Showing posts with label FREEDOM MARCH. Show all posts
Showing posts with label FREEDOM MARCH. Show all posts

Wednesday, April 28, 2010

سيد جي فڪر آزادي ماڻي آهي

ڪراچي ۾ جسقم پاران ٿيل آزادي مارچ ۽ عوامي تحريڪ جو نڪتل لانگ مارچ ۽ هر روز رياست خلاف ٿيندڙ احتجاجن سڄي دنيا آڏو اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ت سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي سمورن دردن جي دوا آهي.هي ملڪ جنهن جو وجود ئي غلط ۽ فرسودا ٻ قومي نظرئي تي پيل آهي ان ملڪ جو هلڻ ناممڪن آهي.مذهب جي نالي تي وجود آيل دنيا اندر ٻ ملڪ آهن هڪ اسرائيل ۽ ٻيو پاڪستان ۽ ٻئي ملڪ دنيا جي امن لا۽ خطرو بڻيل آهن.
پاڪستان اندر قومن جي حقن جي پائمالي ڪا نئي ڳاله ناهي،سنڌ جيڪا صدين کان آباد آزاد رهندي آئي آهي ان سنڌ جي حالت مسلسل غلامي ۾ رهڻ جي ڪري تمام نازڪ آهي.
سنڌ ۾ ٻ سياسي مرڪز ليکيا ويندا آهن هڪ لاژڪاڻو ۽ ٻيو سن.
لاژڪاڻي جو ڀٽو خاندان پاڪستان کي بچائڻ جي جستجو م پنهنجي خاندان کي وڃائي ويٺو آهي ۽ پاڪستان جي واڳ ڌڻين پنجابين جي سازشن ۽ حملن جو شڪار ٿيندي شهادتون ماڻيون آهن بئي طرف سن جو سيد آهي جنهن سنڌ خاطر، سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڪري سڄي زندگي جيلن ٽارچر سيلن ۽ نظربندين ۾ گذاري پر سن جي سيد اها ڳاله واضح چئي ت پاڪستان ۾ سنڌ جو رهڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي. وقت جي ويرن ثابت ڪيو ت لاڙڪاڻي جي ڀٽن جيڪا جنگ وڙهي اها ڌارين لا۽ وژهي ۽ جن جو هنن ساٿ ڏنو ان پنجاب ئي ڀٽو خاندان کي ختم ڪرائي ڇڏيو.پر سن واري سيد جو فڪر اڄ ب سچ ۽ حقيقت بڻجي هر سنڌي جي دلين ۾ سمائجي چڪو آهي.
انهي ڳاله کان ڪو ب انڪار نٿو ڪري ت سيد جي فڪر فتح ماڻي آهي پر قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اهو ضرور چوندس ت سيد جا خواب جا ساڀيان ن ٿيڻ ۾ قصوروار اسان قومي ڪارڪن ۽ اسان جا قومپرست ليڊر ضرور آهن.
سيد هڪ نرسري طور ڪم ڪيو هن سياسي ليڊر ب ٺاهيا ت شاعر ب پيدا ڪيا ت هن سنڌ جي ادب جي واڌ ويجه لا۽اديبن جو لڏو ب تيار ڪيو.
سيد اهو ڪمانڊر هو جنهن سنڌ جي سلامتي جي جنگ ۾ هر هٿيار استعمال ڪيو.
اڄ هجرت ڪري آيل مهاجر هڪ تنظيم هئڻ ڪري منظم آهن پر اسان ڌرتي ڌڻي سيد جي فڪر جا وارث گروپن مختلف پارٽين جي روپن م هڪ ٻئي کان الڳ الڳ آهيون.مون ان جي سببن تي سوچڻ بعد اهو نتيجو ڪڍيو ت قومي تحريڪ جي منظم ۽ مضبوط ن هئڻ جو مک سبب اسان ۾ خوف ۽ لالچ جو هئڻ آهي.ٻيو ت وڏي عرصي کان سنڌ جي نئين قومپرست قيادت جي اچڻ جو سلسلو رڪيل آهي. ڪو ب گهر جو وڏو اها قرباني ڏيڻ لا۽ تيار ناهي ت هو پنهنجي پٽ کي قومي تحريڪ ۾ وڃڻ جي دل سان اجازت ڏي ت جئين هو بنا ڪنهن خوف جي نسلن جا جنگ وڙهي سهگي.اهو ئي سبب آهي ت ڪرمنل يا گهٽ پڙهيل ماڻهو قومي تحريڪ جون واڳون سنڀالي ويهي رهيا ۽ مسلسل اهي ئي قيادت ڪندا اچن پيا اها پارٽي ورڪرن تي فيصلا مڙهي ۽ پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪري پارٽين کي ٽڪرن م ورهائي چڏيو آهي.
گذريل 10 سالن ۾ سنڌ جي نوجوان طبقي مان ڪو ب اهڙو ڪردار سامهون ناهي آهيو جنهن ڪنهن پارٽي جي قيادت سنڀالي هجي يا هو پنهنجي شعور يا ڏاهپ جي بنياد تي پارٽي کي ان ليول تي کڻي ويو آهي جتي قومي تحريڪ کي هجڻ گهرجي.
سنڌ هن وقت ڏکئي مرحلي مان پار پئي گذري.روزگار،وسيلا.شهر.پاڻي ڪاروبار هر شئي کسجي پئي يا کسجي چڪي آهي پر سنڌ جا نوجوا ڌرتي جي بچا۽ لا۽ سرن سان ڪفن بڌي نٿا نڪرن،
۽ سنڌ اهڙي نازڪ دور مان گذري پئي پر سنڌ جا ليڊر ۽ پارٽيون اڃان نظرياتي ويڇا رکي ويٺا آهن گڏجن نٿا. هن وقت سنڌ جو ماڻهو پاپي پاڪستان مان جان آجي ڪرائڻ لا۽ روڊن تي نڪتل آهي.پر سنڌي قوم جي رياست خلاف ان ڪاوڙ کي صحيح ڊائريڪشن ۾ کڻي وڃڻ جو ڪم قومپرستن جو آهي.
سنڌ جي نوجوانن کي منهنجي اها اپيل آهي ت نوڪرين لا۽ درن تي ڌڪا کائي کائي توهانجي اندر ۾ بغاوت جي ٻريل شعلن کي قومي تحريڪ ۾ڻ ڪتب آڻيو.۽ سنڌ جا جوان اڳتي اچي قومي تحريڪ جو واڳون سنڀالين ت جئين سيد جي تخيل واري سنڌ جي آزادي کي ممڪن بڻائي سگهون.

بشير آريسر

MUMTAZ ALI SIDDIQUI

عري سنڌ، جيئي سنڌ، نه کپي پاڪستان نه کپي، ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، ڪالا باغ ڊيم نامنظور، سنڌ جا وسيلا واپس ڪريو. اهي هئا نعرا سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي 7 نومبر تي اسين انهيءَ ڏينهن لکين سنڌي ماڻهو پنهنجي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي هڻي رهيا هئا جڏهن مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي يوم ولادت ۾ باقي هڪ ڏينهن وڃي بچيو هو ڪراچي شهر جنهن جي لاءِ هاڻ عام روايت آهي ته سنڌ جي راجڌاني وارو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ”مائي ڪلاچي“ وارو ڪراچي شهر جيڪو هاڻ سنڌين کان کسجي ڌارين جي حوالي ٿي چڪو آهي انهيءَ شهر جي گهٽي گهٽي وستي ۽ واهڻ 7 نومبر تي ڪهاڙي وارن ڳاڙهن جهنڊن سان سينگاريل هو، ڪراچي شهر جيڪو جلسن جلسون ۽ ريلين جي حوالي سان مشهور آهي هر سياسي پارٽي ڪراچي اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي آهي اتي جي عام ماڻهن کي اها خبر ئي نه هئي ته 7 تاريخي تي هڪ عليحدگي پسند سياسي پارٽي پاڪستان جي تاريخ ۾ طاقت جو وڏي ۾ وڏو مظاهرو ڪرڻ واري آهي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيئرمين بشير خان قريشي جي سرواڻي گذريل ٽن هفتن کان سنڌ ڌرتي جي شهر ڪشمور کان ڪراچي تائين هر شهر هر ڳوٺ واهڻ وستي عام جلسن ۽ ڪارنر گڏجاڻين ۾ سنڌي ماڻهن کي هٿ مٿي کڻائي اهو عهد پئي ورتو ته 7 نومبر تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي فريڊم مارچ کي ڪامياب بڻايو وڃي ۽ سنڌي قوم به آخرڪار پنهنجي قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي 7 نومبر تي صبح سوير کان ئي قافلن جي صورت ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪراچي شهر جي گلشن حديد وٽ گڏ ٿي بشير خان جي سرواڻي ۾ مارچ ۾ شرڪت ڪري ملڪ جي واڳ ڌڻين جي وات ۾ آڱريون وجهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، انهيءَ مارچ جنهن کي منتظمين ”آزادي مارچ“ جو نالو ڏنو هو انهيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي انهيءَ جو نظم ۽ ضبط هو جيڪو پهريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو باقي ماضي ۾ به قومپرستن مارچ ۽ ريليون ڪڍيون جنهن ۾ شديد بدنظمي، بدامني ۽ بدڪلامي جا منظر ڏٺا ويندا هئا جنهن به علائقي مان اها ريلي گذرندي هئي ته اهي علائقا بند ٿي ويندا هئا، قومي اڪابرين کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو هو قومي جهنڊن کي ساڙيو ويندو هو پر 7 نومبر واري ريلي جو هڪ منفرد انداز هو ۽ اهو انداز هو پنهنجي مقصد سان سچو لهڻ جو ۽ سنڌ جي حلالي پٽ ثابت ڪرڻ جو انهيءَ ريلي ۾ نه ڪنهن جو نقصان ٿيو نه ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو ۽ نه ئي ڪنهن جهنڊي کي جلايو ويو انهن سڀني ڳالهين جو سهرو محترم بشير قريشي جي سر وڃي ٿو جنهن جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ بي مثال محنت جي نتيجي ۾ لکين سنڌين جو سمنڊ ڪراچي ۾ اچي پنهنجي آجپي جا نعرا هڻي اڃان ٻين ستل ڌرتي ڌڻين کي اهو پيغام ڏنو ته سنڌيو اٿو وقت اچي ويو آهي پنهنجي ڌرتي پنهنجي پيرن هيٺان کسڪي رهي آهي دشمن سامراج اڪثريت ۾ ايندو پيو وڃي ۽ پاڻ ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن سنڌ جا وڏا شهر اسان کان موڪلاڻي ڪندا پيا وڃن اسان جا ٻيٽ اسان کان وڃن پيا سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ نيلام ڪيون پيون وڃن سنڌ جا سامونڊي علائقا اسان کان کسيا پيا وڃن، سنڌ جا وسيلا سنڌين کان ڦريا پيا وڃن سنڌ جون نوڪريون سنڌين کان وڃن پيون، اڃا به جيڪڏهن سنڌي ستا رهيا ته پوءِ سنڌ جي تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ريلي گلشن حديد کان وڌندي رهي سنڌي عوام گڏ ٿيندو ويو پر چشم تماشا اک هي منظر حيرت سان ڏسندي رهي لکن جي مجموعي جو ڪنهن به ماڻهو سان ڪو سروڪار نه هو جيڪڏهن سروڪار هو ته سنڌ ڌرتي سان هو جنهن جي مڪمل حاصلات لاءِ هو مقدس مقصد کڻي اچي، ”ڪلاچي جي ڪن“ تي فريڊم مارچ ڪري رهيا هئا جڳهه جڳهه تي سي سي پي او ڪراچي وڏا اٽالا مقرر ڪيا هئا پر ڪٿي ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو جتان جتان ريلي گذري ٿي اتي ڪاروبار کليل رهيو صرف ريلي جي رستن تي عام ٽريفڪ بند ڪئي وئي هئي جيڪا اصولي ۽ بنيادي ڳالهه هئي ان ڳالهه مان صاف طور تي لڳي رهيو آهي ته بشير خان قريشي جي شڪل ۾ سنڌي قومپرست کي هڪ بهتر ۽ معتبر قيادت نظر آئي آهي جيڪا سنڌي قوم کي انتشار کان اتحاد جي طرف وٺي آئي آهي ۽ ان جو فڪر ۽ بنياد آهي ته 63 سالن کان سنڌ جي عوام کي غربت افلاس ۽ بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه به ناهي مليو ياد رهي ته عليحدگي پسند تحريڪ جيئي سنڌ جي تحريڪ جي امام سائين جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تحت جڏهن محمد علي جناح جي قيادت هيٺ نئون پاڪستان ٺهيو ته سنڌين اهو سمجهيو ته هاڻ کانئن سامراجين کان آزادي ملي وئي آهي ۽ سنڌ جي مڙني وسيلن ۽ حقن تي انهن جو حق ۽ وسيلو هوندو پر جلدي ئي انهن جون اهي اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ ختم ٿي ويون جڏهن اسلام جي نالي تي پاڪستان قائم ڪري قديم دور کان رهائش پذير سنڌي هندو واڻين کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ۽ سنڌ ڌرتي تي هندستان ۽ بنگلاديش کان آيل مهاجر ”پناهه گير“ ۽ جهادين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ۽ انهن کي سنڌ ڌرتي جون ٻنيون ڏنيون ويون ۽ انهن کي سنڌ جي روزگار جو مالڪ بڻايو ويو ۽ فوجي جنرلن کي تحفي ۾ سنڌ جون ٻنيون ۽ وسيلا ڏيئي برمي بنگالي، بهاري ۽ افغاني آباد ڪيا ويا ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سنڌ سان اڃا تائين اهو ورتاءُ جاري آهي. ماضي ۾ سنڌ جا ماروئڙا وفاق پرست پارٽين جي چڪر ۾ اچي هن وقت تائين پاڻ ڦرايو آهي ۽ سنڌ جي ڦرلٽ ۾ وفاق جو وڏو هٿ آهي انهن وفاق پرستن سنڌ کان پنهنجون زمينون، وسيلا، ٻيٽ، سمنڊ ۽ مالڪي کسي آهي سنڌي ماڻهن جي اڄ اها حالت آهي جو ٻه ويلا ماني به انهن کي مس نصيب ٿئي ٿي ۽ سنڌي مفلسي ۽ غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري روزانه خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ پنهنجا ٻچا ڪڇ ۾ کڻي شهرن جر روڊ رستن تي اچي اهي هوڪا ڏيئي رهيا آهن ته ٻار برائي فروخت، هينئر جديد ڪمپيوٽر کان به اڳتي جي دور جي سنڌ ڌرتي جي اصل ڌڻين جي اها ڪٿا آهي. سنڌ سامراج انسان دشمن ۽ سنڌ دشمن آهي، اسلحو، ايٽمي قوت ۽ مذهبي لشڪر ڪشي جي ذريعي دهشتگردي جا منصوبا بڻائي رهيو آهي ۽ باقي بچيل سنڌ تي به قبضي جا سانباها ٿي رهيا آهن جنهن جو تازو مثال ضلعي ٺٽي ۾ ذوالفقار آباد شهر اڏڻ آهي جنهن سان سنڌين کي ڪوبه لاڀ نه ملندو ۽ ان ذوالفقار آباد تي سامراجي سازش تحت ڌاريا آباد ڪيا ويندا، جنهن لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي اهو ئي سبب هو جو سنڌ جو سپوت محترم بشير خان قريشي اهي سڀ اونا ۽ ڳالهيون ذهن ۾ رکي سنڌي قوم ۾ اميد ساري ستل سنڌين کي جاڳائڻ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جا طوفاني دورا ڪري سنڌي قوم کي هٿ ٻڌي سنڌ بچائڻ ۽ 7 نومبر تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي فريڊم مارچ ۾ شريڪ ٿي سنڌ کي 1843 واري پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪيو وڃي هن چيو ته 63 سالن کان ڦرلٽ وارو سلسلو اڃا تائين جاري آهي پنجاب سامراج سنڌو تي مختلف ڊيم اڏي سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌ کان ريگستان بڻائڻ چاهي ٿو هن وڌيڪ چيو ته اڄ سنڌ جي غلامي واري حالت ۾ ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي اسين هزارن سالن کان الڳ قوم آهيون آجپو اسان جو بنيادي حق آهي ان لاءِ هن ڌرتي کي آجپو ڏياري دنيا جي امن جو مرڪز بڻائينداسين هن چيو ته سامراج 1983ع ۽ 1986ع ۾ ايم آر ڊي، تحريڪ ٺوڙي ڦاٽڪ سانحو، شاهبندر سانحو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، جي قتل کان وٺي شهيد سميع الله ڪلهوڙو ۽ مشتاق خاصخيلي جي قتل جي صورت ۾ سنڌ کي تحفا ڏنا آهن هن وڌيڪ چيو ته سنڌ 16 سئو ارب رپيا وفاق کي هر سال ڏي ٿي بدلي ۾ سنڌ کي 4 سئو ارب رپيا ملن ٿا. بدلي ۾ مرڪز سنڌ کي ڪجهه به نٿو ڏئي اهڙي طريقي سان خوش اصلوبي سان فريڊم مارچ جو اختتام ٿيو، انهيءَ فريڊم مارچ اصل واڳ ڌڻين تي ڪهڙو پيغام پهچايو اها الڳ شئي آهي، باقي ايترو ضرور ٿيو جو ٻي ڏهاڙي سنڌ پرڳڻي جي وزير اعليٰ قائم علي شاهه حيدرآباد ۾ اهوبيان صحافين کي ڏنو ته قوم پرستن سان ڳالهايون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ قومپرستن کي دل سان لڳائڻ لاءِ به تيار آهيون هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومپرست ڌريون پاڻ ۾ ويڇا وساري هڪ ٿين ۽ جيڪي آدرشي ماڻهو پارٽين مان ڪڍيا ويا آهن يا نڪري ويا آهن انهن سان اختلاف ختم ڪري انهن کي پاڻ سان گڏ شال ڪجي ته جيئن قومي تحريڪون ڪاميابي ماڻي سگهن پويان، 46 ڏينهن جو ڪيل لانگ مارچ به پليجي صاحب جي رهنمائي ۾ ڪراچي پهچڻ وارو آهي اميد آهي ته اهو لانگ مارچ به بشير خان جي مارچ وانگر ڪامياب ٿيندو ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ اونداهي مان نڪري روشني جي طرف ايندي