Wednesday, April 28, 2010

سيد جي فڪر آزادي ماڻي آهي

ڪراچي ۾ جسقم پاران ٿيل آزادي مارچ ۽ عوامي تحريڪ جو نڪتل لانگ مارچ ۽ هر روز رياست خلاف ٿيندڙ احتجاجن سڄي دنيا آڏو اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ت سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي سمورن دردن جي دوا آهي.هي ملڪ جنهن جو وجود ئي غلط ۽ فرسودا ٻ قومي نظرئي تي پيل آهي ان ملڪ جو هلڻ ناممڪن آهي.مذهب جي نالي تي وجود آيل دنيا اندر ٻ ملڪ آهن هڪ اسرائيل ۽ ٻيو پاڪستان ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي امن لا۽ خطرو بڻيل آهن.
پاڪستان اندر قومن جي حقن جي پائمالي ڪا نئي ڳاله ناهي،سنڌ جيڪا صدين کان آباد آزاد رهندي آئي آهي ان سنڌ جي حالت مسلسل غلامي ۾ رهڻ جي ڪري تمام نازڪ آهي.
سنڌ ۾ ٻ سياسي مرڪز ليکيا ويندا آهن هڪ لاژڪاڻو ۽ ٻيو سن.
لاژڪاڻي جو ڀٽو خاندان پاڪستان کي بچائڻ جي جستجو م پنهنجي خاندان کي وڃائي ويٺو آهي ۽ پاڪستان جي واڳ ڌڻين پنجابين جي سازشن ۽ حملن جو شڪار ٿيندي شهادتون ماڻيون آهن بئي طرف سن جو سيد آهي جنهن سنڌ خاطر، سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڪري سڄي زندگي جيلن ٽارچر سيلن ۽ نظربندين ۾ گذاري پر سن جي سيد اها ڳاله واضح چئي ت پاڪستان ۾ سنڌ جو رهڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي. وقت جي ويرن ثابت ڪيو ت لاڙڪاڻي جي ڀٽن جيڪا جنگ وڙهي اها ڌارين لا۽ وژهي ۽ جن جو هنن ساٿ ڏنو ان پنجاب ئي ڀٽو خاندان کي ختم ڪرائي ڇڏيو.پر سن واري سيد جو فڪر اڄ ب سچ ۽ حقيقت بڻجي هر سنڌي جي دلين ۾ سمائجي چڪو آهي.
انهي ڳاله کان ڪو ب انڪار نٿو ڪري ت سيد جي فڪر فتح ماڻي آهي پر قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اهو ضرور چوندس ت سيد جا خواب جا ساڀيان ن ٿيڻ ۾ قصوروار اسان قومي ڪارڪن ۽ اسان جا قومپرست ليڊر ضرور آهن.
سيد هڪ نرسري طور ڪم ڪيو هن سياسي ليڊر ب ٺاهيا ت شاعر ب پيدا ڪيا ت هن سنڌ جي ادب جي واڌ ويجه لا۽اديبن جو لڏو ب تيار ڪيو.
سيد اهو ڪمانڊر هو جنهن سنڌ جي سلامتي جي جنگ ۾ هر هٿيار استعمال ڪيو.
اڄ هجرت ڪري آيل مهاجر هڪ تنظيم هئڻ ڪري منظم آهن پر اسان ڌرتي ڌڻي سيد جي فڪر جا وارث گروپن مختلف پارٽين جي روپن م هڪ ٻئي کان الڳ الڳ آهيون.مون ان جي سببن تي سوچڻ بعد اهو نتيجو ڪڍيو ت قومي تحريڪ جي منظم ۽ مضبوط ن هئڻ جو مک سبب اسان ۾ خوف ۽ لالچ جو هئڻ آهي.ٻيو ت وڏي عرصي کان سنڌ جي نئين قومپرست قيادت جي اچڻ جو سلسلو رڪيل آهي. ڪو ب گهر جو وڏو اها قرباني ڏيڻ لا۽ تيار ناهي ت هو پنهنجي پٽ کي قومي تحريڪ ۾ وڃڻ جي دل سان اجازت ڏي ت جئين هو بنا ڪنهن خوف جي نسلن جا جنگ وڙهي سهگي.اهو ئي سبب آهي ت ڪرمنل يا گهٽ پڙهيل ماڻهو قومي تحريڪ جون واڳون سنڀالي ويهي رهيا ۽ مسلسل اهي ئي قيادت ڪندا اچن پيا اها پارٽي ورڪرن تي فيصلا مڙهي ۽ پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪري پارٽين کي ٽڪرن م ورهائي چڏيو آهي.
گذريل 10 سالن ۾ سنڌ جي نوجوان طبقي مان ڪو ب اهڙو ڪردار سامهون ناهي آهيو جنهن ڪنهن پارٽي جي قيادت سنڀالي هجي يا هو پنهنجي شعور يا ڏاهپ جي بنياد تي پارٽي کي ان ليول تي کڻي ويو آهي جتي قومي تحريڪ کي هجڻ گهرجي.
سنڌ هن وقت ڏکئي مرحلي مان پار پئي گذري.روزگار،وسيلا.شهر.پاڻي ڪاروبار هر شئي کسجي پئي يا کسجي چڪي آهي پر سنڌ جا نوجوا ڌرتي جي بچا۽ لا۽ سرن سان ڪفن بڌي نٿا نڪرن،
۽ سنڌ اهڙي نازڪ دور مان گذري پئي پر سنڌ جا ليڊر ۽ پارٽيون اڃان نظرياتي ويڇا رکي ويٺا آهن گڏجن نٿا. هن وقت سنڌ جو ماڻهو پاپي پاڪستان مان جان آجي ڪرائڻ لا۽ روڊن تي نڪتل آهي.پر سنڌي قوم جي رياست خلاف ان ڪاوڙ کي صحيح ڊائريڪشن ۾ کڻي وڃڻ جو ڪم قومپرستن جو آهي.
سنڌ جي نوجوانن کي منهنجي اها اپيل آهي ت نوڪرين لا۽ درن تي ڌڪا کائي کائي توهانجي اندر ۾ بغاوت جي ٻريل شعلن کي قومي تحريڪ ۾ڻ ڪتب آڻيو.۽ سنڌ جا جوان اڳتي اچي قومي تحريڪ جو واڳون سنڀالين ت جئين سيد جي تخيل واري سنڌ جي آزادي کي ممڪن بڻائي سگهون.

بشير آريسر

سنڌ ۾ سائين لفظ جو استعمال ڪنهن استاد يا ڪنهن معزز ماڻهو لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد کي سائين جو لقب ان ڪري مليو جو هن روايتي سيدن، وڏيرن ۽ جاگيردارن واري روين کان پاڻ کي بلڪل پاسيرو رکي سنڌ ۽ عالم انسان جي امن، آزاديءَ ۽ خوشحالي جي خواب جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙيو. سنڌ جي هن سچي عاشق جڏهن پاڪستان جي ٺهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي سنڌ کي ان جا جائز حقن نه ملڻ ڪري هن فيڊريشن کان ڌار ٿي هن ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جو راز فاش ڪري عوام کي آگاهه ڪيو ته هن تي غدار، تعصب پرست ۽ ڪافر جهڙا لقب ڏئي الزام لڳايا ويا.

بي رحم تيز گذرندڙ وقت اڄ 58 سال اڳ سائين جي ايم سيد جي سنڌ ۽ ملڪ جي مظلوم قومن بابت ڪيل اڳڪٿين کي درست ثابت ڪيو آهي. ايتري قدر جو سيد جي سخت ترين مخالف وفاق پرستن به اڄ اهي حقيقتن واريون ٻوليون ڳالهائڻ شروع ڪيون آهن، ته پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب مظلوم قومن تي حاڪم آهي سنڌ ۽ ٻيا صوبا محڪوم آهن. سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ان جي حقن تي ڌاڙا لڳايا پيا وڃن. عوامي احتجاج ۽ اسيمبلين جي ٺهرائن باوجود هن وقت ڪالاباغ ڊيم جي نالي تي سنڌو درياهه تي قبضو ڪري سنڌين، پٺاڻن ۽ بلوچن کي اُڃون مارڻ لاءِ منصوبا جوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. جيئن پنجاب چاهي ٿو تيئن پيو ٿئي، انگريزن جي دلالن ۽ پنجاب اسٽيبلشمينٽ مظلوم قومن کي ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي غلام بڻايو آهي. اهو شعور سائين جي ايم سيد ئي ڏنو جنهن 1940 جي ٺهراءُ تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ عوام کي آگاهه ڪندي منافق ۽ لٽيرن جي ٽولي کان پنهنجا رستا ڌار ڪيا. سنڌ لاءِ سيد جي جدوجهد هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي جنهن تي پڻ اسان کي فخر آهي.

اها ٻي ڳالهه آهي ته سائين جي ايم سيد جو نظريو اڃان تائين سنڌ جي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ان جا پيروڪار مڪمل ڪامياب ناهن ٿيا پر سيد جيڪا شعور جي روشني واري چڻنگ ٻاري آهي، ان کي روشن رکڻ لاءِ روزانو ان جي فڪر کي سمجهڻ وارن ماڻهن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو جنهن ۾ رڪاوٽ اهي عنصر به آهن جيڪي سائين جي ايم سيد جو نالو استعمال ڪري بڇڙائي وارا ڪم ڪندا پيا اچن.

ڪک پتي مان لک پتي بڻجندڙ ۽ قوم جو خير خواهه سڏرائيندڙ انهن قوم دشمن نام نهاد ليڊرن ۽ ڪجهه شر پسند ماڻهن جو سنڌ جو عوام هڪ ڏينهن ضرور گهيراءُ ڪندو ۽ پنهنجن، پراون، خير خواهن ۽ دشمنن جي پرک ڪندي جنهن ڏينهن رڳو سيد جا اهي چيل لفظ ته ”اسان غلام آهيون“ کي سمجهندو ان ڏينهن سنڌ جي حالت تبديل هوندي.

سنڌ جي موجوده حالت بنائڻ ۾ جيترو ڪردار سامراج جو آهي ان کان وڌيڪ پنهنجن غدارن جو به آهي اڄ سائين جي سالگرهه جي خوشي واري ڏينهن تي جيڪڏهن اسان موجوده صورتحال تي نظر وجهنداسين ته پوءِ اسان جي سامهون حقيقتون ڪجهه واضع ٿي اينديون هن وقت حڪمرانن سنڌ جي سخت مخالفت باوجود ٿل ڪئنال جي اڏاوت شروع ڪرائي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تي زور ڏئي رهيا آهن ان ۾ سنڌ جا ڪيترائي غدار پنهنجي اقتدار، ڪوڙي چڱ مڙسي ۽ ڪرسي کي بچائڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪن ٿا جن ۾ شهيد سورهيه بادشاهه، ڪامريڊ عبدالحميد جتوئي جا پٽ سرفهرست نظر اچي رهيا آهن جن جي اهڙي منفي روين ۽ ڪردار تي پوري سنڌي قوم ۽ سنڌ جا سڄڻ حيرت زده ۽ ڪاوڙيل آهن جن جو رد عمل فطري هوندو.

هن وقت سنڌ جي خير خواهن کي پنهنجن غدارن ۽ ٻين سنڌ دشمن عنصرن خلاف جنگ جوٽڻي آهي جنهن جنگ جي شروعات هن ملڪ جي حڪمرانن شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪجهه اهڙا شاطر دماغ به سرگرم آهن جيڪي قومپرستي توڙي سنڌ جي سڄڻائپ جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن جن ۾ متحده قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم ) سرگرم عمل آهي جنهن جي سياست جا بنياد بليڪ ميلنگ تي رهيا آهن. هنن جي ماضيءَ جو ريڪارڊ گواهه آهي ته هنن رڳو اقتدار ۽ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ حڪمرانن سان ٺاهه ڪندي اقتدار جي نشي خاطر سنڌ خلاف هر سازش ۾ ڀاڱيڀائيوار بڻيل رهندا پيا اچن. هينئر ڪالاباغ ڊيم ۽ بلوچستان ۾ آپريشن بابت حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو تازو چتاءُ ساڃاهه وند ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ان بابت ڪجهه اڳواڻ واضع ڪري چڪا آهن ته هنن کي سنڌ جي گورنري واري سيٽ جي مضبوطي ۽ سينٽ جي امڪاني چونڊن ۾ پنهنجي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ اهو ٽوپي ڊرامو ڪيو آهي جيتوڻيڪ هو عام اٻوجهه سنڌ جي ماڻهن کي وقتي طور بيوقوف بنائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن پر سنڌ جا باشعور ماڻهو سندن چالن کي سمجهن ٿا.

تازو سنڌ جي قومپرست پارٽين پاران سنڌ قومي اتحاد جوڙڻ وارو عمل انتهائي وقتائتو ۽ سٺو عمل آهي پر ان ۾ ڪجهه ماڻهن جو ماضي ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ واري ڪردار پڻ شڪ شبها ۽ خدشا پيدا ٿيڻ جي گنجائش ڇڏي آهي خدا ڪري ائين نه ٿئي ته اهي ماڻهو اتحاد کي متاثر نه ڪن ۽ شامل ٿيلن جو سنڌ جي گڏيل مفاد پورو ڪرڻ وارو ايمان برقرار رهي ان حوالي سان فرنٽ اڳواڻ ممتاز ڀٽو بابت اتحاد جي ٺهڻ دوران اخبار ۾ مضمون جي شڪل ۾ خدشو ظاهر ٿيو هو ته هو حڪمرانن کي سنڌ جو پريشر گروپ اتحاد جي شڪل ۾ ڄاڻائي ٻيهر حڪمراني حاصل ڪرڻ خاطر عمل نه ڪري؟ اسان چاهيون ٿا ته خدا ڪري اهو به خدشو عملي شڪل اختيار نه ڪري.

جيڪڏهن سنڌ جي قومپرست پارٽين جو اهو گڏيل سنڌ قومي اتحاد مضبوطي سان هلي طاقتور احتجاجي تحريڪ هلائي ته اهو سنڌ لاءِ هڪ بهتر واٽ ثابت ٿيندو، ڇو ته اها ڳالهه واضع ٿي چڪي آهي ته ڪا به هڪ پارٽي اڪيلي سر سنڌ لاءِ هن وقت ڪو خاص رد عمل يا طاقتور تحريڪ ان وقت تائين نه ٿي هلائي سگهي جيسيتائين سنڌ جي سمورين سنڌ دوست پارٽين ۽ تنظيمن کي گڏ ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي شامل نه ٿو ڪيو وڃي.

پاڪستان جي حڪمران خود 1940 جي ٺهراءَ تي عمل نه ڪندي خاص طور ٽن صوبن جا حق ڦٻائي عوام کي بک بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامني جا عذاب ڏئي ملڪ کي ٽوڙي چڪا آهن هنن لاءِ رڳو هڪ صوبو يعني پنجاب سڀ ڪجهه آهي.

سڄي سنڌ هن وقت به سنڌ دشمن رٿائن خلاف سراپاءَ احتجاج بڻيل آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌ جا سمورا خير خواهه سنڌ دشمن سازشن ۽ عملن خلاف هڪ آواز بلند ڪري سنڌ جي دشمنن سان اکين ۾ اکيون ملائي سنڌ جي خودمختياري واري حيثيت جي بحالي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون جيئن سنڌ جي محسن سائين جي ايم سيد جو سنڌ جي آزادي، خوشحالي ۽ سنڌ کي ذريعو سمجهندي دنيا جي انسانن لاءِ عالمي امن، ڀائيچاريءَ ۽ ترقيءَ جون راهون هموار ڪرڻ وارو خواب پورو ٿي سگهي

MUMTAZ ALI SIDDIQUI

عري سنڌ، جيئي سنڌ، نه کپي پاڪستان نه کپي، ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، ڪالا باغ ڊيم نامنظور، سنڌ جا وسيلا واپس ڪريو. اهي هئا نعرا سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي 7 نومبر تي اسين انهيءَ ڏينهن لکين سنڌي ماڻهو پنهنجي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي هڻي رهيا هئا جڏهن مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي يوم ولادت ۾ باقي هڪ ڏينهن وڃي بچيو هو ڪراچي شهر جنهن جي لاءِ هاڻ عام روايت آهي ته سنڌ جي راجڌاني وارو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ”مائي ڪلاچي“ وارو ڪراچي شهر جيڪو هاڻ سنڌين کان کسجي ڌارين جي حوالي ٿي چڪو آهي انهيءَ شهر جي گهٽي گهٽي وستي ۽ واهڻ 7 نومبر تي ڪهاڙي وارن ڳاڙهن جهنڊن سان سينگاريل هو، ڪراچي شهر جيڪو جلسن جلسون ۽ ريلين جي حوالي سان مشهور آهي هر سياسي پارٽي ڪراچي اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي آهي اتي جي عام ماڻهن کي اها خبر ئي نه هئي ته 7 تاريخي تي هڪ عليحدگي پسند سياسي پارٽي پاڪستان جي تاريخ ۾ طاقت جو وڏي ۾ وڏو مظاهرو ڪرڻ واري آهي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين بشير خان قريشي جي سرواڻي گذريل ٽن هفتن کان سنڌ ڌرتي جي شهر ڪشمور کان ڪراچي تائين هر شهر هر ڳوٺ واهڻ وستي عام جلسن ۽ ڪارنر گڏجاڻين ۾ سنڌي ماڻهن کي هٿ مٿي کڻائي اهو عهد پئي ورتو ته 7 نومبر تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي فريڊم مارچ کي ڪامياب بڻايو وڃي ۽ سنڌي قوم به آخرڪار پنهنجي قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي 7 نومبر تي صبح سوير کان ئي قافلن جي صورت ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪراچي شهر جي گلشن حديد وٽ گڏ ٿي بشير خان جي سرواڻي ۾ مارچ ۾ شرڪت ڪري ملڪ جي واڳ ڌڻين جي وات ۾ آڱريون وجهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، انهيءَ مارچ جنهن کي منتظمين ”آزادي مارچ“ جو نالو ڏنو هو انهيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي انهيءَ جو نظم ۽ ضبط هو جيڪو پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو باقي ماضي ۾ به قومپرستن مارچ ۽ ريليون ڪڍيون جنهن ۾ شديد بدنظمي، بدامني ۽ بدڪلامي جا منظر ڏٺا ويندا هئا جنهن به علائقي مان اها ريلي گذرندي هئي ته اهي علائقا بند ٿي ويندا هئا، قومي اڪابرين کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو هو قومي جهنڊن کي ساڙيو ويندو هو پر 7 نومبر واري ريلي جو هڪ منفرد انداز هو ۽ اهو انداز هو پنهنجي مقصد سان سچو لهڻ جو ۽ سنڌ جي حلالي پٽ ثابت ڪرڻ جو انهيءَ ريلي ۾ نه ڪنهن جو نقصان ٿيو نه ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو ۽ نه ئي ڪنهن جهنڊي کي جلايو ويو انهن سڀني ڳالهين جو سهرو محترم بشير قريشي جي سر وڃي ٿو جنهن جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ بي مثال محنت جي نتيجي ۾ لکين سنڌين جو سمنڊ ڪراچي ۾ اچي پنهنجي آجپي جا نعرا هڻي اڃان ٻين ستل ڌرتي ڌڻين کي اهو پيغام ڏنو ته سنڌيو اٿو وقت اچي ويو آهي پنهنجي ڌرتي پنهنجي پيرن هيٺان کسڪي رهي آهي دشمن سامراج اڪثريت ۾ ايندو پيو وڃي ۽ پاڻ ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن سنڌ جا وڏا شهر اسان کان موڪلاڻي ڪندا پيا وڃن اسان جا ٻيٽ اسان کان وڃن پيا سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ نيلام ڪيون پيون وڃن سنڌ جا سامونڊي علائقا اسان کان کسيا پيا وڃن، سنڌ جا وسيلا سنڌين کان ڦريا پيا وڃن سنڌ جون نوڪريون سنڌين کان وڃن پيون، اڃا به جيڪڏهن سنڌي ستا رهيا ته پوءِ سنڌ جي تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ريلي گلشن حديد کان وڌندي رهي سنڌي عوام گڏ ٿيندو ويو پر چشم تماشا اک هي منظر حيرت سان ڏسندي رهي لکن جي مجموعي جو ڪنهن به ماڻهو سان ڪو سروڪار نه هو جيڪڏهن سروڪار هو ته سنڌ ڌرتي سان هو جنهن جي مڪمل حاصلات لاءِ هو مقدس مقصد کڻي اچي، ”ڪلاچي جي ڪن“ تي فريڊم مارچ ڪري رهيا هئا جڳهه جڳهه تي سي سي پي او ڪراچي وڏا اٽالا مقرر ڪيا هئا پر ڪٿي ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو جتان جتان ريلي گذري ٿي اتي ڪاروبار کليل رهيو صرف ريلي جي رستن تي عام ٽريفڪ بند ڪئي وئي هئي جيڪا اصولي ۽ بنيادي ڳالهه هئي ان ڳالهه مان صاف طور تي لڳي رهيو آهي ته بشير خان قريشي جي شڪل ۾ سنڌي قومپرست کي هڪ بهتر ۽ معتبر قيادت نظر آئي آهي جيڪا سنڌي قوم کي انتشار کان اتحاد جي طرف وٺي آئي آهي ۽ ان جو فڪر ۽ بنياد آهي ته 63 سالن کان سنڌ جي عوام کي غربت افلاس ۽ بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه به ناهي مليو ياد رهي ته عليحدگي پسند تحريڪ جيئي سنڌ جي تحريڪ جي امام سائين جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تحت جڏهن محمد علي جناح جي قيادت هيٺ نئون پاڪستان ٺهيو ته سنڌين اهو سمجهيو ته هاڻ کانئن سامراجين کان آزادي ملي وئي آهي ۽ سنڌ جي مڙني وسيلن ۽ حقن تي انهن جو حق ۽ وسيلو هوندو پر جلدي ئي انهن جون اهي اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ ختم ٿي ويون جڏهن اسلام جي نالي تي پاڪستان قائم ڪري قديم دور کان رهائش پذير سنڌي هندو واڻين کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ۽ سنڌ ڌرتي تي هندستان ۽ بنگلاديش کان آيل مهاجر ”پناهه گير“ ۽ جهادين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ۽ انهن کي سنڌ ڌرتي جون ٻنيون ڏنيون ويون ۽ انهن کي سنڌ جي روزگار جو مالڪ بڻايو ويو ۽ فوجي جنرلن کي تحفي ۾ سنڌ جون ٻنيون ۽ وسيلا ڏيئي برمي بنگالي، بهاري ۽ افغاني آباد ڪيا ويا ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌ سان اڃا تائين اهو ورتاءُ جاري آهي. ماضي ۾ سنڌ جا ماروئڙا وفاق پرست پارٽين جي چڪر ۾ اچي هن وقت تائين پاڻ ڦرايو آهي ۽ سنڌ جي ڦرلٽ ۾ وفاق جو وڏو هٿ آهي انهن وفاق پرستن سنڌ کان پنهنجون زمينون، وسيلا، ٻيٽ، سمنڊ ۽ مالڪي کسي آهي سنڌي ماڻهن جي اڄ اها حالت آهي جو ٻه ويلا ماني به انهن کي مس نصيب ٿئي ٿي ۽ سنڌي مفلسي ۽ غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري روزانه خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ پنهنجا ٻچا ڪڇ ۾ کڻي شهرن جر روڊ رستن تي اچي اهي هوڪا ڏيئي رهيا آهن ته ٻار برائي فروخت، هينئر جديد ڪمپيوٽر کان به اڳتي جي دور جي سنڌ ڌرتي جي اصل ڌڻين جي اها ڪٿا آهي. سنڌ سامراج انسان دشمن ۽ سنڌ دشمن آهي، اسلحو، ايٽمي قوت ۽ مذهبي لشڪر ڪشي جي ذريعي دهشتگردي جا منصوبا بڻائي رهيو آهي ۽ باقي بچيل سنڌ تي به قبضي جا سانباها ٿي رهيا آهن جنهن جو تازو مثال ضلعي ٺٽي ۾ ذوالفقار آباد شهر اڏڻ آهي جنهن سان سنڌين کي ڪوبه لاڀ نه ملندو ۽ ان ذوالفقار آباد تي سامراجي سازش تحت ڌاريا آباد ڪيا ويندا، جنهن لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي اهو ئي سبب هو جو سنڌ جو سپوت محترم بشير خان قريشي اهي سڀ اونا ۽ ڳالهيون ذهن ۾ رکي سنڌي قوم ۾ اميد ساري ستل سنڌين کي جاڳائڻ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جا طوفاني دورا ڪري سنڌي قوم کي هٿ ٻڌي سنڌ بچائڻ ۽ 7 نومبر تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي فريڊم مارچ ۾ شريڪ ٿي سنڌ کي 1843 واري پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪيو وڃي هن چيو ته 63 سالن کان ڦرلٽ وارو سلسلو اڃا تائين جاري آهي پنجاب سامراج سنڌو تي مختلف ڊيم اڏي سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌ کان ريگستان بڻائڻ چاهي ٿو هن وڌيڪ چيو ته اڄ سنڌ جي غلامي واري حالت ۾ ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي اسين هزارن سالن کان الڳ قوم آهيون آجپو اسان جو بنيادي حق آهي ان لاءِ هن ڌرتي کي آجپو ڏياري دنيا جي امن جو مرڪز بڻائينداسين هن چيو ته سامراج 1983ع ۽ 1986ع ۾ ايم آر ڊي، تحريڪ ٺوڙي ڦاٽڪ سانحو، شاهبندر سانحو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، جي قتل کان وٺي شهيد سميع الله ڪلهوڙو ۽ مشتاق خاصخيلي جي قتل جي صورت ۾ سنڌ کي تحفا ڏنا آهن هن وڌيڪ چيو ته سنڌ 16 سئو ارب رپيا وفاق کي هر سال ڏي ٿي بدلي ۾ سنڌ کي 4 سئو ارب رپيا ملن ٿا. بدلي ۾ مرڪز سنڌ کي ڪجهه به نٿو ڏئي اهڙي طريقي سان خوش اصلوبي سان فريڊم مارچ جو اختتام ٿيو، انهيءَ فريڊم مارچ اصل واڳ ڌڻين تي ڪهڙو پيغام پهچايو اها الڳ شئي آهي، باقي ايترو ضرور ٿيو جو ٻي ڏهاڙي سنڌ پرڳڻي جي وزير اعليٰ قائم علي شاهه حيدرآباد ۾ اهوبيان صحافين کي ڏنو ته قوم پرستن سان ڳالهايون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ قومپرستن کي دل سان لڳائڻ لاءِ به تيار آهيون هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومپرست ڌريون پاڻ ۾ ويڇا وساري هڪ ٿين ۽ جيڪي آدرشي ماڻهو پارٽين مان ڪڍيا ويا آهن يا نڪري ويا آهن انهن سان اختلاف ختم ڪري انهن کي پاڻ سان گڏ شال ڪجي ته جيئن قومي تحريڪون ڪاميابي ماڻي سگهن پويان، 46 ڏينهن جو ڪيل لانگ مارچ به پليجي صاحب جي رهنمائي ۾ ڪراچي پهچڻ وارو آهي اميد آهي ته اهو لانگ مارچ به بشير خان جي مارچ وانگر ڪامياب ٿيندو ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ اونداهي مان نڪري روشني جي طرف ايندي

Monday, April 26, 2010

SINDHU DESH

Sunday, April 18, 2010

Sain Ghulam Murtaza Shah(GM SYED)

جڏھن ساڍن ستن سالن جي قيد ۽ نظربنديءَ بعد مون کي پاڪستان سرڪار ٻاھر گھمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏني ته گھڻي غور ۽ فڪر بعد ملڪي سياست کان مون ھيٺين سببن ڪري ڪنارہ ڪشي ڪري طريقت (ڪلچر) جي راھه ۾ خدمت ڪرڻ جو ارادو ڪرو.
(1) ملڪي حالات سياسي طرح اھڙي ڪڙيءَ تي بيٺل ھئا جو انھن جي قائم رھندي سياست ذريعي ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ڪري سگھڻ کان مجبور ھئاسون.
(2) گذشته چاليھن سالن جي سياسي زندگيءَ ۾ تجربي بعد معلوم ٿيو ھو ته:
(الف) عوام ۾ قومي شعور پيدا ٿي نه سگھيو ھو.
خواص ۾ خود مطلبي، قوم فروشي، نفاق، بزدلي ۽ فرض ناشناسي جون عادتون گھر ڪري ويل ھيون.
سنڌ جي سياسي خودارادي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي راھه رڪاوٽون پئجي ويون ھيون، جي ظاھري طرح نه آئيني طور ڇاڪاڻ ته اسان اقليت ۾ ھئاسون ۽ نه غير آئيني طور دور ڪري سگھياسون ٿي جو نه اتحاد، نه قومي شعور ۽ نه ھمت ھئيسون. ان ڪري سياسي خلفشارن کان ڪنارہ ڪش ٿي عوام ۾ اصلاح نفس، قومي شعور، اخلاقي درستي، حب الوطني، ايثار ۽ پراپڪاري جي پيدا ڪرڻ لاءِ بزم صوفيائي سنڌ جو بنياد وجھي ڪانفرنسون ڪوٺائي مذڪوره بالا مقصدن لاءِ پرچار ڪرڻ شروع ڪيوسون.
ان جي پروگرام ۾ ھڪ جزو اھو به ھو ته سنڌ جي گذريل قومي سورمن جي زندگيءَ جي قربانين جو احوال لکي نوجوانن کي سندن شاندار ماضيءَ جي ڪارنامن کان واقفيت لاءِ پيش ڪيو وڃي. ان ڪم جي سرانجاميءَ جو ڪم مختلف اصحاب تي رکيل ھو، پر بزم صوفيائي سنڌ جي تعليم کي ملڪي امن لاءِ خطرناڪ سمجھي حڪومت طرفان مون تي جولاءِ 1967ع کان دوبارہ نظربنديءَ جو حڪم جاري ڪيو ويو، ان ڪري ھڪ جاءِ تي ويھڻ سبب مون کي وقت ملي ويو ته ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ننڍڙو پمفليٽ سنڌ جي آزادي، آزاد خيالي، عزت ۽ ناموس لاءِ قربان ٿيندڙ پنجن شھيدن جي حياتيءَ تي لکي ناظرينن جي خدمت ۾ پيش ڪريان.

Thursday, April 15, 2010

SHAHEED IRFAN MEHDI

SHAHEED IRFAN MAHDI






Wednesday, April 14, 2010

JAAG SINDHI JAG( DESHI BALOUCH)

SATH HALANDO RAHEY LAAT BARANDI RAHAY

DHARTI JA ZANJEER BY MANZOOR SAKHIRANI

AZADI JO NARO

AZADI COLLERCTION

Thursday, April 8, 2010

HEMU KALANI

هيمون ڪالاڻي

JSQM SHIKARPUR طرفان


سنڌ جي سلامتيءَ ۾ جن سورمن پنهنجي دور ۾ همٿ ڀريو ۽ داد لائق ڪردار ادا ڪيو آهي هيمون ڪالاڻي به انهن مان هڪ آهي. هيمو ڪالاڻي جو جنم 11 مارچ تي پراڻي سکر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو.

هيمون ڪالاڻي

جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو.

اها 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو. هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو.

لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس. هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، 21 جنوري 1943ع ڌاري هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا نابالغ هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي.

نوٽ: سنڌ جي موجوده نصابي ڪتابن ۾ هيمون ڪالاڻي جي ذڪر کان لنوايو ويو آهي. سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا سورما ۽ سورهيه ٺاهي پيش ڪيا ويا آهن. سنڌ جي علم گاهن ۾ سيکاريو پيو وڃي ته هزارين ميل پري کان پنڌ ڪري آيل ڦورو ۽ لٽيرو محمد بن قاسم سورمو آهي ۽ پنهنجي ديس جي دفاع ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويندڙ راجا ڏاهر جهنم جو حقدار آهي!

Saturday, April 3, 2010

Freedom Fighter - Hemu Kalani

Hemu Kalani belongs to that rare band of revolutionaries and martyrs whose

indomitable spirits brook no resistance, for whom tortures of imprisonment have

no meaning and death holds no terror. Hemu Kalani was so happy in his readiness to

make the supreme sacrifice for the liberation of his motherland, that he gained weight

during the last days which is most unusual for a prisoner condemned to die. While marching

to the gallows, he consoled his distressed mother by reminding her of her earlier teachings of

gita regarding the indestructibility of soul. So strong was his patriotic zeal that he pledged his

next life also to the cause of India's Freedom.

Hemu Kalani was born at Sukkur in Sind (now in Pakistan), on 23rd March, 1923.

He was the son of late Shri Pesumal Kalani and Smt. Jethi Bai. He was brave and patriotic

right from his childhood.Even at the age of 7, he used to lead the bous of his locality with the

tri-colour in his hands along with his friends, he used to plead for boycotting all foreign goods and used

to plead for boycotting all foreign goods and used to take an active part in persuading people to

use Swadeshi goods. He was soon drawn to revolutionary activates and started participating in

acts of terrorism for the sake of driving away the British. He was always leading in raids and in

burning of vehicles belonging to the oppressors.

In 1942, When Mahatma Gandhi gave the call 'Quit India' and the slogan 'Do or Die',

Hemu Kalani also joined the mass movement. There was such active participation from the

people of Sind Province in this movement that the British rulers had to send special troops

consisting of European batallions. When Hemu Kalani came to know that these troops and the

ammunition would be arriving in sind by a railway train passing through his town, he decided to

detail the train by removing the fishplates from the railway track. He and his friends were severely

handicapped in not having any tools for loosening the nuts and bolts and for removing the fishplates.

Time was also against them. Hemu, however, did not give up. HE inspired his friends to loosen the nuts

and bolts with the help of indigenous ropes and they started on this job. However, before they could

complete it, they were seen by the British troops and Hemu, in his Effort to save his friends, was caught.

He was imprisoned and tortured to give out the names of his friends but he stubbornly refused to

divulge any information. He was tried under the then prevailing miracle law and sentenced to deth.

People of Sind petitioned for mercy to the to the viceroy but the death sentence was upheld,

un bless Hemu turned an approver and gave information regarding his fellow resolutionaires.

There was no question of Hemu's accepting these conditions and he welcomed the impending

death most cheerfully. This young freedom fighter and revolutionary was hung on 21stst Jan. 1943.

Hemu's is an example of unflinching courage and devotion to his motherland. He participated in Mahatma

Gandhi's movements and at the same time, took recourse to terrorist activities also to drive away

the foreigners who were keeping India captive. The names of patriots like Hemu Kalani would always

be remembered fondly while studying the history of India's Freedom Struggle.

(The above text is based on material published elsewhere and/or supplied by the sponsors).

Indian Posts and Telegraphs Department is privileged to issue a commemorative stamp in the

memory of this great martyr

QOUMI TARANO

Thursday, April 1, 2010

NEW WALL PHOTOS