Thursday, June 3, 2010

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ

ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!


مون جهانگيئڙن سان لنو لڳائي،


تو جهوپن کي آ باهه لڳائي،


تون ويري آن تون ظالم آن،


تنهنجي منهنجي پريت نه ڪائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون ڌرتي کي آ ماءُ مڃيو،


تو ڌرتي جي ٻچڙن کي ڪکيو،


تنهنجو منهنجو ڇا جو سڱ،


تو بنجي ڀاءُ آ مونکي ٺڳيو.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون جا امن جي جوت جلائي،


پنهنجي نگري خوب وسائي،


تون خون خرابي جي اُن تي،


ڄاڻي واڻي راند رچائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!



مون ڌرتي سان پريت لڳائي،


تنهنجي دل دولت للچائي،


مون ۾ تو ۾ فرق اهوئي،


مون ۾ سچائي تو ۾ ٻيائي.



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ!.



دودو بنجي مان ڪاهيندس،


تنهنجا محلا سڀ ڊاهيندس،


ظالم تو کان وير سڀ واري،


تو کي ماري دم ساهيندس،



ڌرتي جا غدار ٻڌي ڇڏ

0 comments:

Post a Comment