Showing posts with label POETRY WALLS. Show all posts
Showing posts with label POETRY WALLS. Show all posts

Thursday, June 3, 2010

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!


مون جهانگيئڙن سان لنو لڳائي،


تو جهوپن کي آ باهه لڳائي،


تون ويري آن تون ظالم آن،


تنهنجي منهنجي پريت نه ڪائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون ڌرتي کي آ ماءُ مڃيو،


تو ڌرتي جي ٻچڙن کي ڪکيو،


تنهنجو منهنجو ڇا جو سڱ،


تو بنجي ڀاءُ آ مونکي ٺڳيو.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون جا امن جي جوت جلائي،


پنهنجي نگري خوب وسائي،


تون خون خرابي جي اُن تي،


ڄاڻي واڻي راند رچائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون ڌرتي سان پريت لڳائي،


تنهنجي دل دولت للچائي،


مون ۾ تو ۾ فرق اهوئي،


مون ۾ سچائي تو ۾ ٻيائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!.



دودو بنجي مان ڪاهيندس،


تنهنجا محلا سڀ ڊاهيندس،


ظالم تو کان وير سڀ واري،


تو کي ماري دم ساهيندس،



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ

جوت جلندي رهي، لاٽ ٻرندي رهي

جوت جلندي رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نعرا هڻندا هلو، تات پلندي رهي.


ڌرتي جي غدارن تي، لعنت وسندي رهي،

پليت سارن سان، جنگ هلندي رهي.


سدا سنڌؤ جو ڳاٽ هر دم اونچو رهي،

پريت پنهوارن سان، سدا وڌندي رهي.


عشق جو سلسلو هي جاري رهي،

روح منجهه باک اها ڦٽندي رهي.


”نرمل“ قرض جيجل جو سر ڏئي لاهبو،

کوهارا آڳ من اندر اها تپندي رهي.

Monday, April 26, 2010

SINDHU DESH