ٿر ۽ ڪوهستان جي ٻين نئين تي بند ٻڌائي، پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ 32 ڪروڙ روپيا منظور ڪرايا، ح: ڪوٽڙيءَ کان انڊس هاءِ وي رستو منظور ڪرائي، سروي جو ڪم شروع ڪرايو، جيڪو ون يونٽ واري دؤر ۾ مڪمل ٿيو، د: ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جو بنياد وجهرايو، اهڙيءَ ريت سيد کي جڏهن به موقعو مليو ته هن اسيمبليءَ اندر يا ٻاهر عوام جي مفادن جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.“

1948ع ۾ جناح صاحب جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻه قوتون سامهون آيون: هڪ لياقت علي خان، جنهن پناهگيرن جي نمائندگي ٿي ڪئي ۽ ٻي پنجاب اسٽيبلشمينٽ، جنهن کي مليٽري بيورو ڪريسيءَ جي حمايت حاصل هئي. ان ڪري ون- يونٽ جو قيام عمل ۾ آيو. سيد جي ون-يونٽ واري دؤر ۾ پاڪستان جي سربراهه اسڪندر مرزا سان ملاقات ٿي ته کيس چيائين، ”آئون حڪمرانن سان ملڻ ۾ وڏ ماڻهپي جي نشاني ڪونه ٿو سمجهان، آئون توکي صرف اهو چوڻ ٿو چاهيان ته ون-يونٽ ٽوڙ.“ پاڪستان جي مغرور حڪمران کيس چيو ته ”ون-يونٽ نه ٽُٽندو.“ سيد کيس جواب ڏيندي چيو ”ته پوءِ ٻُڌي ڇڏ ته پاڪستان ۽ ون-يونٽ ٻئي ٽُٽندا“- ۽ سڄيءَ دنيا ڏٺو ته 1971ع ۾ بنگلاديش جو اعلان ٿيو ۽ ون-يونٽ به ٽُٽو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جناح آڏو بنگال، سرحد ۽ سنڌ ۾ جهڙيءَ ريت حڪومتون سندس ئي دؤر ۾ پڄاڻيءَ تي پهتيون، ان عمل کي ڪنهن به ريت جمهوري عمل قرار نٿو ڏئي سگهجي. جناح صاحب جي اهم غلطي اردوءَ کي پاڪستان جي قومي زبان قرار ڏيڻ هئي، جيڪو سندس جمهوري فيصلو نه هو. جنهن بنگال جي آزاديءَ ڏانهن راهه هموار ڪئي. جناح صاحب جڏهن کان مسلم ليگ جو صدر ٿيو، ان کان پوءِ مسلم ليگ ۾ ڪڏهن به چونڊون ڪونه ٿيون ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن گورنر جنرل، مسلم ليگ جي صدر ۽ اسيمبليءَ جي صدر واريون ٽئين ڪرسيون پاڻ وٽ رکيون. مسلم ليگ هندستان مان گهرايل پناهگيرن جي خوشيءَ خاطر پوريءَ سنڌ جو انتظام، واپار ۽ تجارت، انهن جي حوالي ڪري سنڌين کي سندن ئي زمين تي بي وسيلو، لاوارث ۽ ننڌڻڪو بڻايو. ان کان سواءِ هندن ۽ سِکن جون ڇڏيل ملڪيتون پناهه گيرن حوالي ڪيون.

سيد صاحب 1966ع ۾ ”بزمِ صوفياءَ سنڌ“ نالي غير سياسي ڪلچرل تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن وسيلي هن صدين جو فڪري خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي! هن تنظيم سنڌي عوام کي بي مثال سياسي تعليم ڏني ۽ اڄ جا ڪيترائي چوٽيءَ جا سياستدان ان جي پيداوار جو نتيجو آهن. هن تنظيم ۽ سنڌ ۽ سنڌي وطن دوست اديبن- خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت سنڌي عوام کي ون-يونٽ خلاف بهادرانه حوصلو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ سيد صاحب کي نظربند ڪيو ويو.

سائين جي. ايم. سيد جيئن ته ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل نه ڪئي، پر تاريخ، سائنس ۽ فلسفي تي ڪافي ڪتاب پڙهيائين، جنهن وسيلي کيس سياسي شعور ۽ تيز فهمي حاصل ٿي. لينن مطابق ”توهان ڪميونسٽ تڏهن ٿي سگهو ٿا، جڏهن توهان جا دماغ علم جي ان سموري خزاني سان مالامال ٿين، جيڪو انسانيت اسان کي ڏنو آهي.“ بدقسمتيءَ سان سنڌ ڪانگريس ۾ جي. ايم. سيد جهڙو سچو انقلابي اڳواڻ موجود ڪونه هو. پاڻ انگريزن جا ڪٽر دشمن ۽ غلاميءَ کان سخت نفرت ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به انگريزن کان لقب ڪونه ورتائون. سنڌ جي قومي خود مختياري ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي، پنهنجي زندگيءَ جا بهترين ٽيهن کان مٿي سال جيل جون تڪليفون سهندا رهيا، سندن وفات 25 اپريل 1995ع ۾ ٿي .

ibrahimjoyo@yahoo.com

سيد جي سالگرهه قومي تحريڪ جي ڪارڪنن لاءِ عيد جو ڏينهن

توفيق سومرو

17 جنوري سنڌ جي ان عظيم انسان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي جنهن زندگي جي آخري گهڙي تائين پنهنجي ڌرتي سان نيهن جو ناتو جوڙي رکندي ثابت قدمي سان پاڻ ملهايو ان ڏينهن کي نه صرف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان بلڪه پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي توڙي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ سندس فڪري پوئلڳ ۽ همدرد خوشي جو ڏينهن ملهائيندي کيس سندس فڪر تي روشني وجهي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهن ۽ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجائيندا آهن 17 جنوري هجي يا 25 اپريل سائين جي ايم سيد جي ضلعي دادو ۾ قائم شهر سن جا روڊ رستا ڪهاڙي وارن ڳاڙهن جهنڊن ۽ عوام جي وڏي پيهه سان ٻهڪندي نظر ايندا آهن خاص طور تي سيد جي جنم ڏينهن وارو 17 جنوري پڻ عيد جو ڏينهن محسوس ٿيندو آهي جتي سيد سان محبت ۽ عقيد ت رکندڙ ماڻهن پاران سالگرهه جي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي، اڄ جي جديد دور ۾ ته سالگرهه واري ڏينهن تي انٽر نيٽ ۽ موبائيل ايس ايم ايس پڻ وڏي انگ ۾ استعمال ڪري هڪ ٻئي کي مبارڪباد جو ذريعو نڪري پيو آهي جڏهن ته سيد کي پنهنجو قومي رهبر ۽ پارٽي جو باني سمجهندڙ ڌرين پاران سن شهر توڙي ٻين هنڌن تي پڻ تقريبون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي پر ان ڏينهن تي ڪيتري ئي پوئلڳن جي پڻ اها خواهش هوندي آهي ته سن شهر ۾ هڪ ئي وڏي تقريب ٿئي، جيتوڻيڪ ڪجهه ڀيرا هڪ تقريب عملي طور تي ٿي به آهي پر پاڻ کي چڱو مڙس، سيد جو سچو پيروڪار ۽ خاص طور اسٽيج تي ويهڻ ۽ تقريرون ڪرڻ جو شوق ۽ خود غرضي جهڙن عنصرن سبب سن شهر ۾ سالگرهه توڙي ورسي جي ڏينهن ۾ جداجدا جلسا ۽ ٻيون تقريبون ٿيندي نظر اينديون آهن جن ۾ عهد وفا وچن ورجايو ويندو آهي پر قومي تحريڪ جي مجموعي توڙي پارٽين جي انفرادي ڪردار ۽ عمل تي جائزو پڻ نه وٺڻ جي برابر نظر ايندو آهي جيڪو پڻ بنيادي سوال آهي ماضي جي تجربن ۽ مستقبل کي نظر ۾ رکندي حڪمت عمليون جوڙڻ تي ڌيان گهٽ ڏنو ويندو آهي، اڄ سيد جيڪڏهن حيات هجي ها ته کيس پنهنجي فڪر جي تيزي سان ملندڙ ڪاميابي تي خوشي ٿئي ها پر سيد جي روح کي ان ڏينهن ضرور خوشي ٿيندي جڏهن سنڌ پنهنجي صدين کان قائم حيثيت هيٺ ٻيهر غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي آزاد ٿي ويندي، اڄ ڪالهه سياست اڳ جي ڀيٽ ۾ سولي نظر اچي رهي آهي ڇو ته پرنٽ بعد اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تيز رفتار ڪردار سبب سياستدانن جو موقف منٽن نه پر سيڪنڊن ۾ رڳو ڪارڪنن تائين ئي نه بلڪه پوري دنيا جي ماڻهن تائين پهچي ويندو آهي جيتوڻيڪ اڳ جي اصولن ۽ سچائي واري سياست جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي ڪوڙ، ٺڳي، فنڪاري، لفاضي، ۽ لفظن جي جادوگري واري سياست ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي سياست، عبادت بجاءِ اڄ ڪلهه ڪاروبار بڻائي وئي آهي، سنڌ اندر سياست جا وري بنياد ئي عجيب نظر اچن ٿا، جنهن ۾ به نظرياتي سياست جي نالي ۾ مڪار سياستدانن پنهنجا مفاد ۽ بليڪ ميلنگ جو ذريعو سياست کي بڻائي ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ اڻ پڙهيل ۽ پڙهيل جاهلن جي فوج سندن پٺيان ڊوڙندي نظر پئي اچي اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن سائين جي ايم سيد زنده هجي ها ته پوءِ سندس سنڌ جي عشق ۽ آزادي وارو پيغام عام ماڻهن جي وڏي حصي تائين ميڊيا جي تيز رفتار ذريعن سبب پهچي وڃي ها جيڪو اڃان تائين 50 سيڪڙو به ناهي پهتو، سائين جي ايم سيد کي تقريبن 30 سالن تائين قيد ۽ نظر بندي ۾ رکيو ويو، جنهن سبب ان جو فڪر عام ماڻهن تائين نه پهتو ۽ جن وٽ پهتو به ته اهي پنهنجي وسيلن ۽ سچائي جي بنياد تي پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ ڪي وري ان جو نالو استعمال ڪري پنهنجا ذاتي مفاد حاصل پيا ڪن جيڪي گهڻي ڀاڱي هينئر ظاهر ٿيندا پيا اچن، سيد جي قوم سان عشق جي سچائي ان جي پوري زندگي ۾ سندس عملي ڪردار سان لڳائي سگهجي ٿي جنهن پيدا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ جي قتل بعد سخت ڏک ڏٺا ۽ ملڪيت هوندي به روايتي سيد گهراڻن جي مردن جي ڪردار بجاءِ هڪ سادي زندگي کي ترجيح ڏئي ڌرتي جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ واري ڪنڊن جي جدوجهد تي هلندو رهيو پر پنهنجي قول تان پٺتي نه هٽيو، جنهن سبب اڄ سندس مخالف به سچائي جو اقرار ڪري رهيا آهن پاڪستان جي قومي اسيمبلي هجي يا سنڌ جي اها صوبائي اسيمبلي جنهن پاڪستان کي ٺاهڻ واري پهرين قرار داد پيش ڪئي، اتي ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ڏاڍائين ۽ استحصال بابت هاڻي آواز جو گونججڻ سيد جي فڪر جي پڻ ڪاميابي آهي، جنهن تي اڳ وفاق پرست پارٽين پاران مخالفت ۽ ڪفر جا الزام لڳايا ويندا هئا، هڪ ڏاهي تازو ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران چيو ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي پر ماءُ سان ڪجهه نافرمان پٽن جي ڪري کيس تڪليف پهچي پئي، هر ڪنهن جو پنهنجو خيال آهي ۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سنڌ ئي پاڪستان کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي قيمت کيس ڀوڳڻي پئجي رهي آهي ۽ سائين جي ايم سيد جا دور انديشي وارا قول پڻ سچ ثابت ٿي رهيا آهن، حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته سنڌي ٽوپي پائيندڙ صدر کي به ان ئي نشاني تي رکيو پيو وڃي جنهن نشاني تي هر هڪ سنڌي کي رکيو ويو آهي جيتوڻيڪ ان جو سائين جي ايم سيد جي فڪر سان جيتوڻيڪ ڪو به تعلق ناهي جنهن لاءِ هو پنهنجي هر تقرير ۾ پاڪستان کپي جا نعرا ڏئي پاڻ کي سچو پاڪستاني پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر پنجاب جيڪو هن ملڪ تي اصل حڪمران ۽ قبضو ڄمايون پيو اچي ان جي ماڻهن سندس نعرن باوجود به پنهنجو شروع کان وٺي اختيار ڪيل ازلي شڪ ختم ناهي ڪيو، تازو پنجابي ۾ آصف زرداري جي لاهور ۾ تقرير سامهون آئي آهي جنهن کان پوءِ ڏسجي ته پنجابي اسٽبلشمينٽ کيس ڪيترو ملڪ جو وفادار قرار پئي ڏئي ڇو ته هنن جي نظر ۾ سچا پاڪستاني صرف پنجابي ئي آهن انهن لاءِ نه ڪو سنڌي نه ڪو اردو نه ڪو بلوچ ۽ نه ڪوئي پشتو زبان ڳالهائيندڙ آهي ملڪ جي ٺهڻ کان پوءِ هاڻي تائين مظلوم قومن ۽ صوبن سان پنجاب جو رويئو هينئر ماڻهن کي سمجهڻ ۾ اچي رهيو آهي اهو سيد جي نظريي جو ڪمال آهي ته جنهن پاڪستان ٺاهڻ کان پوءِ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو ته هو ته پنجابي اسان يا ٻين مظلوم قومن سان سچا ٿيندا ئي ڪونه سندن مان سچائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابرمثال آهي، سنڌ سان تعلق رکندڙ صدر هجي توڙي ڪو ٻيو عام اختيار رکندڙ ماڻهو جيستائين حقيقي انداز ۾ سنڌ سان ٿيندڙ استحصال ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ عملي طور تي ڪردار ادا نه ڪندو تيستائين سنڌي هجڻ يا نه هجڻ جي خوش فهمين ۾ نه پوڻ گهرجي ڇو ته ماضي اهڙن ماڻهن سان ڀريل آهي جن سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري سنڌ کي ڪجهه به ناهي ڏنو نتيجي ۾ اڄ سندن مقرر ڪيل پاڻي جي 1991 واري ٺاهه تي به عمل نه ٿو ٿئي سنڌ درياهه سوڪڙي جو شڪار ٿي ويو آهي پر انهن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري ٺٽي ۽ بدين جي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ سبب زمين سمنڊ حوالي ٿي رهي آهي ۽ هينئر جنهن اين ايف سي ايوارڊ کي سنڌ جا اڪثر ماڻهو سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪو خاص عمل نه سمجهي رد ڪري چڪا آهن ان تي عمل جو باقي ڪيترو انتظار ڪجي اهو ايندڙ وقت تي ڇڏيون ٿا، سنڌ ساڳئي سورن ۾ رهندي پئي اچي انهن سورن جي خاتمو سائين جي ايم سيد سنڌ جي اڳوڻي آزاد ۽ خودمختيار واري حيثيت پڻ ٻڌائي چڪو آهي ۽ واضع ڪري چڪو آهي ته اسان غلام آهيون ۽ غلامي جو بدترين مثال موجوده سنڌ جي ماڻهن جي حال مان لڳائي سگهجي ٿو،

ملڪ، صوبي، شهر، قوم، ذات جي ماڻهن سان محبت ۽ پيار هڪ قدرتي ۽ فطري عمل آهي جنهن کي اسلام ۾ به هڪ حد تائين اجازت ڏني وئي آهي، پر ان کي تعصب ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻين قومن جي ماڻهن جا حق صلب ڪرڻ پڻ ظلم آهي، ڏاها چئي ويا آهن ته ظلم ڪرڻ ۽ ظلم سهڻ هڪ جيترو گناهه آهي، هينئر باشعور ماڻهن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ظلم ڪرڻ ۽ ظلم سهڻ جي چڪر مان نڪري سائين جي ايم سيد جي ڪردار وانگر پنهنجي ڌرتي سان سچي عشق ۽ ان جي ترقي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ٿا ڪن، اهو هر ڪنهن جي ضمير تي ڇڏجي ته بهتر آهي، ڇو ته هن دور ۾ ڪنهن به ٻي ماڻهو جي گرنٽي ڪو ٻيو ماڻهو نه ٿو ڏئي سگهي، ڪنهن جي به اندر جي آواز ۽ سچ کي دٻائڻ وارو دور هينئر ختم ٿي چڪو آهي، سائين جي ايم سيد کي سندس سالگرهه واري ڏينهن تي صحيح معنيٰ ۾ خراج عقيدت ايئن پيش ڪري سگهون ٿا جو ان جي ڏسيل واٽ تي صحيح طريقي سان عمل ڪري سندن مشن کي اڳتي وڌائجي، اڄ شاعر جا اهي لفظن به سيد جي سالگرهه واري لکڻي لاءِ ذهن تي تري آيا آهن ته توکي ڏسندي ٿيو ويساهه ڄاڻي خدا سنڌ جيئندي سدا سنڌ جيئندي سدا.

هڪ صديءَ جو سٻاجهڙو ۽ اٽل انسان جي ايم سيد

حسن جوڻيجو

سنڌ جي هڪ صدي اکين ۾ سمائي، آخري پساهن تائين آزادي لاءِ جاکوڙ رکندڙ شخص جو قيد دوران عجيب منظر اهو به هوندو هو جو جڏهن هن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري، ان کي قيد رکڻ جو جواز پيدا ڪيو ويو تڏهن هو قيديءَ جي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ويندو هو ته اڪثر ڪري جج غائب هوندو هو ۽ جيڪڏهن جج عدالت ۾ حاضر رهندو هو ته پوليس اسڪواڊ نه هئڻ جو عذر ڏئي قيدي کي ڪورٽ نه پهچايو ويندو هو، حڪومت ۽ قيدي جي ايستائين اها راند جاري رهي جيستائين سيد جمهوريت جي نالي تي قائم ٿيل حڪومت ۾ قيديءَ جي حيثيت سان آخري پساهه پورا نه ڪيا سيد جيڪو پاڪستان جي جنم لاءِ جاکوڙيندڙ پهريون ننڍڙي عمر جو سياستدان هو جنهنجي ڪوششن سان سڀ کان پهريائين قرارداد پاڪستان سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي وئي، پر پاڪستان جي جنم وارن واعدن جيان، قرارداد پاڪستان جو مينار وري لاهور جي هڪ ميدان تي ٺاهيو ويو جتي پاڪستان جي قرارداد ڪڏهن پاس نه ڪئي وئي هئي پر لاهور جي ڀاڳ سان لاڙڪاڻي جي ڀيٽ ڪرڻ هن خدادا مملڪت ۾ ته ممڪن ئي ڪونهي ۽ ان لاهور جي لاڏلي راجه رجيت سنگهه جنهن کي پنجاب جو سابق وزير اعليٰ حنيف رامي پنهنجي ڪتاب ”پنجاب ڪا مقدمه“ ۾ قومي هيرو ڪري پيش ڪري ٿو، پر سنڌ ان کي اڄ به انگريز سامراج جو دلال ۽ ڀاڙيتو سمجهي ٿي، جنهن خلاف سنڌ جي پير پاڳاري جنگ جوٽي ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي پر گهڻين سازشن ۽ ڪيسن داخل ڪرڻ جي ڪوششن کان پوءِ انگريز سامراج ان مٿان به بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو پر سيد جي ڪيس جيان سورهيه بادشاهه تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ان ڪيس جي شاهدن کي ڀرپور رعايتن سان نوازيو پر انگريز خوف سبب انهن کي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ جڏهن سورهيه بادشاهه تي ڪيس هلايو ويو ته ان مسلمان وڪيل جي گهر ڪئي، جيڪا به سرڪار ڪنهن به صورت ۾ پوري ڪرڻ کان انڪاري هئي. جنهن کان پوءِ شاهدن کي جڏهن شاهدي لاءِ آندو ويو تڏهن به شاهدن ۽ سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ پردو ڏنو ويو ڇو ته سورهيه بادشاهه جو انگريزن تي ايترو ته خوف طاري هو جو انهن کي خطرو هو ته متان سورهيه بادشاهه کي ڏسڻ سان ئي شاهد شاهدي نه ڏئي سگهن ۽ پوءِ جڏهن سورهيه بادشاهه کي بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا ته ڏني وئي پر ڦاهيءَ کان پوءِ کيس دفنائڻ جو وڏو مسئلو ٿي ويو انگريزن کي انهيءَ سوچ اچي پريشان ڪيو ته سورهيه بادشاهه جي ڪٿي به مزار ٺاهي وئي ته اتي هزارين لکين مٿي ڦريا حر ڪٺا ٿيندا ۽ وري انهن ۾ آزاديءَ جي سوچ سگهاري ٿيندي ۽ انگريز خلاف هو پنهنجي مزاحمت جاري رکڻ پنهنجو فرض سمجهندا ۽ جيئن ته پاڪستاني رياست به انگريزن جي قانون جو نعملبدل آهي تنهن ڪري هن رياست کي به سائين جي ايم سيد مان سورهيه بادشاهه جيترو ئي خوف ۽ خطرو رهيو، جنهن ڪري هو هر صورت ۾ سيد کي قيد ۽ نظربند رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ آخري وقت ۾ به کيس ٻاهرئين ملڪ علاج جي اجازت نه ڏني وئي پر سيد جي وصال کان پوءِ سن ۾ قائم ٿيل مزار تي لکين سندس سرفروش قومي ڪارڪن سالگرهه ۽ ورسيءَ جي ڏهاڙي تي ڪٺا ٿي نئون اتساهه وٺندا ۽ نئين جذبي ۽ جوش سان جاکوڙ جا وعده ۽ وچن ڪندا آهن قيد دوران سيد جي لاڏاڻي تي بي بي سي جي نمائندي سن جي منظر ڪشي ڪندي چيو هو ته اتي هزارين نوجوان ان هڪ صديءَ جي جهور پوڙهي جي وڇوڙي تي اهڙو ته ماتم ڪندا رهيا جو ڄڻ سندن پيءُ گذاري ويو هجي، حالانڪه هن جا هم عمر ماڻهو تمام گهٽ هئا پر گهٽ عمر جي ماڻهن جو اهو سڀ کان دنيا ۾ وڏو انبوه هو جيڪو پاڻ کان وڏي عمر جي ماڻهو لاءِ ائين ماتم ڪندو رهيو بي بي سي جي نمائندي کي ڪهڙي خبر ته سيد رڳو سنڌ جي قومي ڪارڪنن جو پرجهلو ۽ ڇپر ڇانو نه پر پيءُ ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اهڙو ته سٻاجهڙو ۽ جبل کان مضبوط شخص هو جيڪو هڪ طرف رياست لاءِ هڪ شخص چئلينج هو ۽ ٻئي طرف سيد جي بنگلي کي سنڌ جا قومي ڪارڪن پنهنجو گهر سمجهي نه صرف بغير ڪنهن کٽڪي جي رهڻ ايندا هئا بلڪه اچڻ کانپوءِ استعمال به ڪندا هئا گهڻو سفر ريل جو هئڻ ڪري سياري جي راتين ۾ هڪ بجي ڪڏهن ٻي ۽ ٽي بجي به ريل اچي سن اسٽيشن تي رڪبي هئي پر قومي ڪارڪنن کي اها ڳڻتي ڪو نه هوندي هئي ته بنگلي تي ماني ۽ هنڌ ڪير ڏيندو پر جڏهن ۽ جهڙي وقت به پهچندا هئا ته سياري جي پاري واري رات ۾ به سيد قومي ڪارڪنن جي سار لهڻ لاءِ پاڻ گهران نڪري اچي پڇا ڪندو ته سڀني ماني کاڌي آهي يا نه ۽ سڀني کي جدا، جدا بسترو مليو آهي يا نه ۽ پوءِ گهر هليو ويندو هو رات جو ڪيترائي ڀيرا پاڻ اچي ڪارڪنن تي هڪ محافظ ۽ ماءُ جيان ڏسندو ته ڪنهن تان سوڙ يا رلي ته نه لٿي آهي اها سڌي ڪندو ڪنهن کي ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ناهي رهي، راتين جو قومي ڪارڪنن جي جاڳي تيمارداري ڪرڻ ۽ ڏينهن جو انهن سان گڏ ماني کائڻ ڪچهريون ڪرڻ ۽ انهن جا مختلف انگل پيءُ جيان مڃڻ هر قيد مان آزاد ٿيندڙ قومي ڪارڪنن کي اجرڪ ڏيڻ ۽ خرچي ڏيڻ ۽ هر قومي ڪارڪنن کان پنهنجي تر ۽ آس پاس جا احوال وٺڻ ۽ بغير اميري غريبيءَ جي فرق کانسواءِ سڀني جو هڪجهڙو خيال رکڻ ڪو سيد کان سکي هو جيڪو ايڏو ته ٻاجهه ڀريو شخص هو جيڪو هر قومي ڪارڪنن جو انگل ته پورو ڪندو هو پر ڪيترائي ڪارڪن جڏهن واپسيءَ لاءِ سيد کان ڪرايو گهرندا هئا ته هو انهن کي ڪرايو به ڏيندو هو پر هو هن رياست اڳيان ايڏو ته اٽل هوندو هو جو ڪنهن شاعر چواڻي ته ٽڪر سان آ ٽڪر پنهنجو ٽڪر بڻجي رهڻو آ، ضيائي مارشلا جي اونداهي دؤر ۾ سائين جي ايم سيد جي سن ۾ سالگرهه ملهائي پئي وئي سن کي چئو طرف فوج گهيرو ڪري ورتو ۽ سيد ڏانهن نياپو ڪيو ويو ته هو ڪنهن به صورت ۾ سالگرهه ٿيڻ نه ڏيندا، سيد پنهنجي پوئلڳن کان راءِ ورتي ڪن چيو ٿيڻ گهرجي ڪن چيو سائين وڏي خونريزي ٿيندي وغيره وغيره، سيد چيو ته جن کي ساهه پيارو آهي اهي سن ڇڏي وڃن هاڻي يا سالگرهه ٿيندي يا اسانجي لاشن تي ماتم، سيد جي اٽل ارادي تي بيهندو ڏسي فوج پوئتي هٽي وئي ۽ سيد جي سالگرهه ٿي، سيد عدم تشدد جو حامي ضرور هو پر مهاتما گانڌي ۽ سيد ۾ وڏو فرق هو، مهاتما گانڌي ڀڳت سنگهه کي ڦاهيءَ جي سزا ملڻ تي ڪو احتجاج ته نه ڪيو پر ڪو مذمتي ٺهراءُ به پاس نه ڪرائي سگهيو جڏهن سورهيه بادشاهه کي انگريز سرڪار ڦاهي ڏئي رهي هئي تڏهن به گانڌي انگريز سرڪار سان ميٽنگون پئي ڪيون پر سيد ته پنهنجي قومي ڪارڪنن جي نه صرف تحفظ پئي ڪيو پر اڪثر روپوش ٿيندڙ ڪارڪن سن کي ئي پنهنجو محفوظ جڳهه سمجهي رخ ڪندا هئا حيدر شاهه جڏهن جڏهن شيرين سومرو جي واقعي ۾ فوجين کي مارڻ جي الزام ۾ روپوش ٿيو ته سيد سندس رهائش جو رني ڪوٽ ۾ بندوبست ڪيو ويو پر هي اتان کسڪي نڪتو ۽ پوءِ گرفتار ٿيو اهڙا ڪيترائي ماڻهو سيد جي قافلي ۾ آيا ويا ۽ پوءِ سيد جي شخصيت تي سنگ زني ڪندا رهيا پر شيخ اياز جي چواڻي ته بڙ تي ڦوسڙي ويهي بڙ کي چيو بڙ هوشياري ڪجاءِ مان هاڻي اڏاءِ ٿي بڙ چيو هل ڙي ڦوسڙي تون جهڙيون ڪيئي ئي ڦوسڙيون آيون ويون آءُ اتي ئي بيٺو آهيان واقعي شيخ اياز سيد لاءِ ڏاڍو سچ لکيو هو ته ”شخصيتون تاريخ جا پير ٿينديون آهن جيڪي تاريخ کي اڳتي وٺي وينديون آهن جيڪڏهن روس ۾ لينن پيدا نه ٿئي ها ته روس جو انقلاب ڪيترو ئي وقت پوءِ اچي ها، جيڪڏهن ويٽنام ۽ ڪيوبا ۾ ڪامريڊ هوچي ۽ فيڊرل ڪاسترو پيدا نه ٿئي ها ته ڪيوبا ۽ ويٽنام جي اها صورتحال نه هجي ها پر جي سنڌ ۾ جي ايم سيد پيدا نه ٿئي ها ته اڄ جي سنڌ دولهه دريا خان واري سنڌ نه هجي ها، جي ايم سيد مذهبي جنونيت تي ڪاري ضرب هڻڻ لاءِ جيئن ڏٺو آهي مون“ جهڙو شاندار ڪتاب لکي حيدر شاهه سنائي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ پيغام لطيف جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي ڀٽائي کي مذهبي مرشد ۽ديوتا مان انقلابي بڻائي ان کي حقيقي روپ ۾ پيش ڪري سنڌي قوم تي اهڙو وڏو احسان ڪري ويو، سنڌ جا سورما سميت سنڌوءَ جي ساڃاهه يا سنڌ ڳالهائي ٿي جهڙا ڪتاب لکي سنڌ جي غلامي آزاديءَ جي راهه جا سڀ رستا به ڏسي ويو انگريز سامراج ۽ پاڪستاني رياست جي هر جبر ڏاڍ گرفتارين، تشدد ۽ ٽارچر سيلن ۾ سالن تائين قومي ڪارڪنن کي قيد رکڻ کانپوءِ به هڪ ته سن ۾ لکين سنڌ جي آزاديءَ جا مست گڏ ٿين ٿا ۽ ٻيو سورهيه بادشاهه جي مرڪز پير جي ڳوٺ ۾ اڄ به لکين حر گڏ ٿين ٿا تشدد، ڏاڍ، ڏهڪاءُ آزادي جي پانڌيئڙن کي قيد ته ڪري سگهي ٿو پر آزادي جي آواز کي روڪڻ جي سگهه ساري نٿو سگهي.

جي ايم سيد جو نظريو ۽ اڄ جي عالمي صورتحال

علي نواز ٻٽ

هي دنيا ارتقا جا ڪيئي مرحلا طئه ڪري موجوده شڪل تائين پهتي آهي ۽ اڃا به ارتقا جي اصولن موجب ترقي ڪندي رهندي.

دنيا جي واڌ ويجهه ۽ ترقي ۾ انساني ضرورتن/گهرجن ۽ خود انسان جي ذهني اوس جو اهم رول رهيو آهي، انساني سماج جي ابتدائي مرحلن کان پوءِ هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن سوچ رکندڙ، ، ڪنهن ”پيغمبر خدا“ ڪنهن فيلسوف ۽ ڪن حالتن ۾ ڪن سپهه سالارن يا ڪنهن بادشاهن جي سوچ، پلاننگ ۽ عمل جو ڏنل پئي رهيو آهي.

دنيا جا سائنسدان هن نتيجي تي پهتا آهن ته موجوده دنيا کي ڪيئي ڪروڙ سال گذري چڪا آهن، انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون، عروج کي پهتيون ۽ جنگين، طوفانن ۽ ٻين سببن جي ڪري زوال پذير ٿي ويون.

اسان تاريخ جا ورق ورائينداسين ته معلوم ٿيندو ته سنڌ هزارن سالن کان آهي، سنڌ جي تهذيب اعليٰ درجي جي رهي آهي، ايجاد جا بنياد سنڌ مان ملن ٿا، بيل گاڏي جو ڦيٿو، ڪپڙي جو آڏاڻو، مورتيون، زندگي گذارڻ جا جديد طريقا، گريٽ باٿ، مارڪيٽ، ان جا گدام، رهڻ جون آرام ده جايون، بازارون، پاڻيءَ جا کوهه، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا ذريعا وغيره.

آخرڪار ههڙو شاندار ملڪ، ڪيئن پٺتي پئجي ويو؟ انهيءَ جو جواب خود سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جيڪا ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهي هئي ان جي انهيءَ رستي ۾ بار بار رڪاوٽ پيدا ڪئي وئي، اها رڪاوٽ آهي ”قومي غلامي“ سائين جي ايم سيد جنهن سورنهن سالن جي ڄمار کان سنڌ جي سياست ۾ پير پاتن ۽ خلافت تحريڪ کان جيئي سنڌ محاذ تائين سياست جا مختلف گس ۽ پيچرا ڀيٽيا ۽ دنيا جي مختلف علمن جو اڀياس ڪيو ته بار بار سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي پر ان جو نتيجو نٿو اچي، سائين پنهنجي سياسي جدوجهد۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، 1940ع جي قرارداد، پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ صوبائي خود مختياري، حق خود اختياري، قومي خودمختياري (فيڊريشن ۽ ڪنفيڊريشن) جي سوالن کي کڻي جدوجهد ڪندا رهيا، 1972ع ۾ اهڙو موڙ آيو جتي پاڻ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته سنڌ جي مسئلن جي حل نه ٿيڻ ۾ سنڌ جي غلامي ان جو مکيه سبب آهي، ان ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ کي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پنهنجو نظريو ڏنو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي.

غلامي قومن جي ارتقائي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، طاقتور ملڪ جيڪي پنهنجن مفادن خاطر ٻين ملڪن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ويهن ٿا اهي انهن جي هر شئي جا مالڪ بڻجي ويهن ٿا، اهي امن امان جو مسئلو اٿاري مظلوم قومن جو رت چوسين ٿا، اهي غلام بڻايل ملڪ جا پئسا ڦري کڻي وڃن ٿا، ايئن جيئين ايف ايف سي ايوارڊ ذريعي سنڌ جا پئسا وفاق ۽ پنجاب کڻي وڃن ٿا ٻيا بقول سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه جي ته ”سنڌ اندر 80 لک ماڻهون ٻين صوبن جا ۽ 40 لک ماڻهن ٻاهرين ملڪن جا رهن ٿا، جيڪي به پگهارن، واپار ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ اربين رپيا ناڻو سنڌ کان ٻاهر موڪلين ٿا، نتيجي طور سنڌ بدحاليءَ جو شڪار آهي، سنڌ جي پئسن سان پنجاب ۾ ترقي ٿئي ٿي، ظاهر آهي سنڌ وٽ دولت نه هوندي ته سنڌ ۾ تعليم عام ٿي نه سگهندي، صحت گهر بهتر ٿي نه سگهندا آبپاشيءَ جو نظام بهتر ٿي نه سگهندو، اهڙي صورت حال ۾ سنڌ ترقيءَ جون ڪي به منزلون ماڻي نٿي سگهي. جيستائين سنڌي قوم جي وجود جو سوال آهي ته اهو به سنڌ جي آزاديءَ سان وابسطه آهي، ڇو ته غلام معاشرن ۾ ڌاري آباد ڪارين کي ڪا به روڪ ٽوڪ يا پابندي نه هوندي آهي، ڇو ته اهي نوان آبادڪار يا ته قابض ملڪ سان تعلق رکندڙ هوندا آهن يا وري اهي دنيا جي ٻين غريب ملڪن مان لڏائي آندا ويا هوندا آهن، جيئن آفريڪا جي اندر ڪيو ويو اهو انهيءَ لاءِ به ضروري هوندو آهي ته جيئن انهن آبادڪارن معرفت مقامي باشندن جي جدوجهد کي نقصان رسائي سگهجي، ڇو ته آبادڪارن جا مفاد حاڪم طبقن يا قابض قومن سان هوندا آهن، جيئن برطانيه پاران آئر لينڊ ۾ ڪيو ويو يا اسرائيل جي اعلان کان پوءِ فلسطينن سان ڪيو ويو يا يوگو سلواڪيه ۾ البانوي نسل جي ماڻهن کي آباد ڪرڻ سان ٿيو، يا وري ڪامريڊ لينن جي سوويت يونين ۾ بالٽڪ رياستن اندر روسي ماڻهن سان ڪيو ويو، ساڳيءَ ريت سنڌ اندر هندستان، برما، بنگال، بهار، افغانستان ۽ ايران جي ماڻهن، توڻي پنجابي سرمائيندارن ۽ بيروڪريٽس جي اچڻ سان ٿيو آهي.

سائين جي ايم سيد بار بار انهن مسئلن جي نشاندهي ڪندو رهيو پاڻ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ۾ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي حق ۾ سنڌ جي ناڻي جي ڦرلٽ، ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي ڪلچرل ترقيءَ کي پهتل نقصانن جا تفصيل ڏنا آهن ۽ وضاحت سان سمجهايو اٿن ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جا ڪهڙ انقصان ٿيا آهن ۽ ڪهڙن نقصانن ٿيڻ جو وڌيڪ خدشو آهي.

2009ع ۾ سنڌ جي هڏ ڏوکين سنڌ جي ڪلچرل جو ڏينهن ملهايو، سمورن سنڌين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتو ۽ گڏيل اظهار ڪيائون ته سنڌ جو ڪلچر بچايون ٿا، تمام سٺي ڳالهه آهي ۽ اهڙي ريت پنهنجي هر شئي جي حفاظت لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، پر هي نه وسارڻ گهرجي ته سڀ کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ڪلچر کي تباهي کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڏني ۽ پاڻ ”سنڌي ڪلچر“ نالي ڪتاب رکيائون، اهو سائين جي ايم سيد جو ڏنل شعور آهي جيڪو سنڌ واسين کي درياهه سنڌ جي پيٽ ۾ رت جا ڏيئا ٻارائي ٿو، آخرڪار سنڌ جو پاڻي ڪنهن بند ڪيو آهي؟ ۽ ڇو بند ڪيو آهي؟ سنڌو درياهه مٿان ڊئيم ۽ ڪئنال ڪنهن ٺاهيا؟ ڪنهن ڪنهن سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو؟ جڏهن وٺڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته سڀ سامان يا سڀ پاڪستاني ڀائر آهيون! جڏهن ڏيڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته پنهنجي بي چينيءَ جا قائدا ۽ قانون جوڙيا ٿا وڃن، جڏهن سنڌ تي عربن قبضو ڪيو هو ته جيڪي سنڌي مسلمان ٿيا انهن ۾ ۽ جيڪي عرب مسلمان آيا انهن جي مراعتن ۾ فرق رکيو ويو هو ۽ جيڪي مسلمان نه ٿيا انهن مٿان اهڙا ته نظريه رکيا ويا جو اهي سڄو سال ڪمائي به پيٽ ڀري نه سگهندا هئا، ڇو ته اهي غلام بڻايا ويا هئا، اڄ پاڪستان ۾ اين ايف سي بابت سنڌ جا پئسا، آباديءَ جو بنياد بڻائي پنجاب کي ڏنا ٿا وڃن، سنڌ جو پاڻي، 1960ع ۾ بنا معاهدي وڪرو ڪيو ويو، 1990ع ۾ پنجاب جي فائدي وارو معاهدو ٿيو پر انهيءَ تي به عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ 1994ع ۾ ٿيل عارضي ورهاست نامي کي زوري قانون بڻائي سنڌ جو پاڻي کنيو ٿو وڃي، اهو ضروري آهي ته اسان درياهه سنڌ جي پيٽ ۾ ويهي سنڌوءَ جي ٿڌڙي واريءَ کي پنهنجن وارن ۾ وجهون ۽ دنيا آڏو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايون پر ان کي به واضع ڪندي، جنهن اسان جي شينهن درياهه کي سڪايو آهي ۽ ان جو مکيه سبب ڪهڙو آهي ان طرف به ڌيان ڏيون.

اڄ دنيا مذهبي جنونيت جي مخالفت ٿي ڪري ۽ خاص طور مغربي دنيا کي مسلم مذهبي جنونن کان خطرو آهي! سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ دنيا کي آگاهي ڏئي اڄ اهو سچ سڀن جي سامهون آهي، سائين انهيءَ کان پوءِ مذهبي جنونيت ۽ ملائيت خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي ننڍي کنڊ ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، سندس ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ شايع ٿيو ته سيد صاحب مٿان ڪفر جون فتوائون ڏنيون ويون، جن قوتن سيد صاحب مٿان ڪفر جون فتوائون ڏياريون انهن کي هاڻ، ڪنهن مسجد کي ڊاهڻ ثواب سمجهه ۾ اچي ٿو، پر سيد صاحب پنهنجي مشن جاري رکي ۽ سنڌوءَ جي ساڃاهه ۾ دنيا جي سمورن مذهبن جو مقصد لکي ملائيت ۽ پنڊتن کي انساني ترقي جو دشمن سڏيو، سيد صاحب واضع ڪيو ته سمورا مذهب انسانيت جو درس ڏين ٿا، انهن جو اقتدار ۽ حڪومت سان تعلق نه آهي ۽ نه هجڻ گهرجي، ڇو ته جيڪو مذهب انسان دوستي ۽ حق ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو اهو حڪمراني ۾ شامل ٿي، صرف هڪ طبقي يا صرف ڪنهن خاص قوم يا نسل جي مفادن لاءِ ڪم ڪري ٿو، جيئن پاڪستان ۾ قومن جي وجود کان انڪار ڪري، مذهب کي بنياد بڻائي، مذهبي رياست جو ڍونگ رچائي ڪيو پيو وڃي، هاڻ ته پاڪستان جا حڪمران به چون ٿا ته پاڪستان کي مذهبي جنونين مان خطرو آهي ۽ ان هن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هنن اترين علائقن ۾ جنگ شروع ڪئي آهي! ٿيو، ”دير آيو درست آيو“ پر سوال آهي ته پاڪستان جا حڪمران پنهنجو اسلامي رياست وارو نالو ته تبديل ڪن، پر اهي في الحال اهو ڪندي ڏسڻ ۾ نٿا اچن.

هي دنيا مڃي ٿي ته دنيا جي ترقي ۾ مذهبي جنوني رڪاوٽ بڻيل رهيا آهن، جيستائين يورپ ۾ ڪليسا جو قبضو هيو اوستائين يورپ دنيا اندر گهڻو پٺتي پيل هو، پر يورپ جي اڪابرن سڀ کان اڳ ۾ ڪليسا کي حڪومت مان ڌڪي ڌار ڪيو، ڇو ته مذهب سائنسي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل هو، انهيءَ ايجادات کي خدا جي معاملن ۾ دخل برابر سمجهيو ٿي، يورپ ۾ اڳ ۾ حاڪم جو مذهبي سربراهه هجڻ ضروري هيو، پر وڏي جدوجهد سان هنن ڪليسا کي حڪمرانيءَ کان ڌار ڪيو، نتيجي ۾ هنن، ايجادون ڪيون، ترقي ڪئي۽ اڳتي هلي سرمائيدارانه مفادن خاطر دنيا کي ڳيجهو بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان جا حڪمران جيڪي افغان جنگ ۾ شريڪ رهيا ۽ هاڻ پنهنجي ملڪ ۾ جنگ وڙهي رهيا آهن، انهن پنهنجا مذهبي بنياد ڦٽا نه ڪيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هي جنگ ختم ٿيڻ مشڪل ٿي لڳي، هي ڳالهه مڃڻي پوندي ته جيڪڏهن يورپي ملڪن پنهنجي حڪومتي نظام مان ڪليسا کي بي خدل ڪيو هيو پر ڪن سرمائيداراڻن مفادن خاطر هنن پنهنجي بنيادن تي اسرائيل کي قائم رکيو ۽ اڄ تائين ان جي مدد ڪن ٿا ۽ خود پاڪستان کي به پنهنجن مفادن خاطر ٺيڪو ڏيندا رهيا، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جنهن جي نشاندهي سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ ڪئي هئي، ته مذهبي بنياد پرستي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ان جا نتيجا ڀوڳيندو. موجوده حالتن ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب اها ڳالهه ڪري ٿو ته پاڪستان عوام جي نالي ۾ حاصل ڪيو ويو پر انهيءَ کي مذهب جي بنياد تي هلايو ويو، اها ڳالهه به سيد صاحب جي نظرئي جي فتح آهي ۽ هاڻ وقت اچڻو آهي جڏهن اهو به قبول ڪيو ويندو ته پاڪستان ۾ شامل قومن جا حق کسيا ويندا رهيا آهن. اڄ سنڌ تڪليف ۽ مصيبتن ۾ آهي انهيءَ ڪري ته سنڌ جي ارتقا ۾ غلامي رڪاوٽ بڻيل آهي ۽ وقت به ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جا مذهبي بنياد ڪنهن به ريت درست نه آهن ۽ سنڌ جي غلامي فطرت جي خلاف آهي.

Sain G.M SYED

سائين جي ايم سيد جي جدوجهد

عبدالخالق جوڻيجو

جي ايم سيد پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه سياسي اڳواڻ رهيو آهي. اهو ان ڪري ته هو ماڻهوءَ کي يا موقعي کي ڏسي ڳالهه نه ڪندو هو پر هر وقت، هر هنڌ، هر صورتحال ۾ ۽ هر ڪنهن جي سامهون سچ چوندو هو.

سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي،

۽ ان ڳالهه تي سڀ ماڻهو، دوست دشمن، حامي توڻي مخالف، متفق آهن ته هو سچ ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن جي گهڻائي ان ڳالهه جو به اظهار ڪري ٿي ته اها سندس ”خامي“ آهي ۽ هڪ لحاظ کان انهن جي اها ڳالهه درست به آهي ڇاڪاڻ ته سياست ۾ خاص ڪري پاڪستان جي سياست سچ ڳالهائڻ خطري جو سودو ته آهي ۽ واقعي به پاڪستان ۾ ۽ سنڌ ۾ سياستدان ماڻهوءَ جو منهن ۽ حالتن جي نزاڪت ڏسي ڳالهه ڪندا آهن هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪئي ته ٻئي ڏينهن ٻي ڪندا. هڪ هنڌ هڪڙي ڳالهه جي حمايت ڪين ته ٻئي هنڌ ساڳي ڳالهه جي مخالفت ڪندا. ۽ اهي ”ڪامياب“ ليڊر سڏجن ٿا. وري جنهن ۾ اها ”خوبي“ جيتري وڌيڪ رهي آهي اهو اوترو ”وڏو “ سياستدان سمجهيو ويو آهي.

اها به حقيقت آهي ته جي ايم سيد رڳو سياستدان ڪو نه هو پر هو هڪ مدبر ۽ دانشور به هيو ۽ دانشور جي سڀ کان وڏي خوبي اها هوندي آهي بلڪ ائين چئجي ته ان جو فرض هوندو آهي ته هر صورت ۾ سچ چوي ۽ سچ جو ساٿ ڏئي. سچ چوڻ سان بحيثيت سياستدان جي ايم سيد جي مقبوليت کي جيڪو ”نقصان“ پهتو ته ان کان گهڻو وڌيڪ فائدو بحيثيت دانشور، سندس سچ ڳالهائڻ سان سنڌي قوم، سنڌي سماج ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن کي ٿيو آهي. نه رڳو ايترو پر خود سچ کي به فائدو ٿيو ڇاڪاڻ ته ان سان ماڻهن کي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ سولو ٿيو ۽ ان سان ماڻهن جو سچ ۾ اعتماد وڌيڪ پختو ٿيو. هونءَ به سياڻن جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن توهان مان هر ماڻهو خوش آهي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان زندگي ۾ تمام گهڻا ٺاهه (compromises) ڪيا آهن.“

سچ جي سڀ کان وڏي پرک اها هوندي آهي ته اهو نه صرف ٻين جي باري ۾ پر پنهنجي لاءِ به ڳالهايو وڃي ۽ نه رڳو پراون لاءِ پر پنهنجن بابت به چيو وڃي. سيد پنهنجو پاڻ کي به سچ چيو ۽ پنهنجي باري ۾ به سچ دنيا کي ٻڌايو ته پنهنجي ”محبوب“ جي باري ۾ به سچ ڳالهايو جيڪا ڳالهه هڪ روايتي انسان جي وس کان ٻاهر آهي. اها ته هر سنڌ واسيءَ کي خبر آهي نه ته سيد جو محبوب ڪير هيو؟ ها، سونهاري سنڌ.

پنهنجي باري ۾ ايڏو ڪڙو سچ ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجي شخصيت جو اهڙو بي رکاڻو تجزيو ڪيائين جهڙوڪو ورلي ماڻهو سگهندو. پاڪستان جي ٺهڻ لاءِ جدوجهد سندس زندگيءَ جي پهرئين اڌ جو سڀ کان وڏو ”ڪارنامو“ هو. پر پوءِ جڏهن احساس ٿيس ته چيائين ته اها منهنجي زندگيءَ جي عظيم ترين غلطي هئي ۽ پوءِ زندگيءِ جو پهريون اڌ حصو پنهنجي ان عمل کي ننديندو رهيو. ٻين جي طرفان ڪيل تنقيد برداشت ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر پاڻ پنهنجو پاڻ تي تنقيد ڪرڻ مشڪل تر ڪم آهي. سيد اهو نهايت آسانيءِ سان ڪندو هو. جڏهن سندس سامهون ون يونٽ ٺهرائڻ جي حوالي سان محمد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشديءَ تي تنقيد ڪئي ويندي هئي ته چوندو هو ته ”کهڙي ۽ راشديءِ ون يونٽ ٺهرايو پر مون ته پاڪستان ٺهرايو، ٻڌايو ته ڪنهن جو ڏوهه وڏو آهي.“ ان تي هڪڙي دفعي مون چيومانس ته ” سائين! ائين برابر آهي پر هڪڙو وڏو فرق آهي ٻنهي ۾ .... توهان پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ قوم کان معافي ورتي جڏهن ته هنن ائين ڪو نه ڪيو“ پنهنجي ڪيل ان ڏوهه جو اظهار، اقرار ۽ اعتراف هنن لفظن ۾ ڪندو رهندو هو ته ”مان جيڪو هيترو ڊگهو قيد ۽ نظر بندي گهاري رهيو آهيان اها ڪيل ڏوهه جي (فطرت جي طرفان) سزا آهي.“

نه رڳو هن زباني طور پنهنجي غلطيءَ کي تسيلم ڪيو پر عملي طور پنهنجي باقي سموري زندگي ان غلطيءَ جي ازالي جي ڪوشش ۾ گذاري ڇڏيائين. ۽ اهو سندس زباني اعتراف ۽ اها سندس عملي جدوجهد ئي هئي جنهن جي ڪري سنڌي قوم نه رڳو کيس معاف ڪري ڇڏيو پر کيس پنهنجي رهبر جي حيثيت ڏني.

اها ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جي ايم سيد سنڌ سان ۽ سنڌي قوم سان ڪيتري محبت ڪندو هو ۽ اهو به اسان ڄاڻون ٿا ته محبت ٿي وڃڻ کان پوءِ انسان کي محبوب ۾ رڳو خوبيون ۽ چڱايون نظر اينديون آهن ۽ خامين ۽ ڪساين تي نظر ئي نه ويندي آهي پر جي ايم سيد اتي به حق سچ جو رستو ورتو. هڪ پاسي هن سنڌي قوم جي انهن خوبين ۽ خاصيتن کي ڳولهي ڪڍيو، اجاگر ڪيو ۽ ڇنڊي ڦوڪي دنيا جي آڏو پيش ڪيو جن سان سنڌي قوم دنيا جي مهذب ۽ روشن خيال قومن جي صف ۾ فخر سان بيهي سگهي پئي ته ٻئي طرف انهن خامين، ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي به چٽي طرح نشاندهي ڪئي جن جي ڪري سنڌي قوم سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي ميدان ۾ گهربل مقابلو نه ٿي ڪري سگهي ۽ ڌارين جي عددي ۽ اقتداري لحاظ کان بالادستي وڌندي پئي وڃي. سنڌ ۾ ماضي قريب ۾ اهڙا سياستدان به ٿي گذريا آهن جن مٿي بيان ڪيل چوڻيءَ مطابق هر ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هارين چيو ته زمينون توهان جون آهن ته وري ساڳئي وقت هارين سان هاڃا ڪندڙ وڏيرن جاگيردارن کي پارٽي ۽ حڪومت ۾ اهم عهدا ڏئي انهن جي هارين مٿان حاڪميت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، سنڌين کي تاثر ڏنو ته سڀ ڪجهه توهان جي پيو ٿئي جڏهن ته عملي طور پنجاب جي بالادستي ۽ ڦرلٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. اهڙن طريقن سان انهن ليڊرن کي اقتداري سياست ۾ ته وقتي طور وڏي مقبوليت حاصل ٿي پر مستقل مفادن ۽ مستقبل جي ترقيءَ جي لحاظ کان سنڌي سماج کي بي انتها نقصان پهتو. ان جي ڀيٽ ۾ جي ايم سيد جي حق سچ جي ڳالهه ڪرڻ واري ڪردار جي ڪري کيس وقتي سياسي مقبوليت جي قرباني ته ڏيڻي پئي پر ان سان هو سنڌ جي ايندڙ نسلن کي قومي بقا، نجات ۽ ترقي جا گس ڏيکاري ويو. جن جو احساس وقت گذرڻ سان گڏ سنڌي ماڻهن کي ٿيندو پيو وڃي. شايد اهڙي ئي صورتحال لاءِ ڪنهن چيو آهي ته ” هڪ سياستدان ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي جڏهن ته هڪڙو مدبر ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي.“

ان پس منظر ۾ اڄ جي ڳنڀير صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ۽ گهڻ طرفن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿيڻ خاطر اسان سنڌين کي جي ايم سيد جي حق جي ڳالهه ڪرڻ ۽ سچ چوڻ وارو رستو وٺڻو پوندو. ”تون مون کي حاجي چئه ته مان توکي غازي چوان“ واري روش ترڪ ڪرڻي پوندي. اسان چوندا ٿا رهون ته سنڌ جي خلاف حڪمران ۽ ڌاريا ماڻهو سازشون ڪندا ٿا رهن.“ اهو ته درست آهي ۽ ظاهر آهي ته اسان جا مخالف اسان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۽ منصوبن تي ئي عمل ڪندا پر انهن جون اهي سازشون ۽ انهن جا اهي منصوبا ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان ۾ ڪي ڪمزوريون آهن اسان ۾ ڪي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار جون ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون ته ڪي حڪمت عملين جون غلطيون به ٿي سگهن ٿيون. ڌارين جي ڏاڍاين، ٺڳين، سازشن، بالادستي ۽ ڦرلٽ تي اسان ڪافي ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو آهي. اهو درست آهي. اڃا به وڌيڪ لکڻ ۽ ڳالهائڻ کپي. پر وقت اچي ويو آهي ته هاڻي اسان تصوير جي ٻئي پاسي تي به نظر وجهون. اسان پنهنجي اندروني صورتحال تي به تنقيدي نگاهه وجهون. اسان بحيثيت فرد، گروه، تنظيم ۽ بحيثيت قوم پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺون ۽ پوءِ ان کي انهن قومن جي ڪردار سان ڀيٽيون جن انقلاب آندا، جن آزاديون ورتيون، جيڪي سياسي غلامي ۽ سماجي بستيءَ جي کڏ مان ڪر موڙي اٿيون ۽ اڄ نه رڳو آزاد آهن پر ترقيءِ جي شاهراهه تي ڊوڙون پائي رهيون آهن. اسان يا ته ڌارين، جابرن جي جبر، ظلم ۽ ناحق جون دانهون ڪندا آهيون ته اهڙي ڪا هوا لڳي جو اسان جا سڀ دک درد دور ٿي وڃن ۽ اسان به ترقي يافته قومن جهڙا ٿي پئون.

دنيا جي تاريخ ۾ سنڌي ڪا پهرين يا واحد قوم ڪونهي جيڪي غلام ٿي هجي ۽ جنهن کي ڌارين جي غلامي ۽ اندروني استحصال ۽ ٻنهي ڳٺ جوڙ ڪمزور ۽ ڪنگال ڪيو هجي. جيڪي به قومون غلام ٿيون آهن انهن ۾ اسان واريون يا انهن جهڙيون ڪمزوريون اچي ويون هيون تڏهن ئي انهن کي ڌاريا غلام بڻائي سگهيا. پر پوءِ انهن پاڻ کي سنڀاليو ۽ پنهنجي قومي زندگي ۽ اجتماعي ڪردار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، پنهنجون صفون سڌيون ڪيون ۽ ڌارين غاصبن ۽ انهن جي ديسي دلالن خلاف فيصلائتي ويڙهه وڙهي ۽ پوءِ پنهنجي تاريخ ۽ ڪلچر جي بنياد تي جديد علمن جي مدد سان نئين سر قومي زندگي جي مهارت سان تعمير ڪئي.

ٻئي طرف اهي قومون جن يا ته شڪست خورده ذهنيت اختيار ڪندي حاڪمن جي خيرات تي زنده رهڻ جو رستو اختيار ڪيو يا وري ”شاندار“ ماضيءَ ۾ پناه وٺندي دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کان منهن موڙيو ۽ انهن تبديلن جي نتيجي ۾ آڏو ايندڙ چئلينجن کي پٺي ڏني اهي دنيا جي گولي تان يا ته مڪمل طور ميسارجي ويون يا ٻئي درجي جا شهري بڻجي محتاجيءَ واري زندگي گهاري رهيون آهن.

اهڙي صورتحال ۾ حق سچ جي راهه تي هلڻ ۽ قومي نجات لاءِ جاکوڙ واري رستي تي قوم جي قيادت ڪرڻ جو سڀ کان اولين فرض دانشورن ۽ ليکڪن جو هوندو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ته سنڌ جي دانشورن ۽ ليکڪن جي وڏي اڪثري پنهنجو اهو فرض نڀائي نه سگهي آهي. جيڪڏهن سياستدان ڪڏهن ڪٿي عملي سياسيت جي ضرورتن تحت ٺاهه (compromise) ڪندا به آهن ته دانشور ۽ ليکڪ واضح موقف اختيار ڪندي اڇي ۽ ڪاري جي فرق کي ظاهر ڪندا آهن ۽ سچ کي سچ ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ صحيح کي صحيح ۽ غلط کي غلط چوندا آهن ۽ ائين ڪندي اهي ڌاريي ۽ پنهنجي هم قوم ۾ فرق نه ڪندا آهن. جديد دور جي پهرئين انقلاب، انقلاب فرانس جي پويان ٻين عنصرن سان گڏ والٽيئر ۽ روسو جي لکڻين جو به هٿ آهي. يا وري فرانس جي ڪالونيل ڪردار جي خاتمي ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سارتر جهڙن اديبن ۽ دانشور جي ڪردار کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ساڳئي نموني الجزائر جي غلاميءَ کان آزادي ڏانهن سفر جي ڪهاڻي فرانز فينن جي ذڪر کانسواءِ مڪمل نه ٿي ٿي سگهي هن سامراجي طاقت جي ڪردار سان گڏوگڏ الجزائري سماج جي اندروني صورتحال جو جهڙي نموني تجزيو ڪيو اهو ذهني ۽ عملي آزادي جي خواهشمند انسانن لاءِ نسخه ڪيميا جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي ريت حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم، حق ۽ ناحق ۽ سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ازل کان هلندڙ جنگ جي انساني تاريخ جي شايد سڀ کان وڏي معرڪي ويٽنام جي جنگ آزادي دوران انگريز دانشور برٽرينڊر رسل جو پنهنجي ملڪ سميت سامراجي طاقتن خلاف قلمي ۽ عملي جهاد سمورن آزادي پسند انسان لاءِ اتساهه جو سبب آهي.

ان لحاظ سان سنڌ جي قومي تاريخ جي هن اهم ۽ سنگين مرحلي تي نظر وجهجي ٿي ته صورتحال ڪا حوصلا افزا نظر نه ٿي اچي. اسان جا اڪثر دوست صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪرڻ کي يا ته ضروري نه ٿا سمجهن يا وري ان جي اظهار جي همٿ نه ٿا رکن. سچ جو ساٿ ڏيڻ ۽ ڪوڙ جي خلاف علم کڻڻ ته ٺهيو پر اهي سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ لاءِ به تيار ناهن. اهي سچ چئي ڪنهن کي به ناراض ڪرڻ نه ٿا چاهين. اهي اجتماعي مفاد خاطر انفرادي لاڳاپا خراب ڪرڻ نه ٿا چاهين. اهي سنڌ جي مظلوميت ۽ محڪوميت جو ته تذڪرو ڪن ٿا پر ان جي ڪارڻن ۽ ذميدارن جو ذڪر نه ٿا ڪن. سنڌ ٻاهرئين ۽ اندرئين ٻنهي طرح جي ظلم، جبر ۽ ناانصافين جو شڪار آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردارن جو حصو آهي، ان لاءِ ڪيترائي فرد، گروپ طبقا، تنظيمون ۽ ادارا ذميوار آهن پر ڪنهن جو به نالو نه ٿو کنيو وڃي. جيڪو چوي ٿو ”نه کپي“ اهو به صحيح آهي ۽ جيڪو چوي ٿو ”کپي“ اهو وڌيڪ صحيح آهي. جيڪو قتل ٿئي ٿو يا بک مري ٿو ان سان به همدردي آهي ۽ جيڪو قتل ڪري ٿو يا بک مارڻ جو سبب آهي اهو به ”قابل احترام“ آهي. جي ايم سيد جهڙا يونيورسٽيون قائم ڪرائيندڙ ۽ قلم ڪتاب ذريعي جنگ ڪندڙ به عظيم آهن ته يونيورسٽين کي تالا هڻندڙ ۽ ڪتاب ساڙيندڙ ۽ قلم ڀڃندڙ به سٺا آهن. يا وري اهڙو رويو اختيار ڪبو ته ٻاهران اچي سنڌ جي شهرن تي قبضو ڪندڙ ته سنڌ دشمن آهن پر انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ سڀ کان وڏا سنڌ دوست، سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ تي دانهون ڪوڪون ڪبيون پر انهي ڦرلٽ ۽ قبضي گيريءَ کي آئيني تحفظ ڏيندڙن جا به گيت ڳائبا.

ڪي ته ”ڏاها“ اهو به ڏس ٿا ٿين ته حڪمرانن سان هرو ڀرو جهيڙو نه ڪجي انهن جي آڏو پنهنجا ڏک سور رکجن ۽ پوءِ جيتري به ”رعايت“ ڏين اها وٺجي جڏهن ته دنيا جا سمورا ڏاها، دانشور ۽ انقلابي اهو ٿا چون ٿا ته جيڪي رعايتون وٺندا آهن اهي ڪڏهن به حق حاصل ڪري نه سگهندا آهن. ڪي ته اڃا به ٻه قدم اڳتي ويندي چون ٿا ته حق وٺڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي ته دنيا جو واحد سپر پاور جنهن جو گذريل 65 سالن کان ڌنڌو ئي ٻين کي غلام بڻائڻ، ٻين جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ حقن جي جاکوڙيندڙ کي قتل ڪرڻ رهيو آهي ان جي آڏو فرياد کڻي هلجي. سنڌ جي لوڪ عقل جي روشنيءَ ۾ اهو ته ائين ٿيو ته ”ڀينگ به ڪئي جهان خان، انصاف لا به هلو جهان خان وٽ.“

جڏهن ته حق سچ جي ڳالهه ۽ سنڌ جي نجات جو ذڪر جي ايم سيد جي حوالي سان ٿيندو هجي ته پوءِ ان جي چيل ڳالهين تي عمل ڪرڻ، ان جي ڏيکاريل دڳ تي هلڻ ۽ ان جي قائم ڪيل ڪردار جي پوئواري ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ فرض ۽ سڀ کان اولين ذميواري انهن ماڻهن تي ٿئي ٿي جيڪي سندس پوئلڳ هجڻ جي دعوا ڪن ٿا يا ان جي نالي تي سياست ڪن ٿا (جن ۾ ليکڪ به شامل آهي) پر جڏهن عملي صورتحال تي نظر وجهجي ٿي ته معاملو مختلف نظر ٿو اچي. انهن جي گهڻائي نه رڳو سيد جي ڏسيل رستي ۽ اختيار ڪيل ڪردار تي عمل نه ٿي ڪري پر ڪيترين حالتن ۾ قصو ان جي ابتڙ هجي ٿو. سڀ کان پهرين جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سيد پنهنجي ذات جو سنڌي سماج جو تنقيدي جائزو ورتو ۽اڇي ڪاري ۽ سچ ڪوڙ کي وائکو ڪري رکيو نه رڳو ايترو پر سچ جو ساٿ نتيجن کان بي پرواهه ٿي ڏنائين ۽ هر وقت ڪوڙ جي خلاف ڪات ڪهاڙا تيز رکيائين. پر هي همراهه پنهنجو پاڻ کي ته سچ ڇا چوندا پر سنڌي سماج ۽ ان کي درپيش مسئلن جو تجزيو ڪرڻ به گناهه ٿا سمجهن. انهن کي هر ڳالهه جي پويان ”سازش“ نظر ايندي آهي. سيد ڌارين حڪمرانن سان گڏ سنڌ جي پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي به سنڌ جي مصيتبن جو ڪارڻ قرار ڏيندو هو جڏهن ته هي انهن جي اوطاقن تي سلاميون ڀريندا آهن سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب سان ڪئي پر هي ڪتاب ساڙيندا آهن، سيد جو اصول هو ته نيڪ مقصد صرف صحيح طريقن سان حاصل ڪري سگهجي ٿو پر هتي چيو وڃي ٿو ته ”مقصد“ حاصل ڪرڻ لاءِ ”هر طريقو“ جائز آهي.

سڀ کان وڏي ڳالهه ته جي ايم سيد هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال رهنما ۽ سماج ۾ تبديليءَ جو سڀ کان وڏو وڪيل هئو. جڏهن ته هي همراهه قدامت پسند ۽ تبديليءِ جا دشمن آهن. ايتري تائين جو انهن قدامت پسنديءَ کي قومپرستيءَ جو نالو ڏنو آهي جيڪا ڳالهه، جيڪا شئي، جيڪا رسم، جيڪا سوچ ۽ جيڪو عمل جيترو قديم آهي اوترو اهو سنڌ جي عظمت جي علامت ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. سيد ته تبديليءَ جو ايترو حامي هو جو سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان پهرين هن ئي نئين عالمي سرشتي جي تجويز پيش ڪئي جڏهن ته ان جي نالي تي سياست ڪندڙ سنڌ جي قومي تحريڪ کي اڃا سرد جنگ جي دائرن ۾ قيد ڪيا ويندا آهن. سيد جو چوڻ هوندو هو ته مذهبن جي اهميت ۽ افاديت به وقت سان تبديل ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون ڳالهيون جيڪي شروع ۾ انساني سماج جي ترقي لاءِ اهم هيون هاڻي انساني سماج اڳتي وڌيو ويو آهي تنهن ڪري انهن ۾ تبديلي ضروري آهي پر هي دوست جاگيرداراڻي سماج جي نشانين، انا، ڪوڙي غيرت ۽ انسانن هٿان انسانن جي تذليل جهڙن عملن کي سنڌ جي ثقافت چئي حمايت ٿا ڪن. سيد ته ايتري تائين به چيو ته پيغمبر به غلطين کان پاڪ ڪو نه هئا پر هي چوندا آهن ته جي ايم سيد غلطين کان پاڪ هئو ۽ ان جي چيل هر ڳالهه تي مذهبي تقدس سان عمل ڪيو وڃي (اها جدا ڳالهه آهي ته عمل پاڻ به ڪندا ڪونهن) اصل مقصد اهو هوندو آهي ته اهي پاڻ کي بحيثيت ليڊر ڪارڪنن جي تنقيد کان آجو رکڻ چاهيندا آهن. اهو ائين ئي آهي جيئن ڪارل مارڪس انساني سماج جي ارتقا ۽ ترقيءَ ۾ تبديليءَ کي بنيادي ۽ لازمي عنصر سمجهندو هو ۽ سندس چوڻ هو ته هر شيءَ، هر ڪردار ۽ هر سوچ هر وقت تبديليءَ جي اثر هيٺ هجي ٿي. پر ان جي ڪيترن پوئلڳن کيس تبديليءَ واري سندس سوچ جي بلڪل ابتڙ ڪري پيش ڪيو. انهن چيو ته مارڪس جيڪي ڪجهه چئي ويو اهو مڪمل سچائي ۽ حرفِ آخر آهي، ان ۾ هڪ اکر جي تبديلي ڪفر آهي. ۽ منهنجي خيال ۾ مارڪس سان سڀ کان وڏي زيادتي ۽ ناانصافي اها آهي ته جيڪا ڪنهن ٻئي نه پر سندس نالو وٺندڙن طرفا ڪئي ويئي.

۽ اهڙيون ناانصافيون دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان ٿينديون رهيون آهن ”پيغمبر“ پنهنجي پنهنجي دور جا وڏا انقلابي ۽ مدبر هئا اهي روايتون ٽوڙيندا هئا. انهن تي پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کي به تبديل ڪري ڇڏيو. پرپوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪيترا ماڻهو سندن نالي کي تبديليءَ کي روڪڻ ۽ اسٽيٽس ڪو (status quo) بحال رکڻ خاطر استعمال ڪندا ٿا رهن. نتيجو اهو ٿو ٿئي ته انهن عظيم انسانن جي عظيم جدوجهد، مدبرانه سوچ ۽ شاندار ڪردار اڄ جي انساني سماج جي ترقيءَ ۾ گهربل ڪردار ادا ڪري نه ٿا سگهن. ها البته ايترو ضرور آهي ته انهن جو پاڻ کي پڪو ۽ سچو پوئلڳ چورائيندڙن جي ذاتي ترقي ضرور ٿي رهي آهي.

سو سنڌ جي تاريخ جي هن عظيم انسان جي ايم سيد کي ياد ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان سنڌ جي نجات ۽ انسان ذات جي فلاح لاءِ ڏسيل رستن ۽ اختيار ڪيل طريقن کي پنهنجي سوچ ۽ عمل جا رهنما اصول بڻايون ۽ سندس ڇڏيل ڪردار کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستي جي روشني بڻايون.